Friday 2 September 2022

Sindh in history today (3rd September). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (3rd September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ********* EVENTS 1832: Colonel Pottenger sends letter to Lieutenant Colonel Litchfield, Commanding Sindh Force advising him some ways and means for taking action against free booters of Parkar. Provides him some contact so as to get help/information/cooperation during expedition and informing him that strength of the enemy was estimated at 2000 fighting men and the Khosas were adherents of the Kalhora Rulers and will not bow before Talpurs are our Force and can give tough fight during expedition. That Meanas, who formed the most infamous body of Parkar robbers, lived in Wands –temporary villages along the Northern edge of Parkar. (Source: letter No.164). This may kindly be noted that Thar and Parkar remained burning places for East India Company Government. Though, some of people were involved in criminal activities, but most of people like Khosas, Thakurs and Means gave tough time to the East India Company Government to make way for entering in Sindh. It is still untold history of our freedom movement. 1843: Government of India approves the orders of Sindh Governor that the allowances of Deputy Collectors be Rs. 700 without any special remuneration when travelling. It is also advised that uncontrolled authority of the Kardars [Mukhtyarkars] be checked properly. (Source: letter No.353). 1844: Government of India replies to the complaint made by Sindh Governor, Sir Charles Napier against Lt. Colonel Outram. The Governor is told that Outram’s conduct and his own had been placed in the hands of Government and in those of the highest authorities in England. (Source: letter of dated 3rd Sept.1844). 1921: ‘Gujrati Literary Society’, formed recently organises lecture program in the D.J.Sindh College where Professor Tridev delivers lecture on the history of Gujrati Literature. 1922: Local Khilafat Committee holds public meeting at Shah Jo Goth near Naudero. Moulvi Khuda Bux presided over the function. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1955: For the first time people will use Sui gas. Supply to Karachi starts. (Source: Newspapers). 1964: Urdu is made official language by the Punjab University. (Source: ibid). 1971: 144 members of the East Pakistan Provincial Assembly and 44 High ranking officers from East Pakistan are asked to appear before Military Court. (Source: Newspapers). 1977: Z.A.Bhutto, ex-President, Prime Minister and Chief Martial Law Administrator is arrested in the Nawab Muhammad Ahmad murder case. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). ( 3 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 3.9.1832: فرنگي, سندن جاسوس ۽ واپاري ٿرپارڪر ۽ اوڀر سنڌ کان زميني رستي ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. کوسن ۽ ٺاڪرن من سنڌ دوست ۽ ڪن ڦورو ماڻھن ھنن کي ڦريندا هئا ته جيئن فرنگي ۽ سندن ڪارندا سنڌ ۾ پير نه پائن. کوسا سنڌ جي سابق حڪمرانن ڪلهوڙن جا شيدائي هئا ۽ هنن تي ٽالپورن جو ايترو حڪم نه هلندو هو. فرنگين ۽ سندن ماڻھن کي ڦرڻ جا واقعا وڌي ويا ته ڪرنل پاٽينجر مير حڪمرانن کي مڃرائي ورتو ته کوسن ۽ ٺاڪرن خلاف فرنگي فوجي آپريشن ڪن. پاٽينجر کي سندس سرڪار به اهڙي اجازت ڏني ۽ کيس فوجي مهم جو اڳواڻ مقرر ڪيو. پاٽينجر اڄ سنڌ ۾ موجود فرنگي فوج جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل لچفيلڊ کي کوسن ۽ ٺاڪرن خلاف فوجي آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٻڌايو/صلاح ڏني ته کوسن ۽ ٺاڪرن جي ويڙهاڪن جو تعداد ٻن هزار ماڻھن کان مٿي به ٿي سگهي ٿو ۽ اسان جي سرڪار خواه ميرن جي چوڻ تي انھئ پاسي جا ڪيترا سردار/قبيلائي اڳواڻ انھئ فوجي مهم ۾ فرنگين جي مدد ڪندا. 3.9.1843: ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر کي اجازت ڏني ته سنڌ ۾ مقرر ڪيل ڊپٽي ڪليڪٽرن 700 روپيا در ماه الائونس/پگهار ڏيو. کيس تاڪيد ڪيو ويو ته ڪاردار/مختيارڪار وڏي پئماني تي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪن ٿا, انھن تي ڪرڙي نگاه رکي وڃي. 3.9.1922: رتيديري لڳ شاه جو ڳوٺ ۾ اتان جي خلافت ڪميٽئ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوئ خدا بخش ڪئي. جلسي ۾ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو ته قول ۽ فعل ذريعي فرنگي حڪومت جي مذمت ڪن ۽ سرڪار سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪن. 3.9.1955: ڪراچئ کي سئي گيس جي سهولت ڏني وئي. 3.9.1971: اوڀر پاڪستان اسيمبلئ جي 144 ميمبرن ۽ 44 وڏن عملدارن کي حڪم ڏنو ويو ته اهي ملٽري ڪورٽ اڳيان پيش پون. [اهي غيرتمند ۽ بنگال پرست جوڌا هئا, جن پنهنجي صوبي جي مفاد لاء ڏک ڏوجهرا ڏٺا. سنڌ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ رهي آھي. سنڌ ۾ جڏهن به بارش, ٻوڏ ۽ وبا عوام کي آزاريو آھي ته صوبائي ميمبرن جي اڪثريت عوام يا صوبي جي پرگهور ته نه لڌي آھي, پر فند ۽ امداد کي پاڻ هڙپ ڪري, پنهنجئ ملڪيت ۾ اضافو ڪيو آھي ۽ عوام جي آزارن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آھي] 3.9.1977: ملڪ جي اڳوڻي صدر, وزير اعظم ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ 90 هزار جنگي قيدي واپس گهرائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽي کي نواب محمد احمد کي مارائڻ واري الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو. *************** 3 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 3 سيپٽمبر 1936ع گلوڪاره رام نواڻي (ميرپور خاص / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1946ع شاعر ڪوثر ناٿن شاهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1957ع صحافي غلام سرور سنجراڻي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1967ع ليکڪ حفيظ سرمد (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1967ع شاعر فدا سنجراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1964ع پاڪستاني گلوڪار / نعت خوان جنيد جمشيدجو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1969ع شاعر غلام حسين بيتاب (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 3 سيپٽمبر 1941ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عاقل جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment