Wednesday 31 August 2022

Sindh in history today (1st September). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (1st September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. [ Today, on 1st September, 2022, most of Cities & Villages of Sindh Province of Pakistan are filled and srounded with water of River & Rain. It is very terrible situation] ***** ( 1 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 1.9.1843: فرنگي سرڪار روينيو کاتي ۾ مقرريون ڪيون ۽ نوڪرين ڏيڻ واري هن قدم ۽ عمل کي هندو-مسلم اختلافن ۽ غلط فهمين پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻايو. ان ڪري هندو ملازمن /آفيسرن جو تعداد وڌيڪ هو. انھن ۾ اڪثريت سيٺ نائونمل هوتچند جي مائٽن جي هئي. مقرر ڪيل مختيارڪار هئا: سکرامداس (سيٺ نائونمل جو ڀاء- گهوڙا ٻارئ جو مختيار ڪار), ديوان چنديرام ٽلٽئ وارو (مختيارڪار سيوهڻ), ٺٽي وارو ديوان پوهومل (لڪئ جو مختيارڪار), حيدرآباد وارو ديوان ڄيٺمل (مانجهند جو مختيارڪار), ٺٽي وارو منشي لالچند (مختيارڪار جهرڪ), بهاري مل (مختيارڪار ساڪرو), هاسومل (ڪاردار پيٽارو). ياد رهي ته جڏهن انھن عملدارن سرڪار کي روينو نظام سڌاري ڏنو ته پوء نيپيئر کين نه فقط نوڪرين مان ڪڍيو, پر مٿن بدعنوانين جا الزام مڙھي ڪيس هلائي ڏنڊ وڌا ۽ جيل موڪليو. 1.9.1851: خيرپور جي حاڪم مير علي مراد خان پنهنجا مائٽ ناراض ڪري به فرنگين سان سٺو نڀايو. احسان فراموش انگريزن جي حڪومت آئي ته کيس پريشان ڪرڻ شروع ڪيو. فرنگين مير علي مراد خان جي اڳوڻي وزير شيخ علي حسن تي هٿ رکي, هن کان مير خلاف درخواست ڪرائي. اڄ شڪارپور جي ڪليڪٽر کي چيو ويو ته شيخ علي حسن جي دانھن ٻڌي, سنڌ جي ڪمشنر کي رپورٽ لکي موڪل. 1.9.1885: حسن علي افندئ "سنڌ سڀا" کان الڳ ٿي "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" نالي پنهنجي جماعت ٺاهي. انهئ جماعت "سنڌ مدرسه" قائم ڪيو. 1.9.1909: سنڌ جي ڪمشنر اڄ لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر کي تاڪيد ڪيو ته لاڙڪاڻي ۽ رتيديري جي وڏيرن/زميندارن کي ڌت ڪر ۽ گرانٽ واريون سندن درخواستون پنهنجئ سفارش سان نه موڪل. کين سمجاء ته انگريز سرڪار جي وفاداري ئي هنن لاء وڏو اعزاز آھي. وڏيرا وفادارئ واري اعزاز مان لاڀ پرائي خاموش ٿي رهن. 1.9.1921: اٻاڙو ۾ ”امن سڀا" طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن لڳ ڀڳ 400 ماڻھون شريڪ ٿيا. اتي سرڪار دوست پارٽي-"امن سڀا" ديوان گرڌاري مل جي اڳواڻئ ۾ قائم ٿي هئي. جلسي ۾ ماڻھن کي صلاح ڏني وئي ته خلافتي ۽ ڪانگريسي ڦڏئي ۽ سرڪار جا ويري آھن. سندن چوڻ تي ڪن نه ڏيو. ان بدران پنهنجي قول فعل ۾ سرڪار سان وفادارئ جو اظھار ڪريو. 1.9.1922: اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ”خلافت ڪميٽئ" طرفان عوامي ميڙاڪا ٿيا. انھن مان گوگهاري, جيڪب آباد ۽ ڳڙھي ياسين ۾ ٿيل جلسن جا تفصيل تڏهوڪين اخبارن ۾ شايع ٿيا. 1.9.1939: هن وقت تائين ٻي مهاڀاري لڙائئ ۾ 14942826 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. ياد رهي ته سنڌ مان ڪيترن نوجوانن کي پڪڙي زورئ فوجي سپاهي بڻائي مختلف جنگي محاذن تي موڪليو ويو هو. سنڌ سرڪار "جنگي فند" قائم ڪري ادارن جي بجيٽ مان زورئ قرض کنيو هو ۽ وڏيرن/اپر ڪلاس/ڏيهي ڪامورن/کاتيدارن کان چندا ورتا هئا ۽ انهن سرڪار کي راضي ڪرڻ لاء دل کولي لکين روپيا چندو ڏنو هو. *************** پهرين سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: پهرين سيپٽمبر 1879ع اردو ٻولي جي مشهور اديب آغا حشر ڪاشميريجي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1899ع سياستدان سيٺ پرتاب راءِ (ميرپور خاص) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1914ع شاعر ليلارام ڇتو مل (پنواڙي / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1929ع شاعر محمد آچر مخمور (نئون ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1930ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ٽيڪنوڪريٽ اي اين جي عباسي (سوڀو ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1933ع موسيقار سي ارجن (ڪراچي / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1934ع شاعر صوفي غلام مصطفى عاصم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1934ع شاعر علي دوست صابر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1939ع ليکڪ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1942ع صحافي محمد اقبال دلجي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1945ع اداڪار نند سچديو (الها نگر) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1950ع ليکڪ مظهر جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1950 ليکڪ محمد عظيم رند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1951ع ليکڪ غلام اڪبر سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1951ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1954ع شاعر يار محمد عاصم کوسو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1954ع سگهڙ موريل مهر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1956ع شاعر غلام اڪبر آزاد جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1957ع ليکڪ ڪامريڊ عبدالڪريم بلوچ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1958ع ليکڪ، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1958ع شاعر محمد اسماعيل ارم جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1959ع شاعر رحيمداد راهي سومرو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1961ع شاعر پيار علي پريمي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1961ع سماجي ورڪر ۽ ڪونج رسالي جي باني محمد خان شيخ (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1963ع ليکڪ نظام الدين ڀاڳت جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1964ع ليکڪ محمد صديق مهر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1966ع ليکڪ ذوالفقار گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1966ع ليکڪ محمد ابراهيم ڀنڊ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1967ع سگهڙ گل ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1968ع ليکڪ عزيز ڪاڇيلو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1973ع شاعر امتياز علي ساقي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1974ع شاعر فضل الله عاصي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين سيپٽمبر 1982ع شاعر نذر محمد نياز تنيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: پهرين سيپٽمبر 2007ع آواز جي دنيا جي مشهور ڪمپيئر، انائونسر ۽ لطيف جي پارکو سيد صالح محمد شاه جو انتقال ٿيو. SINDH IN HISTORY TODAY (1st SEPTEMBER) 1st September BIRTH DATES Seth Partabrai (Politician/ birth 1 September 1894), LilaramChhatomal (Panwari>Ajmir/Poet/ birth 1 September 1914), C.Arjun (Karachi >Mombai/Musician/ birth 1 September 1923), Muhammad Achar ‘Makhmoor’ (Naudero/Poet/ birth 1 September 1929), SoofiGhulam Mustafa ‘Asim’ (Poet/ birth 1 September 1934), Ali Dost ‘Sabir’ (RoopVato/Poet/ birth 1 September 1934), Muhammad Iqbal Dal (Soomar Dal/Journalist/ birth 1 September 1942), Dr. AbdulGhafoorMemon (Larkano/Scholar/ birth 1 September 1939), MazharJalbani (Writer/ birth 1 September 1950), Nand Sachdev (Ulhasnagar/Artist/ birth 1 September 1945) Muhammad Azim Rind (Jani Wandh/Writer/ birth 1 September 1950), Dr. Abdul Ghafar Soomro (KhairpurJoso/Scholar/ birth 1 September 1951), MorialMahar (SadikJiWandh/Folklore Poet/ birth 1 September 1954), Yar Muhammad ‘Aasim’ Khoso (Poet/ birth 1 September 1955), Ghulam Akbar ‘Azad’ (Poet/ birth 1 September 1956), Comrade Abdul KarimBaloch (Larkano/writer/ birth 1 September 1957), KausarBuriro (JaniBuriro/Poet/ birth 1 September 1958), Muhammad Ismail ‘Irm’ (Poet/ birth 1 September 1958), Tahir Bhanon (KunbDaro/Folklore Poet/ birth 1 September 1960), Dr.Muhammad Khan Shaikh (Mehar/Social worker & founder of ‘Koonj’/ birth 1 September 1961), Piyar Ali ‘Premi’ (Poet/ birth 1 September 1961), Rahimdad ‘UstadRahi’ Soomro (Haji Khan Kalhoro/Poet & Political Activist/ birth 1 September 1959), Nizamuddin Bhagat (Warah/Writer/ birth 1 September 1963), Muhammad SidiqueMahar (Dhamaji/Writer/ birth 1 September 1964), Zulfiqar Gadhi (Sher Muhammad Gadhi/Journalist/ birth 1 September 1966), Hosh Sarharvi (Poet/1966), Muhammad Ibrahim Bhand (Writer/ birth 1 September 1966), Gul Malik (KarampurBijarani/Poet/ birth 1 September 1967) Niaz Malah (Khairpur/Poet/ birth 1 September 1969), Imtiaz ‘Saqi’ Mahesar (KotLalBux/Poet/ birth 1 September 1973), Fazullah ‘Asi’ (RasoolBuxBrohi/Poet/ birth 1 September 1974), Raza Khakhrani (Poet/ birth 1 September 1975), DEATH DATES Abdul Raman (Bharchoondi/Saint/ death 1 September 1960). EVENTS 1843: Following appointments are made by the new British Government of Sindh: Sukhramdas (Brother of Naumal, as Mukhtyarkar of Ghorabari), Diwan Chandiram of Tilti (Mukhtyarkar of Sehwan), Diwan Pohomal of Thatta (Mukhtyarkar of Laki), Diwan Jethmal of Hyderabad (Mukhtyarkar of Manjhand), Munshi Lalchand of Thatta (Mukhtyarkar of Jherk), Assomal Munshi of Thatta (Mukhtyarkar of Thatta), Bharimal (Mukhtyarkar of Sakro) and Hassomal Kardar of Petaro. 1851: His Highness Mir Ali Murad Khan of Khairpur is facing unwanted treatment from new rulers of Sindh. Shaikh Ali Hassan, ex-minister is encouraged to make petitions about Mir Ali Murad Khan and the Collector of Shikarpur is assigned duty to call upon Shaikh Ali Hassan and submit detailed report. (Source: Letter No.1717). 1885: Hassan Ali Effendi with cooperation of his friends forms ‘Sindh Muhammadan Association’. Prior to this he was an active leader of ‘Sindh Sabha’, but due to his serious differences with Diwan Dayaram Jethmal and Sadhu Hiranand, he left ‘Sindh Sabha’ and opted for separate path. Sindh Muhammadan Association established ‘Sindh Madressah-tul-Islam’ and remained active political party till 1936. (Source:Dr.Mumtaz Bukhari’s Ph.D thesis). 1909: Sindh Acting Commissioner advises the Collector of Larkano not to recommend applications of Landlords of Larkano and Ratodero for any grant but, make them belive that to serve the Government is the honour for them and they must not pray for any grant.(Source: Letter No.3456). 1921: At a big public meeting attended by about 4,000, the Ubauro Aman Sabha is formed with Diwan Girdharimal as its Chairman. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Local Khilafat Committees of Garhi Yaseen, Jacobabad and Ghogharo hold public meetings in respective places. (Source: Newspapers). 1939: It has been told that 14942826 people were killed in Second World War. Sindh was also badly affected by this war and our research scholars have not researched this topic yet.

No comments:

Post a Comment