Sunday 11 September 2022

Sindh in history today (12th September). By. Dr.Pathan

( 12 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 12.9.1839: شاه شجاع,ڪن مير حڪمرانن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ وچ ۾ معاهدو ٿيو هو ته مير شاه شجاع کي اٺاويھ لک روپيا ڏن به ڏيندا ۽ کيس سنڌ مان لنگه به ڏيندا.اڄ گورنر جنرل ۽ شاه شجاع جي وزير وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي. جنهن ۾ شاه شجاع جي وزير کي ٻڌايو ته حيدرآباد جا مير شاه شجاع کي ايڪيه لک ڏيندا. باقي ميرن سان ڳالهيون ڪري ست لک وٺي ڏبا.(حوالو: گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط). 12.9.1856: انگريزن سنڌ ۾ جاگيرن جو هڪ الڳ کاتو جوڙيو. ان کاتي معرفت ئي ماڻھن کي جاگيرون ڏنيون وينديون هيون. هن کاتي جو اهو ڪم به هوندو هو ته سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي حساب سان جاگيردارئ جو رڪارڊ مرتب ڪري سرڪار کي پيش ڪن ته جيئن انھئ رڪارڊ جي روشنئ ۾ جاگيرن ڏيڻ جو فيصلو ڪري. اڄ جاگيرن جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر شڪارپور, اوٻائڙي, نوشھرو ابڙو, سکر ۽ گهوٽڪي تعلقن جي جاگيرن جا رول [رڪارڊ] ٺاهي ڪمشنر کي اماڻيو. (حوالو: مراسلو نمبر 190). 12.9.1920: خلافت تحريڪ مذھبي جذبي ۽ جنون جي آڌار تي هجرت ڪرڻ لاء ماڻھن کي تيار ڪيو. اهو هڪ غلط ۽ ڀيانڪ سياسي فيصلو هو, جنھن نه فقط سادن سٻاجهن سنڌين کي دربدر ڪيو, پر "ملڪ ڇڏڻ“ جي غلط رسم جو رواج پيدا ڪيو ۽ 1947 کان پوء غير سنڌين انھئ آڌار تي هندستان مان سنڌ ڏي اچڻ شروع ڪيو ۽ اسان جي ڀينگ ٿي وئي. اڄ هڪ سنڌي مهاجر جو ڪابل مان لکيل خط "الوحيد" اخبار ۾ شايع ٿيو. هو لکي ٿو ته افغانستان جي حڪومت هجرت بند ڪئي آھي ۽ چيو ٿو وڃي ته مهاجرن جو تعداد وڌي ويو آھي. اڳ ۾ سندن آبادڪاري ڪجي, پوء ٻيا مهاجر اچن. في الحال ڪو به نه اچي. اخبار جي ساڳي ئي پرچي ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جو پشاور مان لکيل خط شايع ٿيو آھي. هو به وڌيڪ سنڌي پناهگيرن کي اچڻ کان منع ٿو ڪري. 12.9.1939: اسان جا وڏا ڪي ڪم ڪري ويا جڏا. هڪ ماڻھوء [الله بخش شھيد] کي هٽائڻ ۽ غير مسلم ليگي حڪومت کي ڊاهڻ لاء مسجد منزل گاه جي بحالئ جي تحريڪ هلائي, ڪيترا بي گناه ماڻھون مارائي وڌائون. اڄ ھن تحريڪ جو اڳواڻ حاجي عبدالله هارون سنڌ جي وڏي وزير الله بخش سومري سان مليو ۽ منزلگاه مسجد جي مامري تي ڳالهائڻ بعد بيان ۾ چيو ته وڏو وزير مسلمانن جي جذبن کي نظرانداز ڪري رهيو آھي. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 12.9.1948: ڪالھ گذاري ويل پاڪستان جي بانئ ۽ پهرين گورنر جنرل کي ڪراچئ ۾ دفنايو ويو. سندس جنازي جي نماز مولانا شبير احمد عثمانئ پڙھائي. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي هڪ ليڪچر پروگرام ۾ ھاشم رضا ليڪچر ڏنو. هو جناح جي تدفين جو منتظم هو. مون کانئس پڇيو ته "مون تلاش ڪرڻ باوجود قائد اعظم جي آخري ديدار واري تصوير ڪانه ڏٺي آھي. ڇا اها اوهان وٽ آھي ۽ ڏيکاري سگهندا". هاشم رضا منجهي پيو ته ڪاوڙ ۾ الائي ڇا مان ڇا ڳالهائين. 12.9.1954: " ادا ته پاڪستان کي جمهوري ملڪ ڏسڻ پئي گهريو"- ملڪ جي انوکي سياسي ڪلچر کي ڏسندي فاطمه جناح پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو.(حوالو: اخبارون). 12.9.1971: پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ اڪثر ڪري ڊڪٽيٽرن کي ڪجھ سياستدانن ۽ سياستدانن کي ڊڪٽيٽرن جي سهڪار جي ضرورت رهي آھي. اڄ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ يحيا خان جي ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳاله ٻوله ٿي. 12.9.1978: نواب اڪبر بگٽئ تي پاريامينٽ جي ميمبر ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي. [جنم ڏينهن]: 1876ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مرزا نواز علي بيگ ”خروي“. 12 سيپٽمبر 1931ع اسڪالر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. 1912ع شاعر محمد يعقوب ”جليس“. 1921ع ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو والد حاجي گل محمد پٺاڻ. 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاه. 1955ع ليکڪ هير سنڌو. 1965ع شاعر سلطان بخاري جي پيدائش. 1968ع شاعر ظفر ناٿن شاهي. 1969ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار انور شيخ. 1973ع شاعر لال ڪٽو . [وڇوڙو]: 1957ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ ڊاڪٽر چئوترام گدواڻي. 1968ع مذهبي عالم مولانا محمد صالح سمون. 1984ع شاعر نجف علي شاهه ”ڪمتر“. 2005ع تعليمدان شيخ واحد بخش. SINDH IN HISTORY TODAY (12th SEPTEMBER) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1855: Jageer rolls in respect of Shikarpur, Ubaoro, Naushero Abro, Sukkur and Ghotki talukas are prepared by the Assistant Commissioner for Jageers. (Source: Letter No.190) 1920: Statement is issued by Rais-ul-Muhajreen Jan Muhammad Junijo from Peshawar that migration to Afghanistan by Sindhis stands stopped/suspended due to unfavorable climate and reaching of 40,000 migrants in Afghanistan. It is further said that suspension order has been issued by the Afghan Government on plea that it has become impossible for the Government to accommodate more migrants there. (Source: Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: Haji Abdullah Haroon meets K.B.Allah Bux Soomro, Premier of Sindh and discussed the issue of Masjid Manzilgah with him. Soon after the meeting, Haji Abdullah Haroon issued press statement blaming the Premier that he is not serious in resolving the matter. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1956: Suharwardi Cabinet takes oath. It is combination of the Republican and Awami League. The only Sindhi minister is Mir Ghulam Ali Talpur. (Source: Newspaper). 1971: Bhutto and Yahya meet to discuss political situation. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1972: Debate on ‘London Plan’ irritates opposition in the National Assembly. Opposition members stage walkout. (Source: Newspapers). 1978: Akbar Bugti is disqualified. He cannot take part in parliamentary politics for next seven years. (Source: Newspapers).

No comments:

Post a Comment