Friday 23 September 2022

Sindh in history today (24th September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (24th September) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 24 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 24.9.1832: پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته: (1). خيرپور ۾ مير علي مراد ۽ سندس ڀائرن وچ ۾ اهڙا اختلاف پيدا ٿيا آھن جو حالتون سول وار طرف وڌي رهيون آھن, (2). حيدرآباد وارو مير مراد علي خان ٺاه جي ڪوشش ڪئي آھي, پر ان جو کڙ تيل نه نڪتو آھي (حوالو: پاٽينجر جو مراسلو نمبر 189). 24.9.1938: اڄ فرنگي گورنر جنرل سيڪريٽ ڪميٽئ ڏي سنڌ جي صورتحال بابت تفصيل سان لکي ٿو ته مير نور محمد خان سنئ آهي ۽ اسان طرف جهڪاء اٿس. باقي مير شيعا آھن ۽ اهي پرشيا طرف هٿ وڌائڻ گهرن ٿا. شاه شجاع جي خوف خيرپوري ميرن کي اسان جي ويجهي اچڻ جو سبب ٿيو آھي, ان ڪري هاڻي سمجهو ته بکر جو قلعو اسان کي ملي ويندو. 24.9.1843: حيدرآباد واري مير محمد خان ساسور جيل مان ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي "بورڊ آف ڊائريڪٽرس" کي خط لکي پنھنجي بي قصورئ ۽ نيپيئر جي فريب ڪارئ تي روشني وڌي. هن داد فرياد لاء تفصيل سان لکيو, پر ڪنھن ھن جي ڪانه ٻڌي وئي ۽ ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو.[ قيدي ميرن ساسور جيل مان جيڪي فرنگي سرڪار کي گذارشون لکي موڪليون, انھن ۾ سنڌ جي اڻ-ٻڌل مستند تاريخ موجود آھي. انھن مان خبر پئي ٿي ته مير حڪمرانن ته انگريزن سان چڱو پير کنيون, پر انگريزن هڪ طرف سندن باهمي اختلافن ۽ ٻئي طرف پنهنجي فريبي حڪمت عملين سان ميرن کان حڪومت کسي, سندن خزانا لٽيا, کين گرفتار ڪيو ۽ سنڌين کي غلام بڻايو]. 24.9.1853: شڪارپور ضلعي جي پير فدا محي الدين سرهندئ جي پٽ پير محمد اشرف فرنگي سرڪار کان انھئ بنياد تي جاگير وٺڻ جي گهر ڪئي ته سندس خاندان کي انگريزن جي حڪومت کان اڳ جاگير مليل هئي. هن جي انھئ گذارش قبول ٿيڻ ۾ ست اٺ مهينا لڳا ۽ پوء جاگير مليس.(حوالو: شڪارپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 61). 24.9.1939: "الوحيد" اخبار ۾ ”مسجد منزل گاه لاء مسلمانن کي دعوت عمل" جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو, جنهن ۾ ھڪ طرف سنڌي مسلمانن ۾ جنونيت ڦھلائي وئي ۽ ٻئي طرف حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هنگامه آرائئ کان بچڻ لاء مسجد مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي. [اسان جي وڏڙن اجتماعي آپگهات ۽ اجتماعي اختلافن جو ٻج ايئن ڇٽيو]. 24.9.1957: اولھ پاڪستان جي ڪابينا اها راء ڏني ته ون-يونٽ بدران صوبن جي فيڊريشن قائم ٿيڻ گهرجي. [مطلب ته جن ته جنئ کي ڇڏيڻ لاء تيار ٿيو, پر هاڻي جنئ مان جن ڪيئن جان ڇڏائي] 24.9.1958: اوڀر پاڪستان ۾ ابو حسن سرڪار ۽ اسيمبلئ جي 7 ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو. [ تاريخ فيصلو ٿي لکي ته ملڪ ٽوڙڻ لاء ايئن قدم کڻبا آھن ۽ آزادي وٺڻ لاء ايئن اجتماعي قربانيون ڏبيون آھن.] 24.9.1977: حيدرآباد ۾ سڏايل فنڪشن ۾ پي.اين.اي وارن مطالبو ڪيو ته اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو احتساب ڪيو وڃي, ڇو ته هن جمهوري ادارا تباه ڪيا. [مل معشوقان مصلحت ڪيتي, سرها ميٽ مليسون !!!] 24.9.1978: " اها بابا جي خواهش ھئي, ان ڪري آئون پارٽئ جي قيادت پئي سنڀاليان"- بينظر ڀٽو جو بيان. [ سندس ماء نصرت ڀٽو جي خواهش پوري نه ٿي !!!.] 24.9.1991: پي.ڊي.اي وارن "وائيٽ پيپر" شايع ڪيو, جنھن ۾ مثال ڏئي چيائون ته آء.جي.آء لڳ ڀڳ 70 سيٽون ڌانڌلي ڪري کٽيون. 24.9.2006: لاڙڪاڻي ضلعي جي سنڌي ادبي سنگت پاران مظاهرو ڪري, مهين جي دڙي مان چوري ٿيل مهرن جي واپسئ لاء پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.[ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي رڪارڊ مان پتو پئي ٿو ته ورهاڱي کان اڳ به دڙي مان لڌل مهرون چورائي وڪرو ڪيون ويون هيون. ان مان به ثابت ٿئي ٿو ته سنڌين به سنڌ سان دشمني ڪرڻ ۾ گهٽايو ڪونھي] { 24 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1902ع مذهبي رهنما ۽ انقلاب ايران جو رهنما آيات الله روح الله خميني. 1902ع شاعر آوترام ٽهلاڻي (سنڌ / ممبئي). 1928ع ليکڪ ڊاڪٽر علي محمد انصاري (مٽياري). 1935ع راڳي موهن ڏانگڙا (حيدر آباد / ممبئي). 1945ع ليکڪا شمشاد مرزا (سکر). 1963ع ليکڪ ۽ شاعر اختر درگاهي(روهڙي). 1964ع شاعر غمدل. [وڇوڙو]: 1844ع صوفي بزرگ ڪرم الله شاهه جيلاني (گهٽڪي). 1866ع بزرگ پير امام بخش شاهه بڪيرائي. 1920ع شاعر مرزا دوست محمد بيگ دوست (حيدر آباد). 1953ع ليکڪ مولا بخش مسڪين ڀٽو. 1959ع شاعر ۽ ڪامورو محمد بخش ڪوجهي. 24 سيپٽمبر 1961ع شاعر ۽ تعليمدان محمد صديق مسافر . EVENTS 1832: Colonel Pottenger informs his Government that there was a considerable chance of civil war in Khairpur State between Mir Ali Murad Khan and his two elder brothers, and the cause of the war was refusal on the part of Mir Rustam Khan and Mir Mubarak Khan to restore to Mir Ali Murad Khan some Pargnas which he had given to them. Mir Murad Ali Khan of Hyderabad’s efforts to reconcile the brothers proved ineffective. (Source: letter No.189) 1853: The Deputy Collector of Shikarpur forward report prepared by the Assistant Commissioner of Jagers to Commissioner with recommendation that Pir Muhammad Ashraf son of PirFidaMuhaudinSarhandibe granted jager. (Source: letter No.61). 1939: The Daily Al-Wahid, Karachi advocates case of the restoration of Masjid Manzilgah and asks Sindh Government not to avoid from resolving the matter otherwise Muslims will launch agitation leaving no option for Government to bow before will of people. (Source: indicated). 1950: Moulvi Abdul Haq advises Balochistan Government to adopt Urdu as official language of the Province.(Source: Newspapers). 1957: Federation of Provinces, but not One-Unit, the cabinet of West Pakistan favours the idea. (Source: Newspapers). 1977: Bhutto damaged democratic institutions, PNA function at Hyderabad demands probe. (Source: Newspapers). 1978: It was my father’s will that I must assume party leadership, says Benazir Bhutto. It is interesting to note that Asif Ali Zardari also assumed the leadership of party and produced Benazir’s will in writing. 1991: PDA issues ‘White Paper’ on election rigging by IJI. It is said that at least seventy seats won by IJI were rigged. Rigging in election has remained dominating and favourate culture in elections in Pakistan. First ever election was rigged to defeat G.M.Syed. Ayub defeated Fatima Jinnan by rigging, Bhutto was thrown before death on this plea; Benazir was defeated in such a way and now Imran Khan is playing game on that plea. Sorry to say that people have never witnessed any real, representative and elected government through fair election. 1992: Floods are conspiracy of Nawaz to punish people, relief money is being distributed among PML workers, says Benazir Bhutto (Source: Newspapers). Now, Nawaz, Floods and people are very much there but, without Benazir. 24.9.2022: Flood-hit Sindh in terrible situation: * 78,000 patients brought to relief camps * 10 Flood-related deaths reportted in last 24 hours. Death toll reaches 1569. * Water standing up in many cities to nine feet.

No comments:

Post a Comment