Saturday 17 September 2022

Sindh in history today (18th September). By. Dr.Pathan

I lost Beautiful Building (4 Halls & 6 Rooms) of Gul Hayat institute due to terrible rains. But, reconstruction work has been started without moral or financial help of any Government (Provincial / Federal) or NGO. Picture shared here narrates that story. (Dr.Pathan) SINDH IN HISTORY TODAY (18th September) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 18 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 18.9.1846: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ ڪمپنئ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس کي لکيو ته جڏهن چارلس نيپيئر رٽائيرمينٽ وٺي ته سنڌ ۾ ڪو ٻيو گورنر رکڻ بدران سنڌ کي ممبئي پرڳڻي سان ملائي, سنڌ ۾ ڪمشنر رکيو وڃي. 18.9.1857: قلات جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون ۽ سنڌ جي حڪومت انھئ صورتحال کان پريشان ٿيڻ لڳي ته انھن حالتن ۾ باغي اڳواڻن جو پاسو وٺجي, خان آف قلات جي مدد ڪجي يا غير جانبدار ٿي رهجي. سنڌ جي ڪمشنر جي پريشانئ جو ڪارڻ ھندستان ۾ فرنگي حڪومت خلاف ڪر کڻندڙ نفرت ۽ بغاوت هئي ۽ فرنگي نه پيا چاهن ته قلات جون غير مستحڪم سياسي حالتن جو متان سنڌ تي منفي اثر ياد رهي ته مولا محمد رئساڻي, تاج محمد زهري ۽ مير خان لس ٻيلي جو ڄام گڏ ٿي خان آف قلات خلاف ٿي بيٺا هئا. 18.9.1921: هن دور ۾ ڪراچئ ۾ اسرائيلي ڪميونٽي به سماجي ۽ ثقافتي حيثيت ۾ هڪ فعال ڪميونٽي طور رهندي هئي. اڄ انھئ طرفان جوڙايل "ابرهام هال" جو افتتاح ٿيو. ان موقعي تي اسرائيلي يونئن هڪ ڊرامو به اسٽيج ڪيو. 18.9.1922: انگريزن جي دور ۾ جديد سياست جي شروعات کان وٺي, سنڌ سياسي حوالي سان فعال خطو رهيو. سنڌ ۾ روزانو ڪا نه ڪا سياسي سرگرمي ٿيندي هئي, بلڪ هڪ کان وڌيڪ سياسي سرگرميون ٿينديون هيون. اڄوڪي ڏينھن تي ڪانگريس طرفان سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽس ۾ ”تلڪ يادگار فند" ملهائڻ جو هفتو شروع ٿيو ۽ ڪانگريس سڄو هفتو چندو گڏ ڪندي رهي ۽ انھئ هفتي دوران ڪانگريس حيدرآباد وارئ چاڙھئ کي "تلڪ چاڙھئ" جو نالو ڏنو. اڄوڪي ڏينھن تي ڳوٺ نوهيون ۽ ڳوٺ ڪاڪيپوٽا ۾ مقامي "خلافت ڪميٽئ" طرفان عوامي ميڙاڪا ٿيا. اڄ باڊھ ۾ مقامي خلافت ڪميٽي جوڙي وئي ۽ ان لاء مولوي محمد صديق کي صدر, حافظ فيض محمد کي نائب صدر, محمد علئ کي سيڪريٽري ۽ محمد يوسف کي خزانچي چونڊيو ويو. 18.9.1949: اين.ڊبليو. ايف پراونس پنهنجي گادي نٿياگلئ مان ڦيرائي پشاور ۾ قائم ڪئي. 18.9.1957: ون-يونٽ ٺھي اڃا ٻه سال مس گذريا هئا جو نئشنل عوامي پارٽئ "مغربي پاڪستان اسيمبلئ" ان خلاف رٿ آندي. 18.9.1977: ضياء الحق سمجهي ويو هو ته ڀٽي يا هن مان ڪنهن هڪ کي زنده رهڻو آھي ۽ ٻئي گڏ زنده رهي نه ٿا سگهن. ان ڪري هن ارادو جوڙي ورتو ته ڀٽي کي نه پر کيس زنده رهڻ گهرجي. پوء مارشلا حڪومت لاهي پاهي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لڳي ۽ ڪچن چٺن پٺيان ڪچا چٺا شايع ڪرايا. اڄ ضياء الحق ڀٽي لاء چيو ته ڀٽو پنهنجي ويجهن يارن کي بخشڻ وارو ڪونه هو ۽ هن پنھنجا ڪيترا يار مارايا. *************** 18 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 18 سيپٽمبر 1913ع شاعر مرزا اسد بيگ اسد(ٽنڊو ٺوڙهو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1941ع راڳي ڀڳت پرتاب(لاڙڪاڻو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1950ع باليووڊ اداڪاره شبانه اعظمي جو جنم ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1951ع شاعر اصغر علي اصغر هالو (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1954ع سياستدان ۽ حقيقي جمهوريت لاء جاکوڙيندڙ مير مرتضى ڀٽوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 سيپٽمبر 1957ع ليکڪ ۽ اداڪار سريش سنڌو (جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 سيپٽمبر 1719ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي. 18 سيپٽمبر 1958ع آزادي جي جدوجهد جي اڳواڻ مولانا عبدالله لغاري جو انتقال ٿيو. 18 سيپٽمبر 1974ع ڪلاسيڪل گلوڪار استاد امانت علي خان جو انتقال ٿيو. EVENTS: 18th September 1857: Captain Merewether, Political Superintendent, Upper Sindh Frontier [Jacobabad District] apprises the Sindh Commissioner of the Kelat situation where disturbances have started due to continued imprisonment of Muhammad Amin, brother of late Wazir Muhammad Hussain. The Commissioner is informed that Taj Muhammad Zehri, Moola Muhammad Raisani and Mir Khan Jam of Bela have joined hands to launch disobedience movement against Khan of Kelat. (Source: Letter No.296). 1846: The Governor-General of India recommends to the Court of Directors of the East India Company that after the retirement of Sir Charles Napier as the Governor of Sindh, Sindh be annexed with Bombay Presidency headed by Commissioner. (Source: Dr.Azimusan’s Ph.D thesis). 1921: Abraham Hall opening ceremony is performed in Karachi and this occasion a drama is also staged. The Hall was constructed by Israelities of Karachi. This community was having its own Union and Abraham Renbin remained its president for years. (Source: The Sindh Gazette, Karachi) 1922: It is interested to note that Sindh proved its worth as an active province in politics. That is why so many events of political nature were taking place every day. For example, today, Congress meetings were held in District Head Quarters so as to launch ‘Tilk Fund Week’ in length and breadth of Sindh. It was first day for them today to collect donations. In village Nohyon and Village Kakepota public meetings are held by local branches of Khilafat Commiittee. In Badah, the branch of Khilafat Committee is opened with Moulvi Muhammad Sidik (President); Hafiz Faiz Muhammad (Vice President); Muhammad Ali (Secretary) and Muhammad Yousif (Treasurer) as its founder office bearers. (Source: The Daily Al-Wahid & The Daily Gazette, Karachi ). 1949: NWFP Government shifts its Capital from Nathiagali to Peshawar. (Source: Newspapers). 1951: Sindh Governor orders probe into allegations of corruption leveled against Muhammad Ayub Khuhro, ex-Chief Minister of Sindh, who worked for the creation of Pakistan in the length and breadth of Sindh and now Pakistani Government is taking his care in a such way! (Source: Newspapers). 1957: One-Unit was imposed in 1955, and today, after two years West Pakistan Assembly adopts the resolution with majority asking Pakistan Government to withdraw the One-Unit Scheme. The Resolution was moved by NAP. (Source: Newspapers & West Pakistan Assembly Record). 1977: Bhutto managed to kill even his very close ones for his own interest, blames Zia (Source: Newspapers).

No comments:

Post a Comment