Sunday 4 September 2022

Sindh in history today (5th September). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (5th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1844: Lieut. Colonel Outram had started giving tough time to Sir Charles Napier and raised very serious questions and objections on Napier’s Sindh policy before fall of Hyderabad. Today, The Governor-General informs Charles Napier that his appeal had been transmitted to the Home authorities and that Outram had been already called upon through the Bombay Government for an explanation of his conduct. (Letter No.586) 1922: In a meeting of Religious Scholars at Shikarpur, presided over by Moulana Taj Mahood Amroti, the District branch of Sindh Jamiat-ul-Ulema is opned and Moulana Hamadullah (President), Moulvi Hafiz Noor Muhammad (Vice President), Moulvi Ali Sher (Assistant Secretary) and Moulvi Muhammad Hashim (Treasurer) are elected as its office-bearers. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1947: riots erupt in Delhi. Thousands of Muslims take protection in old fort. (Source: Newspapers). 1951: Sindh Chief Court orders release of Ghulam Muhammad Laghari and Moulvi Azizullah Jarwar. (Source: Newspapers). 1959: Another sea port near about 90 miles away from Karachi is under consideration, says President Ayub. (Source: ibid). Perhaps closer of Suez Canal was the reason to make the country Gate-Way to Hot-Waters for Russia, China and Central Asia, and it created problems, those we are facing now a days from North to South , from Afghanistan to Baluchistan. 1964: Pakistan is an independent country. We will not take dictation from any country, says Z.A.Bhutto.[Not dictation, but he got Death ] 1971: Some of Assembly Members belonging to Awami League meet Z.A.Bhutto in Karachi. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(5 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 5.9.1844: نيپيئر افغانستان وارئ شرمناڪ موٽ کان پوء پنهنجي پت بچائڻ لاء سنڌ کي پنهنجي ڏاڍ, ڏمر ۽ ٺڳئ جو نشانو بڻايو. سنڌ تي جنگ مڙھڻ جو هن وٽ ڪو واضح جواز ڪونه هو. ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام هن کي صلاحون ڏيندو رهيو ته سنڌ تي جنگ مڙھڻ بدران حڪمرانن سان ڳالهيون ڪجن. نيپيئر نه مڙيو ۽ سنڌ تي قبضو ڪيائين. آئوٽرام هن جي انھئ پاليسئ تي سخت تنقيد ڪئي ۽ هندستان جي اخبارن ۾ ليک لکيا. اڄ گورنر جنرل نيپيئر کي خط لکي آٿت ڏنو ته دلجاء ڪر ۽ آئوٽرام تي سرڪاري طور تي قدم کنيو پيو وڃي. (حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 586). 5.9.1848: سيٺ نائونمل انگريزن جي ڏکيئي وقت ۾ وڏي مدد ڪئي. افغانستان ويندڙ فرنگي فوج لاء اناج ۽ گاه ورتو, اٺ ورتا ۽ جاسوسي ڪئي. انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته نائونمل کي نيپيئر نشانو بڻايو. نائونمل ۽ سندس مائٽ ڪاردار هئا. نيپيئر هنن کان نوڪريون کسيون ۽ ڪرپشن جي الزام ۾ مٿن وڏا ڏنڊ مڙھيا. نيپير ويو ته نائونمل سک جو ساه کنيو. هن جي ڪيس جي وري جاچ پڙتال ٿي. اڄ ڪراچئ جي ڪليڪٽر سرڪار کي ٻڌايو ته نائونمل تي مڙھيل الزام ڪوڙا آھن.(حوالو: ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 999). 5.9.1922: ڪراچئ ۾ “ڪراچي سوشل سروس ليگ" نالي هڪ اين.جي.او هوندي هئي. اها هر سال رپورٽ پڌري ڪري عوام کي پنهنجي ڪارڪردگئ کان واقف ڪندي هئي. اڄ به انھئ رپورٽ شايع ڪئي, جنھن جي پڙھڻ مان پتو پئي ٿو ته مڪران ۾ وڏو ڏڪر آيو ۽ اتان ڪيترا مڪراني لڏي اچي ڪراچئ ۾ آباد ٿيا. هن تنظيم انھن جي مدد ۽ آبادڪارئ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گذريل سال ڪراچئ جي ملير ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. ان وقت به هن ليگ متآثر ماڻھن جي مدد ڪئي. (حوالو: تنظيم جي سالياني رپورٽ). 5.9.1922: مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ شڪارپور شھر ۾ اتر سنڌ جي ناميارن ديني عالمن جو ميڙاڪو ٿيو, جنهن ۾ “جمعيت العلماء سنڌ" جي شڪارپور ضلعي جي شاخ کولي وئي. ان لاء مولانا حمادالله کي صدر, مولوي حافظ نورمحمد کي نائب صدر, مولوي علي شير کي نائب سيڪريٽري ۽ مولوي محمد هاشم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.(حوالو: الوحيد اخبار). 5.9.1947: هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ٻه ملڪ وجود ۾ آيا. دهلئ جي لال قلعي ۾ اتان جا مسلمان اچي مڙيا ته جيئن پاڻ بچائڻ لاء پاڪستان وڃي سگهن. (حوالو: اخبارون). 5.9.1951: سنڌ ۾ هاري ڪميٽئ جا اڳواڻ سرڪاري عتاب جو نشانو بڻيا. ڇو ته اهي جاگيرداري نظام خلاف ڪم پيا ڪن ۽ حڪومت تي وري جاگيردار ۽ سرمائيدار حاوي ھئا. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ مولوي عزيزالله جروار کي ٻڌو ويو هو. اڄ سنڌ جي چيف ڪورٽ سندن آزادئ جو حڪم جاري ڪيو. (حوالو: هاري تحريڪ تي گل حيات طرفان گڏ ڪيل مواد). 5.9.1959: تڏهوڪي پاڪستاني صدر اعلان ڪيو ته ڪراچئ کان 90 ميل اولھ ۾ اسان ھڪ نئون بندر ٺاهينداسين. (حوالو: اخبرون). ************** { 5 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1916ع ليکڪ ڪريم بخش چنا (پاٽ) . 1927ع سياسي اڳواڻ عبدالرزاق سومرو (رتوديرو). 1935ع شاعر هريڪانت ڄيٺواڻي (جيڪب آباد / دهلي). 1939ع ليکڪ ونود لاکياڻي (سمي / راجڪوٽ). 1940ع ليکڪ جهامن ڇڳاڻي (حيدر آباد / انڊيا). 1958ع سماج سڌارڪ عبدالغفار ملڪ (پڊ عيدن). 1959ع شاعر نيڪ سروري. 1966ع ليکڪ شيخ جمال آزاد. 1966ع شاعر حسن درس. 1980ع ڪمپيئر ثاقب ابڙو(هالا). 1981ع شاعر عبدالستار آزاد. [وڇوڙو]: 1773ع روهڙي سان تعلق رکندڙ شاعر مير قلندر شاهه رضوي. 1939ع مذهبي اسڪالر مولانا نور محمد ڇڇر. 1997ع نوبل انعام يافته سماج سڌارڪ مدر ٽريسا

No comments:

Post a Comment