Tuesday 27 September 2022

Sindh in history today (28th September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (28th SEPTEMBER) ( 28 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.9.1844: نيپيئر پنهنجئ وڏئ سرڪار کان منظوري گهري ته جيئن ٿر جي سوڍن ۽ ٻين پڳدارن کي ڪجھ نه ڪجھ مالي فائدو ڏجي.(حوالو: مراسلو نمبر 237) 28.9.1852: سنڌ جي ڪمشنر حڪم ڪڍيو ته هاڻي ۽ هن کان پوء جيڪي جاگيرون عطا ڪيون وينديون, انھن جي اپت جو پنج سيڪڙو ڍل/ٽيڪس وٺبي, جنهن مان روڊ رستا ٺھرائبا ۽ تعليم تي خرچ ڪبو. (حوالو: ڪمشنر جو حڪم نامو نمبر 2422). 28.9.1922: اڄ عمرڪوٽ ۾ اتان جي مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ لارڊ جارج جي ايشا دشمنئ خلاف سخت تقريرون ڪيون ويون.(حوالو: "الوحيد"). 28.9.1934: عبدالقيوم هتان ڪورٽ ۾ نٿورام کي مارڻ واري واقعي تي تنگ نظر مسلمانن ۽ هندن مذھبي ڇڪتاڻ کي هوا ڏني. اڄ حيدرآباد جي "چاند" اخبار سخت لهجي ۾ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته: " عبدالقيوم سمورن شيردل هندن کي ننڊ مان جاڳائي ڇڏيو آھي, ۽ کين انتباه ڏنو آھي ته اٿو ۽ اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو جو مسلمانن جي دلين منجهان يا حسين يا حسين ۽ المدد المدد جون دانھون نڪري وڃن. اسان مسلمانن کان پڇون ٿا ته ڇا سندن مذھب رٻڙ جو ڦوڪڻو آھي,جو نٿورام جي ڪتاب جي اثر ڪري ڦاٽي پوندو". 28.9.1958: جڏهن توٻرا ٿي سبيا ته اٺن رڙڻ شروع ڪيو. ملڪ فيروز خان نون پاڪستان جو وزير اعظم ۽ ريپبليڪن پارٽئ جو صدر هو. هن وڏي واڪ بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته ملڪ ۾ جمهوريت کي خطرا بي پاڙئ ول وانگر وڪوڙي رهيا آھن. 28.9.1959: پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن پهريون سامونڊي جهاز ٺاهيو. جهاز تي جملي خرچ ٻه لک ويھ ھزار روپيا آيو. 28.9.1964: سرڪار مغربي پاڪستان ۾ “جماعت اسلامئ" تي پابندي مڙھي هئي. اها اڄ ھٽائي وئي. 28.9.1973: اڄ 842 جنگي قيدين جي پهرين کيپ پاڪستان پهتي. 28.9.1977: پيپلز پارٽئ جي اڳواڻن جون وڏي پئماني تي گرفتاريون شروع ٿيون. عبدالوحيد ڪٽپر ۽ چاڪر علي جوڻيجي کي ٻڌو ويو. اڄ مفتي محمود بيان ۾ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي گهٽ ۾ گهٽ 30 سياسي قتل ڪرايا. *************** { 28 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1861ع صوفي شاعر سيد علي اصغر شاهه راشدي (پير جو ڳوٺ). 1907ع آزادي جي جنگ جي متوالو ڀڳت سنگه. 1924ع شاعر زين العابدين شاهه زينل. 1924ع هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا ۽ شاعره سندري اتمچنداڻي(حيدر آباد / ممبئي). 1924ع ليجنڊ گلوڪاره لتا منگيشڪر. 1942ع شاعر پير بخش پياسي. 1944ع سگهڙ محمود شر . 1944ع ليکڪ اعجاز علي بيگ مرزا 1951ع چترڪار محمد علي ڀٽي(حيدر آباد). 1960ع شاعر سهڻل سيتائي. پرديسي انور ڪٽوهر (خيرپور). 1988ع گلوڪار پارس علي پارس. [وڇوڙو]: 1939ع مذهبي عالم ۽ آزادي لاء جاکوڙيندڙ مولانا عبدالحق چانڊيو. 1954ع شاعر مراد علي ڪاظم. 1966ع شاعر هسانند جادوگر (ڪنڊيارو / هندستان). 1970ع مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبدلناصر Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan EVENTS 1922: The public meeting is held at Umarkot by the local branch of Khilafat Committee. Speakers through light on the importance of politics from religious point of view and they advised people to take part in politics in the greater interests of Islam, nationalism and society. (Source: The Daily Alwahid, Karachi). 1934: The ‘Chand’ Newspaper condemns the event of murder of Nathoram by Gazi Abdul Qayoom Khan in court and writes that Nathoram was translator and publisher of book written against the Prophet of Islam. The book was written and published in Punjab where no action was taken against publisher and writer in the light of decision of court. Whereas in Sindh translator and publisher is killed in the court much before any decision is taken by the court. Sindhi Hindus must take it seriously and keep in mind that they will not get any fair treatment from Sindhi Muslims. (Source: Chand, Hyderabad). 1951: Zamindars of Punjab meet Mian Mumtaz Doultana, the Chief Minister of the province and recorded their reservations and resentment about the proposed Land Reforms. (Source: Newspapers). 1958: Malik Feroz Khan Noon, the Prime Minister of Pakistan doubts danger for democracy in Pakistan. (Source: ibid). 1959: The first ever sea-ship is got built by PIDC and it is ready for sailing. The cost of ship is reported Rs.220000. (Source: Newspapers). 1964: The ban on Jamait-i-Islami is lifted. (Source: ibid). 1970: Pakistan mourns the death of Jamal Nasir. (Source: ibid). 1973: 842 POWs are back from India and it is beginning of their return. (Source: Newspapers). 1977: Crack down on PPP. Large scale arrests are made in Karachi and Lahore. Abdul Wahid Katpar, Chakar Khan Junijo and Moulana Ihtram-ul-Haq are arrested from Karachi and Larkano. Z.A.Bhutto is responsible

No comments:

Post a Comment