Tuesday 20 September 2022

Sindh in history today (21st September). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (21st September) ( 21 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 21.9.1939: "مسجد منزلگاه تحريڪ" جي "وار ڪميٽئ" جي چيئرمين خانبهادر محمد ايوب کهڙي اڄ سنڌ جي فرنگي گورنر کي عريضو موڪلي گذارش ڪئي ته الله بخش سومري جي وزارت مسجد منزلگاه جو مامرو ختم ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي, ان ڪري اوهان مهرباني ڪري ذاتي دلچسپي وٺي هئ مسئلو حل ڪرايو. [انگريز ته اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ هندو مسلمان کي ”ويڙھائي حڪومت ڪري رهيا ھئا. انھن کي ڀلا "مکڻ پئي ڪهڙو ٿي مٿو سڙيو". سياسي مقصدن ڪري اسان جي وڏڙن اهڙيون غلطيون ڪيون, بلڪه, مذھب کي سياست لاء ڪم آندو. هئ تحريڪ مسلمانن لاء زندگئ ۽ موت جو مسئلو ڪونه هو. ليڪن مسلمان سياستدانن دين جي آڙ وٺي سنڌ جي هندو مسلم اتحاد کي هاڃو رسايو] 21.9.1958: فاطمه جناح بيان ڏنو ته عوام جي چونڊيل نمائندن عوامي امنگن ۽ ضرورتن مطابق سياست نه ڪري ملڪي مفاد کي ڇيهو رسايو آھي. 21.9.1973: انڊيا جي پرڏيهي وزير بيان ۾ ڀٽي کي خبردار ڪيو ته تون "شملا معاهدي" جي خلاف ورزي پيو ڪرين, ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي مفاد ۾ ناهي. 21.9.1974: پيپلز پارٽئ فيصلو ڪيو ته هاڻي نصرت ڀٽو پارٽئ جي "ليڊيز ونگ" جي قيادت ڪندي. [ نصرت ڀٽي جا ڀاڳ به عجيب نڪتا, جو هن وڏيون قربانيون ڏنيون. سندس مڙس ۽ اولاد کي ماريو ويو, پر پنهنجن ئي کيس پارٽئ ۾ ڪنهن به دور ۾ اڳواڻئ جو رول ادا ڪرڻ نه ڏنو] 21.9.1991: پاڪستان مسلم ليگ (ن) حڪومت واضح ڪيو ته ڪنھن به صورت ۾ ”ڪالاباغ ڊيم" اسڪيم تان هٿ نه کڻبو. ان ڪري ان تي بحث ڪرڻ لاء اهو اسم "ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس" جي ايجنڊا ۾ رکيو ويو آھي. 21.9.1993: بينظير ڀٽو نواز شريف تي تنقيد ڪندي چيو ته هن جي حڪمرانئ ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بگڙي آھي. هن سنڌ جي ڀينگ ڪئي آھي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ ھن جي پارٽئ کي وڏي شڪست ملندي. *************** 21 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 21 سيپٽمبر 1926ع گلوڪاره ۽ اداڪاره ملڪه ترنم نور جهان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1931ع آرٽسٽ هري روپچند (ٺارو شاهه / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1938ع اداڪاره آشا منشاراماڻي (ڪراچي / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1951ع شاعر مشتاق علي مسرور جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1955ع شاعر مرزا منظور علي بيگ مسرور جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1960ع ليکڪ استاد گُل محمد دايو (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1960ع سگهڙ احمد خان سهاڳ(دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1963ع ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن ڊاڪٽر احسان علي مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 21 سيپٽمبر 1988ع پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردارئ جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 سيپٽمبر 1577ع اسڪالر سيد محمد مير بکري جي وفات ٿي. 21 سيپٽمبر 1939ع تعليمي ماهر چئنراءِ بولچند جو ديهانت ٿيو. Sindh in history today (21st September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1939: K.B.MuammadAyub Khuhro , Chairman of the ‘Masjid Manzilgah War Committee’ writes to Sindh Governor requesting him to play his constitutional role in resolving ‘Masjid Manzilgah issue’. He makes complaint against K.B.AllahBux Soomro, the Premier of Sindh, that he is not serious in resolving the issue. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1958: Fatima Jinnah makes it clear that representatives of people, particularly members of the National Assembly have failed to work for betterment of society therefore sorrows and longings of people have not ended. (Source: Newspapers). 1973: Indian Foreign Minster blames that Bhutto is violating Simla Agreement and it will affect relations of both countries. (Source: Newspapers). 1974: Nusrat Bhutto to head PPP Women Wing. The decision is taken in this regard. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: Assembly dissolution case- Lahore High court starts hearing. (Source: Newspapers). 1991: The Kalabag Dam scheme is included in the agenda of Council of Common Interests . PML-N Government is determined not to ignore this issue. (Source: Newspapers). 1993: ‘Nawaz can not win a single seat from Sindh. Distribution of land by him is blatant lie. He is responsible for lawlessness in Sindh’, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute.).

No comments:

Post a Comment