Saturday 3 September 2022

Sindh in history today (4th September). By. Dr.Pathan

( 4 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 4.9.1841: سنڌ کي ڏٺو وائٺو فرنگين ٺڳئ ۽ فريب ڏاڍ ۽ ظلم سان 1843 ۾ غلامئ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو. پر ان کان سال اڳ اسان جا حڪمران ذھني ۽ فڪري طور تي سنڌ کي غلام بنائڻ لاء فرنگين کي سهولتون مهيا ڪري رهيا هئا. اهو ئي سبب آھي جو اڄ ڪمپني حڪومت ليفٽيننٽ ٽيرئ کي حڪم ڪيو ته شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي جي سروي ۽ جاسوسي ڪري رپورٽ ٺاهي موڪل ته جڏهن اسان جي فوج اتان افغانستان ڏانھن ويندي ته شڪارپور مان ڪهڙيون سهولتون ملنديون ۽ دشواريون ڏسڻيون پونديون. انھئ سروي جو مکيه مقصد هو ته شڪارپور ۽ ان جي پسگردائئ جي جاگرافيائي حالتن ۽ رستن دڳن بابت معلومات گڏ ڪئي وڃي ۽ نقشا ٺاهيا وڃن. 4.9.1843: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ سنڌ جي گورنر کي لکيو ته ٽي غير استعمال ٿيل توبون, جيڪي توکي مياڻئ جي جنگ واري محاذ تان مليون آھن, اهي ڏياري موڪل ته انھن مان هڪ لنڊن جي ونڊسر محل جي آڳڻ تي, هڪ ممبئي ۾ ۽ ھڪ گورنمينٽ ھائوس ڪلڪتي اڳيان رکي وڃي. 4.9.1954: پنجاب جي وڏي وزير صلاح ڏني ته "ون-يونٽ" قائم ڪرڻ بدران اولھ پاڪستان جي صوبن جي فيڊريشن قائم ڪئي وڃي. 4.9.1965: ايوب,ضياء الحق, يحيا ۽ مشرف مارشل لا ذريعي ملڪ تي قبضو ڪري, هر ڪنهن ملڪ ۾ پنهنجو نظام آندو ۽ مڙيو. جنرل ايوب ملڪ ۾ ”بنيادي جمهورت" جو نظام لاڳو ڪيو. اڄ انھئ سلسلي ۾ بيان ڏنائين ته هي نظام عوام کي اقتدار ۾ شامل ڪرڻ جو بهترين طريقو آھي. 4.9.1973: اقتدار جي مسند تي ويٺل ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته منھنجي حڪومت ٻڌل/قيد ڪيل سياسي ڪارڪنن کي فقط ڳالهين ذريعي آزاد ڪندي. ان ڪري مخالف ڌر وارا جيڪڏهن پنهنجا ڪارڪن آزاد ڪرائڻ گهرن ٿا ته ڳالهين لاء تيار ٿين. *************** 4 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجه شخصيتون ***************جنم ڏينهن: 4 سيپٽمبر 1936ع ليکڪ امداد علي سرائئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 سيپٽمبر 1941ع گلوڪار گرمک نانڪاڻي (نوابشاهه / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 سيپٽمبر 1942ع اداڪار منگهو ڌرمداساڻي (ڪنڊيارو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 سيپٽمبر 1951ع صحافي ۽ ليکڪ فقير محمد لاشارئ جو جنم ڏينهن آهي. 4 سيپٽمبر 1951ع ليکڪ علي محمد رمدي جو جنم ڏينهن آهي. 4 سيپٽمبر 1952ع باليووڊ اداڪار رشي ڪپورجو جنم ڏينهن آهي. 4 سيپٽمبر 1961ع شاعر ڪنعيو شيواڻي(ڀوپال) جو جنم ڏينهن آهي. 4 سيپٽمبر 1958ع صحافي محمد عاشق پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 سيپٽمبر 1906ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد آگرو جو لاڏاڻو ٿيو. 4 سيپٽمبر 1936ع شاعر علي اڪبر مجروح جي وفات ٿي. 4 سيپٽمبر 1955ع شاعر مرزا امام علي بيگعلي جو انتقال ٿيو. 4 سيپٽمبر 1967 شاعر سيٺ محب علي محب جو لاڏاڻو ٿيو. 4 سيپٽمبر 1987ع شاعر سليم ڳاڙهوئ جو انتقال ٿيو. 4 سيپٽمبر 1984ع لوڪ گلوڪار مصري فقيرجو انتقال ٿيو. Sindh in history today (4th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. *********** EVENTS 1841: Lieutenant Terry is assigned duty to carry out the survey in Shikarpur district. (Source: letter No.918). This may kindly be note that in those days Sindh was still under rule of Talpurs, but Political Agents and Assistant Agents like Lieutenant Postans and Major Outram were given free hand to that extent that they were taking policy decisions like conducting of survey and investigating merits of Indus for navigation, etc. 1843: The Governor-General in Council asks Sir Charles Napier that one of three guns be captured after the battle of Miani would be sent to England to be kept on the terrace at Windsor and other two to be placed at the foot of the monument at Bombay and also send fourth one which would be placed in front of the Government House at Calcutta. (Source: letter No.359). 1954: Feroz Khan Noon, Chief Minister of Punjab suggests Federation of West Pakistan. (Source: Newspapers). 1959: Basic Democracy system will ensure participation of people in power, claims President Ayub. (Source: Newspapers). 1965: The Secretary General of the U.N.O doubts a big clash between India and Pakistan. (Source: ibid) 1973: Release of political workers is inter-related with political dialogue, declares Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).

No comments:

Post a Comment