Friday 9 September 2022

Sindh in history today (10th September). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (10th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 10 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 10.9.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي ٻڌايو ته مير نور محمد خان بيمار ٿي پيو آھي ۽ گذارش ڪئي اٿائين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪو گورو ڊاڪٽر موڪلي ڏئي ته منھنجي دوا ڪري. پاٽينجر وڌيڪ لکي ٿو ته مير مون کي پڪ ڏياري آھي ته اڳتي سنڌ ۾ فرنگين جي واپارين کي سنڌي ماڻھون تنگ نه ڪندا ۽ واپارين جي وڻج خواه ٻيڙن جي ڀرپور حفاظت لاء اسان جي سرڪار سخت قدم کڻندي. پاٽينجر لکي ٿو ته سنڌ جا سمورا مير حڪمران پريشان آھن ته متان رنجيت سنگ شڪارپور تي ڪاهي نه اچي. 10.9.1847: خيرپور جي حاڪم مير علي مراد خان پنهنجا ناراض ڪري انگريزن سان دوستي رکي ۽ ڏکيئي وقت ۾ فرنگين سان نڀايو. پر "ڪم لٿو ڊکڻ وسريو" مصداق, جڏهن فرنگي سنڌ جا حڪمران ٿيا ته هن کي ئي نشانو بڻايائون ۽ سندس رتبو گهٽايائون ۽ زمينون کسيائون. مير علي مراد خان اها دانھن کڻي انگلنڊ ويو ته وڃي راڻئ اڳيان دانھين ٿئي. پر ملاقات ته نه ٿيس, ويتر جواب مليس ته اوهان جو فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ڪندي. ان ڪري انھئ آڏو پنهنجو ڪيس وڃي پيش ڪيو. [مير علي مراد پاڻئ واري جهاز Triste ذريعي واپس ٿي رهيو ۽ اهو احوال کيس ساٿ ڏيندڙ مسٽر Coffey پنهنجي خط ۾ لکيو آھي] 10.9.1920: انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان جي فوجين پنهنجئ وندر ورونهن لاء ڊراماٽڪ سوسائٽيون ٺاهيون, جيڪي انگريزئ ۾ ڊراما اسٽيج ڪنديون هيون. پوء ڏيهي ماڻھن به ناٽڪ منڊليون ٺاهيون. جڏهن ڊرامو وندر جو وڏو ذريعو بڻيو ته هندستان جون ناٽڪ منڊليون ۽ ڪمپنيون سنڌ ۾ اچڻ لڳيون. اهو سلسلو تيسيتائين هليو, جيسيتائين سنڌ ۾ سئنيما گهر ٺھيا ۽ ڊرامن جي جاء فلمن ورتي. اڄ ھندستان جي "ايڇ.بي.وارننگ ڪمپني" ڪراچئ آئي, جنهن ڪيترا ڏينھن ڊراما اسٽيج ڪيا. 10.9.1921: شاهنواز خان ڀٽي جي ڪوششن سان رتيديري شھر ۾ سرڪار جي وفادارن جي تنظيم "امن سڀا" قائم ٿي. ان جا هن ريت عهديدار مقرر ڪيا ويا: شاهنواز خان ڀٽو (صدر), راء بهادر مولچند (نائب صدر), ديوان ڀوڄراج (سيڪريٽري) ۽ هرداس مل (جنرل سيڪريٽري). ان کان سواء 40 ميمبرن ٻڌل هڪ ڪميٽي به ٺاهي وئي ته اهي در در وڃي ماڻھن کي سمجهائن ته اهي خلافت يا ڪانگريس کان پاسو ڪن ۽ فرنگي سرڪار جا وفادار ٿي رهن. 10.9.1939: دادوء ۾ حاجي محمد يعقوب واري ڪارخاني وارئ جاء ۾ مسلمانن جو ميڙاڪو ٿيو ۽ ان موقعي تي مسلم ليگ جي شاخ کولي ميان شمس الدين کي ان جو چيئرمن چونڊيو. 10.9.1947: پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ جو اجلاس ٿيو. اهو پهرين اجلاس جو پهريون ڏينھن هئو. اجلاس ۾ اوڀر بنگال مان 40, پنجاب مان 17, ڪي.پي.ڪي مان 3, بلوچستان مان 1 ۽ سنڌ مان 4 ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس قائد اعظم کي صدر ۽ مولوي تميزالدين کي پنهنجو نائب صدر چونڊيو. 10.9.1974: شيخ مجيب اعلان ڪيو ته پاڪستان جي فوج اوڀر پاڪستان ۾ جنگي ڏوه ڪيا آھن. ان ڪري جنگي قيدي تي ڪيس هلائبا. 10.9.1977: فوجي حڪومت انھن ماڻھن کي ڳولهي ڳولهي ڦٽڪا هنيان ۽ سزائون ڏنيون, جن ڀٽي جي حڪومت دوران مخالف ڌر جا جلسا ڦٽايا هئا. 10.9.1981: بينظير جي قيد/نظربندئ ۾ ٽن مهينن جو اضافو ڪيو ويو. 10.9.1990: ملڪ ۾ پي.ڊي.اي جي نالي سان سياسي اتحاد جڙيو. انھئ ۾ پيپلز پارٽئ, مسلم ليگ (ملڪ قاسم گروپ), تحريڪ استقلال ۽ ٽي.جي.ايف.پي پارٽيون شامل ٿيون. *************** اڄوڪيڏينهن 10سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 10 سيپٽمبر 1920ع شاعر اڪن فقير اڍاڻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1938ع شاعر محمد دائود تاج ٽکڙائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1938ع شاعر ديورت پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1952ع اداڪاره پونم روپاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1960ع شاعر امام علي ”مختيار“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1965ع شاعر رحيم بخش مهر ”خادم“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ عبدالستار هڪڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1970ع شاعر گل خاصخيلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1970ع ليکڪ نياز شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 10 سيپٽمبر 1920ع شاعر شمس الدين شاهه ”شمن“ جو لاڏاڻو ٿيو. SINDH IN HISTORY TODAY (10th SEPTEMBER) Sindh in history today (10th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. 10th September EVENTS 1835: Colonel Pottenger, Political Agent in Sindh, informs his Government that Mir Noor Muhammad Khan has asked for medical officer to be sent by the Government of India to Hyderabad for his treatment. He has also promised that in future no molestation would be offered to the merchants of India trading by Indus. Pottenger also informs his Government that Mirs were in great tribulation about Ranjeetsing attacking Shikarpur. (Source: Pottenger’s letter No. 63). 1847: Mir Ali Murad Khan is returning from England to home by Trieste and Mr. Coffey is conducting/attending him. Mr. Coffey sends letter to the Government of India that Mir was not happy with the attitude of the Government of India regarding his claim and case about restoration of the rank of ‘Rais’ and of a portion of his territory. During his vest of England, Mir Ali Murad Khan submitted petition to the Queen on the subject. But, he was told that matter will be resolved by the Government of India on the investigation and report of the Sindh Commissioner. (Source: Letter No. 1847 from Secret Committee). 1920: Since the occupation of Sindh by the Government of India, Dramatic Companies visited Sindh and stage their dramas in Karachi. Today, such a company, namely ‘H.B.Waring’s Company’ has arrived at Karachi to stage dramas in English there. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1921: In a public meeting held under presidency of Shahnawaz Khan Bhutto, the Ratodero Aman Sabha is formed with following office-bearers: Shahnawaz Khan Bhutto (President), Rai Bahadur Mulchand (Vice President), Diwan Bhojraj (Secretary), Hardasmal (General Secretary). A Committee of 40 members is also formed to propagate and discourage Non-Co-Operation Movement launched by Khilafat and Congress against the Government. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1939: In the General meeting of the Muslim League held at Dadu, in the Factory of Haji Muhammad Yaqub, Mian Shamsuddin is elected as the chairman of the branch Muslim League. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1947: It is the first day of the first session of the Pakistan Constituent Assembly today. The session starts at Karachi and it is attended by 40 members from East Bengal, !7 from Punjab; 3 from NWFP; 01 from Baluchistan and 4 from Sindh. Quaid-i-Azam is elected President, whereas Moulvi Tamizuddin as Deputy President. (Source: Newspapers). 1953: Sanghar is created as new District. It consists of Sanghar, Sinjhoro; Pethoro and Shadadpur talukas. (Source: Government Notification). 1974: Pakistani POWs have to face War Crime Cases at any cost, says Shaikh Mujeeb. (Source: Newspapers). 1977: Ten people are sentenced to imprisonment besides, lashing. They were involved in disturbing PNA meetings (Source: Newspapers). 1981: Detention of Benazir Bhutto is extended for another 3 months. She is sent back to Karachi. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: PDA is formed. It consists of PPP, Muslim League (Malik Qasim Group); Tahrik-i-Istaqlal and TJFP. (Source: Newspapers). 1991: Attack on Benazir Bhutto. Sindh Assembly rules ‘motion’ out of order. (Source: Newspapers)

No comments:

Post a Comment