Monday 26 September 2022

Sindh in history today (27th September). By. Dr.Pathan

( 27 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 27.9.1919: سنڌ ۾ وڏي پئماني تي "خلافت ڊي" ملهايو ويو. هئ پهريون دفعو هو جو ستل شير وانگر سنڌي عوام انگريز حڪومت خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ عوام جي اها بيداري انگريزن ۾ اهڙي بيزاري پيدا ڪئي جو 25 سالن اندر ملڪ ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ٿي. 27.9.1939: مسلم ليگي اڳواڻن مسجد منزلگاه تحريڪ کي نهايت خطرناڪ موڙ تي پهچائي ڇڏيو. ان لاء سرڪار مسجد منزلگاه جي حدن اندر داخل ٿيڻ تي بندش وجهڻ لاء قلم 144 لاڳو ڪيو. اهڙئ ريت سکر جي مختيارڪار وري ڊسٽرڪٽ پوليس ايڪٽ جي قلم 42 مطابق پوري آڪٽوبر مهيني لاء لٺيون, لوڙھيون, ڪهاڙيون; ڏنڊا ۽ ٻيا اوزار کڻي هلڻ تي پابندي وڌي. (حوالو: Masjd Manzalgah Chronology, Gul Hayat website). 27.9.1950: ملڪ ٺهڻ کي ٽي سال گذري ويا, ملڪي آئين ٺاهڻ بابت اڃا ڳالهيون ئي ٿينديون رهيون. پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ اڄ سفارش ڪئي ته ملڪ ۾ قاون سازئ جا ٻه ايوان هجڻ گهرجن ۽ مٿئين ايوان ۾ صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي ملڻ گهرجي. 27.9.1955: پاڪستان آئين ساز اسيمبلئ "ون-يونٽ“ بل پاس ڪيو. 27.9.1973: ذوالفقار علي ڀٽي جي جاء تي اڄ چوڌري فضل الاهي پاڪستان جو صدر ٿيو. 27.9.1975: پهريون دفعو ملڪ ۾ ڪوڙين ڊگرين ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ جو پتو پيو. ان سلسلي ۾ لاهور مان 8 شاهينگ گرفتار ڪيا ويا. 27.9.1998: . اڄوڪي تاريخ تي برطانوي اخبار آبزرور رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته نواز شريف ساڍا 9 ملين پائونڊ پرڏيهي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيا ۽ اتي جائيدادون خريد ڪيون آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سئيز بئنڪ ۾ نواز شريف جا 30 ملين پائونڊن جا اثاثا آهن، جڏهن ته هن لنڊن ۾ 4 مي فيئر فليٽ 3 ملين پائونڊن ۾ خريد ڪيا آهن، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته اتفاق ڪمپني 8 ملين ڊالرن کان وڌيڪ جي رقم پرڏيهه منتقل ڪئي آهي. {27 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1857ع سگهڙ قاضي الهورايو نظاماڻي. 1933ع اداڪار ۽ ليکڪ سندر ڀوتاڻي (ڪراچي / ناگپور). 1935ع شاعر ڊاڪٽر قيوم تراز (شڪارپور). 1945ع شاعر محمد مراد مخل. 1961 مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس (ڪنڊيارو). 1962ع شاعر محبت لونگائي. 1970ع سوشل ايڪٽوسٽ، ليکڪ ۽ دانشور ذوالفقار هاليپوٽو. [وڇوڙو]: 1328ع نامور عالم دين، مفر ۽ محدث ابن تيمي. 1966ع ليکڪ سيد پناهه علي شاهه (مورو). 2013ع ٿر جي تاريخ جو پارکو علي نواز کوسو۔ 2013ع شاعر شاهن باڊاهي. SINDH IN HISTORY TODAY (27th September) Selection from Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1851: The chief Merchants of Karachi draft a petition to the Presidency Government [Bombay Government] for application of Municipal Act. (Source: Dr.Azimusan Hyder’s Ph.D Thesis). 1919: Sindh observes ‘Khilafat Day’. It is first ever big political event and activity in Sindh. In spite of curbing policy of the Government, processions are taken out and public meetings are held in the length and breadth of Sindh. (Source: The Sindh Gazette, Karachi). 1939: Section 144 is imposed in Sukkur City so as to avoid any un-wanted action or reaction on Masjid Manzilgah issue. It is also announce that section 42 of the District Police Act will be imposed with effect from 1st of October. (Source: Press Note by Sukkur District Administration). 1950: The Constituent Assembly of Pakistan recommends that the Parliament of Pakistan shall consists of two Houses and all provinces be given equal representation in Upper House. (Source: Newspapers). 1966: Jamia Islamia Bahawalpur is upgraded as University. (Source: ibid). 1971: India tried to include situation in East Pakistan as an item to be discussed by the General Assembly of U.N.O. (Source: Newspapers). 1973: Z.A.Bhutto resigns as President of Pakistan and Chowdri FazulIllahi , the Speaker of National Assembly is elected as the President. (Source: ibid). 1975: Eight people are arrested in Lahore on account of their involvement in issuing fake Degrees ‘ (Source: ibid).

No comments:

Post a Comment