Monday 12 September 2022

Sindh in history today (13th September). By. Dr.Pathan

( 13 سيپٽيمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 13.9.1847: باقي سنڌ تي ته انگريزن جو قبضو ۽ راڄ شروع ٿي ويو, ليڪن خيرپور جي حيثيت هڪ الڳ رياست جي رهي, جتي مير علي مراد خان حڪمران ٿيو. هن جي رياست ۾ فرنگي سفارتڪار/ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو. اڄ انھئ ريزيڊنٽ سنڌ جي ڪمشنر کان اجازت گهري ته هو مير علي مراد سان ڳالهائي, خيرپور شھر کان ٿورو ٻاهر "ريزيڊنسي" ٺاهڻ جي منظوري وٺي. 13.8.1848: فرنگي سرڪار شڪارپور ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ فوجي آپريشن ڪري بگٽي قبيلي جي ڪيترن ماڻھن کي پڪڙي ورتو. اهي شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ ڏوهي ڪاروايون ڪري واپس جبلن ۾ ھليا ويندا هئا. انهن قيدي بگٽين کي شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ ڪئمپون ٺاهي اتي رکيو ويو. حيدرآباد سندن ڪئمپ ٽنڊو غلام علئ ۾ قائم ڪئي وئي هئي. 13.9.1857: هڪ بنگالي برهمڻ فرنگي سرڪار کي ٻڌايو ته اوهان خلاف ڏيهي فوجي بغاوت جي سٽي رهيا آھن. خبر ملندي ئي ڪمشنر فوجين جي پريڊ ڪرائي هنن کان هٿيار ڦري ورتا ۽ شڪي فوجين کي گرفتار ڪري ورتو. سيٺ نائونمل هوتچند هن نازڪ ۾ فرنگي سرڪار جي وڏي مدد ڪئي. ان ڪري بغاوت کان اڳ ئي حالتن تي ضابطو ڪيو ويو. 13.9.1948: حيدرآباد دکن پنهنجي آزاد رياست جي حيثيت وڃائي وٺي. انڊيا انھئ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضم ڪري ڇڏيو. سر شاهنواز هن رياست جو ديوان هو. هن حيدرآباد دکن کي پاڪستان سان الحاق ڪرڻ لاء ھٿ پير هلايو هو ۽ ڪجھ ناڻو پاڪستان موڪليو هو. [ياد رهي ته ذوالفقار علي ڀٽي انهئ تعلق کي ڌيان ۾ رکندي لڏي آيل نواب آف حيدرآباد دکن کي سنڌ جو گورنر بڻايو هو] 13.9.1958: خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪيو ويو. [مرڪزي حڪومت اتر پاڪستان مان خان عبدالغفار خان ۽ ڏکڻ پاڪستان مان جي.ايم.سيد کي سک جو ساه گهٽ ئي کڻڻ ڏنو. گرفتاريون ۽ نظربنديون, ٻنھي سياستدان جي زندگئ جو اٽوٽ رنگ بڻجي ويو] 13.7.1977: لاهور هاء ڪورٽ اڄ ذوالفقار علي ڀٽي کي ضمانت تي آزاد ڪيو. *************** 13سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 13 سيپٽمبر 1933ع پي پي اڳواڻ ۽ سابق وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي وفات 13 سيپٽمبر 2004ع پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي وفات ٿي SINDH IN HISTORY TODAY (13th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan EVENTS 1847: The Resident at Khairpur request for permission from Sindh Commissioner to approach His Highness Mir Ali Murad Khan to get site out of city for the construction of Residency at Khairpur. (Source: Letter No. 69 from Resident at Khairpur) . 1848: During operation against Bugtis, some arrests are made at Shikarpur and Hyderabad and they are declared as prisoners of war. In Shikarpur, they are handed over to the Collector and Magistrate and in lower Sindh, they are stationed at Tando Ghulam Ali. (Source: Commissioner’s letter No.2437). 1857: A Bengali Birahman informs Government that Regiment No.21 has planned to revolt against the Government at midnight. Search opretion is started soon after the information is received and revolutionaries are arrested. Seth Naumal plays vital role in collecting information about mutiny. (Source: Memoirs of Seth Naumal and other books). 1948: Hyderabad Dakhan losts its independence. It is occupied by India. (Source: History of Dakhan). 1952: The Security Council discusses the membership proposal of Pakistan for U.N.O. (Source: Newspapers). 1958: Khan Abdul Ghaffar Khan is arrested. (Source: ‘Source-Material on ANP’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Lahore High Court orders release of Z.A.Bhutto on bail. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).

No comments:

Post a Comment