Thursday 22 September 2022

Sindh in history today (23rd September). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (23rd September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 23 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 23.9.1841 سنڌ تي حڪمراني ته ميرن جي آھي, پر انگريز آزاد آھن ته هو ڪنھن به شهر يا پرڳڻي جي پنهنجي ضرورتن ۽ مفادن مطابق سروي ڪن. لفٽيننٽ ٽيري شڪارپور ۽ لاڳاپيل پرڳڻي جي سروي شروع ڪئي هئي, پر ڪن انتظامي سببن ڪري هن کي اهو ڪم روڪڻو پيو هو. اڄ شڪارپور جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ پوسٽن خط لکي آئوٽرام کان اجازت گهري ۽ مشورو ڏنو ته ليفٽيننٽ ٽيرئ کان اهو سروي وارو ڪم پورو ڪرائجي. مطلب موڪل ۽ اجازت ميرن کان وٺڻ بدران انگريز ايجنٽ انگريز عملدار کان اجازت وٺي ٿو. 23.9.1843: ساسور جيل مان جنگي قيدي مير صوبدار خان اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي داد لاء فرياد ڪئي. سندس خط وڏو ۽ تفصيلي آھي, جنهن ۾ ھن لکيو آھي مون هر موڙ تي انگريزن جي مدد ڪئي ۽ سفارتڪارئ جي هر مرحلي تي تعاون ڪيو, ڪڏهن به انگريزن خلاف هٿيار نه کنيان. پر مون گرفتار ڪيو ويو ۽ منھنجي هر هڪ شئ لٽي وئي. مون سان ظلم ٿيو آھي. مون کي پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي ۽ لٽيل دولت واپس ڪئي وڃي. 23.9.1950: پناهگيرن جي آبادڪارئ جو حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻھن ھفتو ملهايو. اڄ ان جو پهريون ڏينھن هئو. ماڻھن پناهگيرن لاء لٽن ڪپڙن ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو. 23.9.1955: پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ ملڪ جي گورنر جنرل کي اهو اختيار ڏنو ته هو ون-يونٽ اسڪيم جي حوالي سان ۽ ان جي انتظام رکڻ لاء ڪنهن به قانون ۾ ردوبدل ڪري سگهي ٿو يا ڪو آئين مهمل ڪري سگهي ٿو. 23.9.1957: راڻي چندرسنگ سوڍي کي مغربي پاڪستان حڪومت ۾ ڊپٽي وزير ڪري کنيو ويو. 23.9.1960: مغربي پاڪستان جي حڪومت جي سنڌي وزير مير علي نواز خان ٽالپور کي سياست ۾ نااهل قرار ڏنو ويو. مغربي پاڪستان حڪومت ۾ ڪهڙا ڪهڙا سنڌي وزير ٿيا, انھن سنڌ/سنڌين جي ڪهڙي خدمت ڪئي يا انهن جو سياست ۾ ڪهڙو حشر ڪيو ويو, ان تي سنڌ جون يونيورسٽيون تحقيق ڪرائن. 23.9.1962: ڀنڀور جي کوٽائي ڪندڙن کي کوٽائي ڪندي هڪ مسجد جا آثار مليا. 23.9.1977: ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪري مارشل لا لاڳو ڪندڙ ضياء الحق آئين ۾ تبدليون آنديون ته اڄ جماعت اسلامئ جي ميان طفيل احمد انھئ قدم کي ساراهيو. *************** { 23 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1818ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائيجي. 1908ع ليکڪ ۽ صحافي علي محمد ڀٽو. 1955ع صحافي ڊاڪٽر بدر الدين (لاڙڪاڻو). 1962ع صحافي صداقت علي شاهه (سيتا روڊ). 1965ع ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن رفيق احمد انڍڙ. [وڇوڙو]: 1585ع اڳوڻي حڪمران مرزا محمد باقي. 1947ع شاعر ڪشنچند بيوس. 1954ع شاعر ڄام خان (بدين). 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد ميمڻ. 1971ع مذهبي اسڪالر پنهل سائين مهيسر . 2004ع اردو جي مشهور شاعر تابش دهلوي. 2009ع شاعر سالڪ سولنگي (لاڙڪاڻو). EVENTS: 1841: Lieutenant Postans, Political Agent, Shikarpur, informs Colonel Pottenger that the work on survey of Shikarpur area that was suspended , may be re-started by Lieutenant Terry very soon. (Source: Letter No.980). This may kindly be noted that such type of work is being conducted much before occupation of Sindh. 1936: After the separation of Sindh from Bombay Presidency, Sindhi Muslim Political leaders have started thinking about formation of their own political parties. At the residence of Sir Haji Abdullah Haroon Sindhi Muslim Politicians are gathered today to form ‘Sindh United Party’. (Source: The Daily Gazette, Karachi). This may kindly be noted that Sir Haji Abdullah Haroon and Sir Shahnawaz Bhutto played leaders’ role in this party, but , in election both were defeated. 1947: Pakistan becomes the member of N.N.O. (Source: Newspapers). 1950: Hyderabad celebrates ‘Help Muhajreen Week’. It is first day and Sindhis- indiduals and NGOs have started collecting food, cloth and other items. Meetings are held demanding plots and homes for Muhajreen. (Source: Newspapers). Sindh and Sindhis accepted and helped Muhajreen in a such way and today some of Muhajreen under the shadow of MQM are demanding division of Sindh ! What a history is making joke with them!! 1955: The Constituent Assembly of Pakistan authorities the Governor-General of Pakistan to make amendments in law regarding One-Unit. (Source: Newspapers). 1957: Rano Chandar Sing is inducted in West Pakistan Ministry as a Deputy Minister. (Source: Newspapers). 1960: Mir Ali Nawaz Khan Talpur, Minister in Government of West Pakistan id disqualified. (Source: Newspapers). 1962: Experts’ team claims that they have found a Mosque in the Bambhore site. (Newspapers). 1964: The task of marking and demarcation of boundary between Iran and Pakistan is completed. (Source: Newspapers). 1977: Mian Tufail Ahmad of Jamait-i-Islami welcomes constitutional amendments made by General Zia. (Source: ibid). 1990: Benazir asked to appear in court on next hearing in Lake View Hotel case. (Source: ‘Source-Material compiled by Gul Hayat Institute). 1992: It is hearing in the court against Benazir Bhutto in the Reference about misconduct in award of contract. (Source: ibid)

No comments:

Post a Comment