Wednesday 14 September 2022

Sindh in history today (15th September). By.Dr.Pathan

( 15 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 15.9.1922: لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر نئين ديري تي شاهنواز خان ڀٽي جو اثر هو. ان ڪري اتي خلافت ۽ ڪانگريس بدران مهاسڀا ۽ امن سڀا کي سرگرم ٿيڻ جو موقعو مليو. البته نئين ديري ڀرسان شاه جو ڳوٺ ۽ رتوديرو ۾ خلافت تحريڪ زور پڪڙيو. اڄ رتيديري ۾ خلافت تحريڪ طرفان هڪ وڏو عوامي جلسو ٿيو, جنهن ۾ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو ته دين ۽ ڌرتئ جي مفاد ۾ هڪ ٿي فرنگي حڪومت خلاف هر تحريڪ ۾ قول ۽ فعل سان حصو وٺو. 15.9.1923: لاڙڪاڻي شھر جي خلافت ڪميٽئ جي سيڪريٽرئ شيخ محمد رمضان کي سرڪار خلاف تقريرون ڪرڻ تي "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 108 " هيٺ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو ويو. اڄ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڪورٽ کيس ٻارهن مهينا سخت پورهيئي سان سزا ڏني. 15.9.1972: ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار ۾ اچي ڪيترن سان ڦٽايو. نيئشنل عوامي پارٽي به سندس نشانو بڻي. اڄ ڀٽي بيان ڏنو ته اها پارٽي پاڪستان خلاف سرگرميون ڪري رهي آھي [ياد رهي ته هن پارٽئ تي پوء پابندي مڙي وئي ۽ ان جي اڳواڻن تي ملڪ دشمنئ جا ڪيس هلايا ويا. ليڪن پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ملڪ دشمنئ ۽ بغاوت جا ڪيس کوڙ ماڻھن تي هليا. ليڪن سزا ڪنھن کي به نه ملي ۽ سرڪار اهي لڳايل ڪيس پاڻ ئي واپس ورتا. ان جو سبب اهو ته حڪومت ڪوڙا ڪيس مڙھيا] 15.9.1977: زمانو ضياء الحق جي ظلم ۽ مارشل لا جو آھي. ضياء ڪنهن به صورت ۾ چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ ڪونه هو. پر اهڙو جواز کيس سياستدانن پيدا ڪري ڏنو. مولانا مفتئ بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته "اڳ ۾ احتساب,پوء انتخاب". اڄ ھڪ ٻئي مڃيل سياستدان سردار شوڪت حيات مطالبو ڪيو ته هن گنڀير سياسي حالتن ۾ چونڊن نه ڪرايو. *************** 15 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 15 سيپٽمبر 1851ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عاقل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1906ع شاعر عبدالرحيم عابد جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1918ع اسڪالر گنگا رام سمراٽ (سن / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1922ع ليکڪ منير چنا جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1930ع ليکڪ احمد خان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1932ع شاعر، صحافي، ڊراما نگار ۽ ليکڪ شمشير الحيدرئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1935ع شاعر ۽ صحافي نادر علي شاهه فراق (ٺارو شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1943ع ليکڪ اشور ڪرپلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1947ع صحافي، ليکڪ ۽ شاعر ساز ڪاظمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1949ع قانوندان ۽ سياستدان امان الله شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1952ع شاعر عرض محمد شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1956ع سياستدان ارباب غلام رحيمجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1960ع سماجي ورڪر بيربل گناڻي (سنجهورو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1961ع شاعر رجب آزاد (سيتا) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1963ع شاعر منظور سحر (سيوهڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ مشڪور مصطفى جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1972ع ليکڪ نورالدين سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1972ع عالم، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر آغا بدرالدين(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1977ع اداڪار ايم مصطفى کٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 15 سيپٽمبر 1899ع مذهبي عالم پير راشد الدين (ٽيون) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1919ع شاعر، سماج سڌار ۽ سياستدان شمس الدين بلبل( ميهڙ) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1930ع حاجي جلال الدين (سجاده نشين پير پٺو) جو انتقال ٿيو. 15 سيپٽمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد بٺوي جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1944ع مذهبي اسڪالر مولانا ميان محمود جو لاڏاڻو ٿيو. 15 سيپٽمبر 1974ع صحافي، ايڊيٽر ۽ شاعر مولانا غلام محمد گرامئ جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 2007ع سياستدان ارباب امير حسن(کيتلاري) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 2013ع مشهور ليکڪا ۽ شاعره ريٽا شهاڻي(حيدر آباد / پونا) جي ديهانت ٿي. SINDH IN HISTORY TODAY (15th SEPTEMBER. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1922: A public meeting is held at Ratodero by the local branch of Khilafat Committee. Speakers ask people to boycott foreign made items and article. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1923: Shaikh Muhammad Ramzan, Secretary Khilafat Committee is sentenced to 12 months imprisonment by the court of the Deputy Collector of Larkano. He was arrested under 108 Criminal Procedure Code for delivering anti-government speech. (Source: The Daily Al-Wahid. Karachi). 1948: Noor-ul-Amin cabinet takes oath in East Bengal [East Pakistan]. He was pro-Pakistani politician and was appointed Prime Minister of Pakistan in Yahya regime. Bhutto was appointed Deputy Prime Minister. (Source: Newspapers). 1972: NAP is involved in anti-Pakistan activities, says President Z.A.Bhutto (Source; ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Sardar Shoukat Hayat demands postponement of general election. Such type of politicians helped Zia to take decision regarding postponement. (Source: Newspapers).

No comments:

Post a Comment