Sunday 18 September 2022

Sindh in history today (19th September). By. Dr.Pathan

( 19 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 19.9.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مان ڀڄ ۾ آھيان. ان ڪري ديوان لکميچند جي اڳواڻئ ۾ مير رستم علي خان سان معاهدي تي ڳالهين ڪرڻ لاء وفد موڪليو اٿم. مير صاحب سرڪار لاء تحفا ڏياري موڪليا آھن. (حوالو: پاٽينجر جو مراسلو نمبر 67). 19.9.1939: اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل مراسلو لکي "سيڪريٽ ڪمٽئ" کي سنڌ جي صورتحال کان آگاه ڪندي لکيو ته مارچ ۾ ميرن سان معاهدي تي ڳالهيون هليون, سي هاڻي پوريون ٿيون. مير هر ڳالھ ۾ اجايو دير لڳائيندا آھن. چون ٿا ته ڪراچي موٽائي ڏيو, پر هاڻي اها ڳالھ کين وسارڻ گهرجي. اسان کي سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکڻ گهرجي. ان بابت ۽ ڪراچئ جي مالڪئ بابت جلد تفصيل سان گذارشون عرض رکندس. (حوالو: گل حيات ۾ موجود ڊاڪيومينٽ نمبر 218). 19.9.1843: ساسور جيل مان جنگي قيدي مير صوبدار خان اڄ ممبئئ جي گورنر کي خط لکيو ته مان انگريزن جو يار وفادار ٿي رهيس, پر نيپيئر نه نڀائي ۽ مون کي بي گناه گرفتار ڪيائين. منهنجا ديرا (خاندان) وارا حيدرآباد ۾ ڏاڍئ تڪليف جا ڏينھن ٿا گذارن. سندن هڪ سو نوڪر آھن. پر سرڪار ماهوار 550 روپيا وظيفو ڏين ٿي. مهرباني ڪري وڏئ سرڪار کي پارت ڪري اهو وظيفو وڌرايو. (حوالو: ڪتاب Correspondence Related to Sindh). 19.9.1845: اڄ سنڌ جي پهرين فرنگي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کان ڏوڪڙن جي گهر ڪئي ته جيئن سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ بند ٻڌرائجي, جنهن تي 39717 خرچ ايندو ۽ ٻنھي شھرن وچ ۾ روڊ ٺھرائڻ تي 52000 روپيا خرچ ايندو (حوالو: نيپيئر جو مراسلو نمبر 233). 19.9.1926: اڄ ميهڙ ۾ ”بزم مشاعره صوفي" طرفان "خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي" جي طرح مصرع تي مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ جمع خان "غريب" , حافظ عبدالوهاب "ڪنڀر", حافظ محمد "احسن", محمد بخش “واصف", علي حيدر "حيدري", تاج ٻرڙي ۽ شاه محمد "صوفئ" پنهنجي شاعراڻي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا. 19.9.1939: "مسجد منزلگاه تحريڪ" کي زور وٺرائڻ لاء اڄ خانبهادر غلام محمد اسراڻ لاڙڪاڻي مان ۽ "مجديد جماعت" مٽيارين مان ماڻھن جا جٿا سکر موڪليا. ياد رهي ته پير غلام مجدد کي هن تحريڪ دوران گرفتار ڪيو ويو هو.(حوالو: "الوحيد" اخبار). 19.9.1947: ورهاست ۾ مليل نئين ملڪ پاڪستان ۾ اڄ کان آفيسن ۾ ڪم شروع ٿيو. 19.9.1949: پاڪستان ۽ انڊيا پاڻ ۾ معاهدو ڪيو ته ڪشميري هڪ ڪشمير کان ٻئي ڪشمير ڏانھن لڏپلاڻ نه ڪندا. تعجب جي, مگر سمجه ۾ ايندڙ ڳاله اها آھي ته اهڙو معاهدو انڊيا مان لڏي ايندڙ پناهگيرن بابت نه ڪيو ويو. 19.9.1955: پاڪستان قائم ٿئي 8 سالن کان مٿي جو عرصو ٿيو آھي. اڄ برطانيه جي راڻي جو حڪم نڪتو ته ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي پاڪستان جو گورنر جنرل مقرر ڪجي ٿو. هو 6 آڪٽوبر کان اها چارج وٺندو. 19.9.1960: اڄ صدر ايوب ۽ انڊيا جي وزير اعظم نھروء پاڻئ جي ٺاه تي دستخط ڪيا. راوي, بياس ۽ ستلج انڊيا کي مليا ۽ چناب, جهلم ۽ سنڌو پاڪستان کي مليا. 19.9.1972: مخالف ڌر وارن ڀٽي کان مطالبو ڪيو ته نئيون چونڊون ڪراء. ڀٽي ردعمل ڏيکاريندي چيو ته اها جمهوريت خلاف سازش آھي. 19.9.1977: ونئ (نصرت ڀٽو) پنهنجي ور جي گرفتارئ خلاف سپريم ڪورٽ جو در کڙڪايو. { 19 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1763ع صوفي بزرگ خواجا گل محمد (لنواري). 1892ع ليکڪ قاضي عبدالرزاق (روهڙي). 1906ع سياستدان محمد علي شاهه (مٽياري). 1915ع شاعر ۽ سياستدان پرڀو وفا (لاڙڪاڻو / ممبئي) . 1937ع شاعر مائل سروري. 1944ع ليکڪ ۽ اڳوڻو سيڪريٽري نبي بخش کوسو. 1960ع سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نصير نظاماڻي. [وڇوڙو]: 1959ع شاعر پير محمد سائل. 1963ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير غلام علي ٽالپر. 1981ع شاعر شاد عباسي. SINDH IN HISTORY TODAY (19th SEPTEMBER) Sindh in history today (19th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1935: Colonel Pottenger informs his Government that he is in Bhuj and Diwan Laxmandas, Vakil of Mir Rustam Ali Khan has arrived here with gifts and message and has assured that friendship between him and the Government of India will be everlasting. (Source: letter No.67). 1845: The Superindendent of Cannals and Forest, Sindh submitts his proposal to the Commissioner on the construction of Band between Sukkur and Shikarpur. (Source: letter No.233). 1922: Moulvi Muhammad Sidik of Badah announces not to receive any financial aid and grant from Government in future. He supported the Non-Co-Operation Movement launched against Government. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: K.B.Ghulam Muhammad Isran of Larkana reaches along with his selected peasants at Sukkur to participate in Masjid Manzilgah agetation. Followers of Pir Ghulam Mujadid also reached at Sukkur from Matiari. However, Pir is arrested. (Source: ibid). 1947: It is the first working day in offices of Pakistan (Source: Newspapers), 1952: High Power Committee is constituted to probe into the murder of the first Prime Minster of Pakistan. (Source: Government Notification). 1959: It has been notified that Guwadar will be under administrative control of Makran District of Kelat Division. (Source: Government Notification). 1960: Water accord is signed by President Ayub Khan and Nehru. Now Ravi, Beyas and Satlij rivers will be for India. Whereas Chunab, Jihlam and Sindhu will be for Pakistan (Source: Newspapers). 1963: Opposition demands changes in Basic Democracy System. (Source: Newspapers). 1969: Ex-President Ayub Khan retires from politics. He remained in power & politics since 1958. He took a decade to be out under pressure. (Source: Newspapers). 1972: Opposition demand fresh election. President Bhutto terms demand as unjustified and a conspiracy against democracy. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Begum Nusrat challenges arrest of her husband Z.A.Bhutto in court (Source: ibid).

No comments:

Post a Comment