Friday 9 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th December) By: Dr. Pathan



** 1850ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز حڪومت مزاحمت ڪندڙ
 مري قبيلي جي 6 ماڻهن کي گرفتار ڪيو، انهن تي اهو الزام لڳايو
 ويو ته اهي امن امان جي صورتحال خراب ڪري رهيا آهن ۽ ڏوهن
 ۾ ملوث آهن، ان دور ۾ مختلف قبيلن ۽ ڪجهه ماڻهن انگريزن کي
 انتهائي مشڪل وقت ڏنو، جنهن ڪري هنن انهن خلاف ڪارروايون
 ڪيون ۽ اهڙي قسم جا ڪوڙا الزام لڳايا.
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عمر خيام جي رباعين کي انگريزي ۾ 
ترجمو ڪندڙ اسڪالر ڊاڪٽر جي فٽگيرالڊ ڪراچي ۾ ڊي جي
 سنڌ لٽرري ۽ ڊراماٽڪ سوسائٽي طرفان ڪوٺايل ليڪچر پروگرام ۾ ليڪچر ڏنو.
** 1937ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سر غلام حسين 
هدايت الله جي رهائشگاهه تي ڊيموڪريٽڪ ڪوليشن پارٽي جي 
ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اهو فيصلو
 ڪيو ويو ته ڪراچي مان انگريزي ۾ روزاني اخبار شايع ڪرائي ويندي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار پنهنجي معمول مطابق
 جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هندستان جي پاني پت، جالنڌر،
 ڪمال ۽ ٻين علائقن مان 20 هزار مهاجر پاڪستان پهتا آهن.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان جي سياستدان ميان
 ممتاز دولتانه شيخ مجيب الرحمان جي 6 نقطن تي سخت تنقيد ڪئي، 
هن چيو ته اهي نقطا  ملڪ لاءِ نقصانڪار آهن.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن سان تعلق رکندڙ 
7 ملڪي سربراهن سائوٿ ايشين ايسوسيئيشن فار 
ريجنل ڪوآپريشن (سارڪ) جو بنياد وڌو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت ۾ انتهاپسندن طرفان بابري
 مسجد شهيد ڪرڻ واري واقعي خلاف پاڪستان ۾ احتجاج شروع ٿي ويا،
 جن ۾ پوليس سان چڪرين ۾ 30 ماڻهو مارجي ويا.
** 2006ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سائين جي ايم سيد جي پوٽي
 سيد جلال محمود شاهه سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي قائم ڪئي، واضح 
رهي ته ان نالي سان ساڳي پارٽي سر شاهنواز ڀٽو، سر حاجي عبدالله هارون،
 سائين جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن طرفان 1936ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي.

No comments:

Post a Comment