Tuesday 13 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th December) By: Dr. Pathan



** 1840ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن طرفان اپر سنڌ لاءِ مقرر
 پوليٽيڪل ايجنٽ روز بيل کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته سنڌ 
جي سفر لاءِ آيل آمريڪي سياح ميسن جي سرگرمين تي نظر رکي وڃي.
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۽ قلات جي سرحدن جو نئين 
سر تعين ڪيو ويو، جنهن تي خان آف قلات ۽ ميجر جيڪب وچ 
۾ اتفاق ٿيو، سنڌ جي سرحد لاءِ اهو طئي ٿيو ته جيستائين سنڌو درياءَ
 جو پاڻي ڪئنالن ۽ زمينن تائين پهچي ٿو، اهي علائقا سنڌ جا تصور ڪيا ويندا.
** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪاميٽي
 جي ٿيل گڏجاڻي ۾ حيدرآباد ميونسپالٽي جي معاملن تي غور ڪيو ويو
 ۽ ٺهراءُ پاس ڪري اهو مطالبو ڪيو ويو ته سٽي ميونسپالٽي ۾ 
حڪومت پنهنجن ويجهن ماڻهن کي نامزد نه ڪري، ان سان عوام جي
 نمائنده فورم جي ساک برقرار نه رهندي.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان حيدرآباد ۾ 
اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ 30 اميدوارن جون درخواستون منظور
 ڪندي انهن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي پر اهو شرط لاڳو 
ڪيو ويو ته اهي اميدوار پنهنجا حلف نامه جمع ڪرائيندا ۽ پارٽي فنڊ ۾
 هڪ سئو رپيا ڏنا ويندا، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سر شاهنواز
 خان ڀٽو اپر سنڌ جي علائقي جو دورو ڪندو ۽ عوام جي حمايت
 حاصل ڪندو، اجلاس جي صدارت پڻ سر شاهنواز ڀٽو ڪئي،
 جڏهن ته ناليوارين شخصيتن، سر حاجي عبدالله هارون،
 ميران محمد شاهه، سيد حسين بخش شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي،
اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي وئي، جنهن ۾ پارٽي جو منشور پڌرو ڪيو ويو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل آف پاڪستان ون 
يونٽ جي حمايت ۾ ٿيل ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾ 
صوبائي گورنرن، وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي،
 سڀني ڪانفرنس ۾ ون يونٽ لاڳو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

No comments:

Post a Comment