Wednesday 7 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th December) By: Dr. Pathan


** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي جو گورنر رٽائر ٿي ويو، 
جڏهن ته انجمن اسلام احباب وطن نالي تنظيم گورنر جي پرائيويٽ 
سيڪريٽري کي وائرليس پيغام موڪلي سندس خدمتن تي شڪريو ادا ڪيو،
 ان حوالي سان سکر ۾ عبدالحامد خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي پڻ ٿي، 
جنهن ۾ بمبئي جي گورنر جي سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڪيل خدمتن جي ساراهه ڪئي وئي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي جي مقامي 
شاخ جي لاڙڪاڻو ويجهو ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي،
 جنهن ۾ خلافتي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻارن جي تعليم جو خاص
 خيال رکيو وڃي، جڏهن ته سياست ۾ وڌ کان وڌ حصو ورتو وڃي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  11 هزارن کان وڌيڪ مهاجر هندستان 
جي مختلف ملڪن مان پاڪستان پهتا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قلات جي پرنس عبدالڪريم ڪميونسٽن کي
 همٿايو ته اهي انقلاب ۾ تبديلي آڻين، سندس اهڙي ڪوشش سبب کيس گرفتار ڪيو ويو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت ڪشمير مان فوجون ڪڍڻ واري
 اينگلو آمريڪن تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ زرعي ۽ زميني سڌارن واري
معاملي تي ورهائجي وئي، ان حوالي سان سڀني اڳواڻن جو الڳ الڳ موقف سامهون آيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اڪثريت
 راءِ سان ٺهراءَ منظور ڪري پاڪستان ۽ ڀارت کان مطالبو ڪيو ته
 اهي فوري طور تي جنگبندي ڪن ۽ پنهنجون فوجون واپس
 سرحدن تي گهرائين. واضح رهي ته انهيءَ جنگ ۾ 
بنگال وارو علائقو پاڪستان کان الڳ ٿي ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  ولي خان ۽ نيپ جي ٻين مشهور
 سياستدانن کي 34 مهينا قيد جي سزا پوري ڪرڻ بعد حيدرآباد جيل مان آزاد ڪيو ويو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ ايراني 
صدر اڪبر هاشمي رفسنجاني ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ خطي جي سياسي، 
اقتصادي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن ايران کان 
پاڪستان تائين گئس پائيپ لائين وڇائڻ واري منصوبي تي به 
اتفاق ڪيو. جڏهن ته ايران جي شهر زاهدان کان پاڪستان تائين
 ريلوي لائين وڇائڻ جي منصوبي تي به ڳالهايو ويو. ايراني صدر
 خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ هڪ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ لاءِ هو پاڪستان جي مدد ڪندو.

No comments:

Post a Comment