Saturday 10 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th December) By: Dr. Pathan


** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر هندستاني سرڪار کي
 موڪليل رپورٽ ۾ آگاهي ڏني ته سنڌ آمد جي موقعي تي اسان جي ٺٽي 
۽ مگيبن جي گورنرن آجيان ڪئي، جڏهن ته مرزا باقر به ان موقعي 
تي موجود هو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته مون سنڌ اچڻ جو پروگرام ڳجهو رکيو آهي.
**1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار روز بيل پنهنجي 
سرڪار کي خط لکيو ته بولان جو ڪنٽرول سنڀاليو ويو آهي،
 جڏهن ته سبي جو مالي ڪنٽرول حاصل ڪيو پيو وڃي،
 اتان حاصل ٿيندڙ آمدني شاهه شجاع کي ڏني ويندي، جڏهن ته
 سبي ۽ ڍاڍر جي علائقن ۾ فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون پيون وڃن.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا عبيدالله سنڌي ڪراچي ۾ جامنا
 نربدا سنڌ ساگر پارٽي جي قيام جو اعلان ڪيو، جڏهن ته مولانا
 محمد صديق کڏي وارو ان وقت سندس ساڄو هٿ هو، ٻنهي 
دوستن گڏجي 1917ع ۾ ريشمي رومال تحريڪ شروع ڪئي، 
جنهن ڪري مولانا محمد صديق کڏي واري کي قيد جي سزا به ملي،
 ٻنهي دوستن زندگي جو گهڻو عرصو آزادي جي تحريڪ ۾ گذاريو
 پر انهن پارٽي ٺاهڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪئي، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس
 ۽ مسلم ليگ ان وقت عوامي پارٽيون بڻجي چڪيون هيون.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سردار شوڪت حيات، نوابزاده نصرالله
 ۽ ملڪ غلام جيلاني کي آزاد ڪيو ويو، ٽنهي اڳواڻن کي ڊي پي
 آر قانون تحت گرفتار ڪيو ويو هو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڀارت جي جنگي جهاز حملو
 ڪري ڏنو، پاڪستان جي حدن ۾ آيل انهيءَ جهاز شهر ۾ 4 بم ڪيرايا.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جي ايوان پوليٽيڪل پارٽيز
 ترميمي بل منظور ڪري ورتو، جنهن ۾ مارشل لا ريگوليشن جي 
حوالي سان ترميم کي شامل ڪيو ويو.
ضياءُ الحق جي حڪومت سياسي پارٽين تي ڪجهه پابنديون عائد ڪيون.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراقي صدر صدام حسين خليجي جنگ
 دوران گذريل چئن مهينن کان يرغمال بڻايل 100 کان وڌيڪ برطانوين
 کي آزاد ڪري ڇڏيو.جيڪي جهاز ۾ هيٿرو ايئرپورٽ پهتا.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي جماعتن وزيراعظم نواز شريف
 آل پارٽيز ڪانفرنس جي دعوت کي رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن
 جو چوڻ هو ته هاڻي ڳالهين جو دور ختم ٿي ويو آهي، 
تحريڪ ذريعي حڪومت کي گهر موڪليو ويندو.

No comments:

Post a Comment