Saturday 3 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th December) By: Dr. Pathan



** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لڳل جنگ
 ۾ ٿيل نقصان جا ڪجهه انگ اکر جاري ڪيا ويا، جنگ ۾ پاڪستان 
جا هڪ هزار 33 ماڻهو ۽ ڀارت جا 9 هزار 500 ماڻهو مارجي ويا،
 پاڪستاني 2171 زخمي ٿيا ۽ ڀارت جا 11 هزار ماڻهو زخمي ٿيا،
 پاڪستان طرفان جاري ڪيل تفصيلن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته پاڪستان
 جون 165 ٽينڪون، جڏهن ته ڀارت جون 475 ٽينڪون تباهه ٿيون، 
پاڪستان 14 ويڙهاڪ جهاز وڃايا، جڏهن ته ڀارت کي 110 جهاز وڃائڻا پيا.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان به ڀارت سان باضابطا جنگ 
جو اعلان ڪيو، جنرل يحيٰ خان فوج کي اڳتي وڌڻ جي هدايت 
جاري ڪئي، پاڪ فوج ڀارتي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور جواب ڏنو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو کي ڪراچي مان اڏام 
فراهم نه ڪئي وئي، جنهن ڪري هوءَ ملتان کان لاهور
 طرف شروع ٿيل لانگ مارچ ۾ نه وڃي سگهي. پ پ انهيءَ 
لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو. پوليس پ پ جي ڪيترن ئي 
ڪارڪنن کي گرفتار به ڪري ورتو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا ۾ بيلفاسٽ واري علائقي
 ۾ زوردار بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو
 مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، ڌماڪي بعد علائقي ۾ ٿرٿلو مچي ويو،
 اهو بم هڪ بار ۾ رکيو ويو هو، جيڪو رموٽ ڪنٽرول
 سان ڦاڙيو ويو، ڌماڪي سبب ڪوئنز اسٽريٽ به سخت متاثر ٿي.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت جي صدر ڪي آر نارائڻ لوڪ
 سڀا (قومي اسيمبلي) ٽوڙي ڇڏي، مارچ 1998ع تائين نيون چونڊون 
ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، گجرال حڪومت جي خاتمي بعد ٻن 
وڏين دعويدار پارٽين ڪانگريس ۽ بي جي پي پاران حڪومت ٺاهڻ
 ۾ ناڪامي کانپوءِ صدر ڪي آر نارائڻ لوڪ سڀا ٽوڙي نيون چونڊون
 ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ڀارت ۾ گذريل 18 سالن
 دوران چوٿين نگران حڪومت قائم ڪئي وئي.
1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف کي جهاز هاءِ جيڪنگ ڪيس 
۾ ڪراچي جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 8 ڊسمبر
 تائين چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران
 صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته سڄي فوج نه پر
 هڪ پرويز مشرف منهنجي خلاف آهي، مون کي ڦاسي به ڏياري
 سگهي ٿو، هن ججن کان من پسند فيصلو حاصل ڪرڻ لاءِ دهشتگردي 
ٽوڙ ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائي آهي.

No comments:

Post a Comment