Saturday 3 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (3rd December) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي مان برطانوي فوج جو
 دستو سر جان ڪين جي ڪمانڊ ۾ شڪارپور پهتو، شڪارپور
 جا شهري فوجين جي آمد بابت آگاهه نه هئا، برٽش 
حڪومت جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي پنهنجي سرڪار طرفان اهي
 هدايتون جاري ڪيون ويون ته فوجين کي عوام کان بچائڻ لاءِ
 سمورا انتظام ڪيا وڃن ۽ اهو اعلان ڪيو وڃي ته اهي فوجي جلد افغانستان ويندا.
** 1885ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ 
لاءِ ديوان نولراءِ ۽ ديوان سهاج راءِ چندومل 15-15 سئو رپيا چندو
 ڪري اسڪول کوليو، جنهن جو نالو شوقيرام چندومل گرلز 
اسڪول هو، ديوان نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند حيدرآباد جا مشهور
 سماج سڌارڪ ڀائر هئا، جن نه رڳو اسڪول کوليا پر ٻيا به
 ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، ٻنهي ڀائرن کي اهو چيو ويو
 ته اهي شوقيرام چندومل گرلز اسڪول ۾ پڙهائين.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ جهوني
 اڳواڻ نوابزاده نصرالله خان مسلم ليگ مان استعيفا ڏئي ڇڏي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي وزيراعظم اعلان ڪيو ته
 بنگال واري علائقي ۾ جيڪا جنگ هلي رهي آهي، اها هاڻي
 ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگ آهي، هن پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو
 ته ايسٽ ۽ ويسٽ پاڪستان جي علائقن تي حملا ڪيا وڃن،
واضح رهي ته 16 ڊسمبر تي اوڀر پاڪستان وارو سانحو پيش آيو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ
 شرط موت جي سزائن تي عمل روڪي ڇڏيو، جڏهن ته عورت قيدين
 لاءِ معافي جو اعلان ڪيو ويو، فوجي عدالتن مان سزائون مليل قيدين
 لاءِ پڻ رعايت جو اعلان ڪيو ويو.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مالاڪنڊ ڊويزن کانسواءِ ڪوهستان
 ضلعي ۾ به شريعت وارو قانون لاڳو ڪيو ويو، اهو آرڊر گورنر
 خورشيد علي خان هڪ ريگيوليشن تحت جاري ڪيو.

No comments:

Post a Comment