Monday 19 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th December) By: Dr. Pathan



* 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر پنهنجي 
ٽيم ۽ سنڌ آيل ٻين انگريز ساٿي عملدارن کي صلاح ڏني ته سنڌ ۾ سفارتي
 سرگرمين کي ڳجهو رکيو وڃي، سنڌ جي ماڻهن توڙي حڪمرانن سان
 ڪوبه معاملو شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي،
 ڇاڪاڻ ته اسان جي سنڌ آمد تي سنڌ جا ماڻهو ايترا خوش ناهن.
اهي اسان تي ڪاوڙيل آهن، جيڪڏهن اسان پنهنجون سفارتي 
سرگرميون سرعام جاري رکيون ته نقصان به ٿي سگهي ٿو، 
پهرين صورتحال جو تفصيل سان جائزو وٺنداسين، پوءِ
 آهستي آهستي پنهنجا قدم مضبوط ڪندا وينداسين.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽي
 جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو
 ته سنڌ ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ويندا،
 گڏجاڻي ۾ پارٽي جي پراگريس رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي
 ۽ پارٽي جا مختلف علائقن لاءِ ترجمان مقرر ڪيا ويا،
 پير تراب علي شاهه کي قمبر، پير علي انور شاهه کي لاڙڪاڻي
 ۽ عبدالجبار کي ترجمان مقرر ڪيو ويو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي سڌار سوسائٽي طرفان
 ڪراچي ۾ مشاعرو ۽ ادبي ويهڪ ڪوٺائي وئي،
 جنهن جي صدارت غلام علي چاڳلا ڪئي، جڏهن ته شيخ عبدالله
 عابد ۽ حاجي محمود خادم سميت وڏي انگ ۾ شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ”بيوٽي ڪوئين آف
 سنڌ“ مقابلي ۾ سڄي سنڌ جي خوبصورت نارين شرڪت ڪئي،
 ان مقابلي ۾ مس ميزي ڪامياب قرار ڏني وئي،
 کيس سنڌ جي بيوٽي ڪوئين جو اعزاز مليو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمهوريت جي بحالي لاءِ 
وڪيل روڊن تي اچي ويا، لاهور، سيالڪوٽ، حيدرآباد، نوابشاهه
 ۽ ٻين شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ويا.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمر ضياءُالحق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ
 ڪيس ۾ پنهنجو جواب لکت ۾ جمع ڪرايو،
 جنهن ۾ هن ذوالفقار علي ڀٽو تي ڪيترائي الزام لڳايا ۽ اهو چيو
 ته ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪري اسان ملڪ کي بچايو آهي.
** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين ۽ برطانيا ۾ هڪ تاريخي
 معاهدو ٿيو، جنهن تحت برطانيا پنهنجي ڪالوني بڻايل
 هانگ ڪانگ کي چين حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
 پيڪنگ ۾ ٿيل معاهدي جي تقريب ۾ برطانوي وزيراعظم 
مارگريٽ ٿيچر ۽ چيني وزيراعظم زائو زيانگ شرڪت ڪئي.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل مخالف ڌر بلوچستان
 اسيمبلي کي برطرف ڪرڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.

No comments:

Post a Comment