Tuesday 6 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th December) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اپر سنڌ لاءِ مقرر انگريزن جي وقتي 
پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ ڪيپٽن ميري ويڌر ڪاردار خيرشاهه جي مدد
 سان بيگاري ڪئنال جي توسيع بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي، 
جيڪا سنڌ جي ڪمشنر ذريعي بمبئي سرڪار کي موڪلي وئي،
 رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي هئي ته اهو انتهائي اهم ڪم آهي،
 جيڪو جيترو جلد ٿي سگهي شروع ڪيو وڃي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو سنڌ
 جي جوڊيشل ڪمشنر آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو، هن عدالت کي خط
 لکيو ته جيڪڏهن توهان اهو سمجهو ٿا ته انگريز حڪومت خلاف
 جيڪب آباد ۾ ڪيل تقرير ڏوهه آهي ته اهڙو ڏوهه ڪندو رهندس، 
توهان مون کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس ڏنو آهي پر مون کي
 افغانستان هجرت ڪرڻي آهي، ان ڪري آئون پيش نٿو ٿي سگهان.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن 
۽ سمورن ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ته اردو ٻولي کي دفتري
 ٻولي طور لاڳو ڪيو وڃي ۽ سموري لکپڙهه اردو ۾ ڪئي وڃي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل
 ڪشمير معاملي تي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت اهو معاملو پاڻ ۾ ويهي حل ڪن،
**1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي اڳواڻ بينظير ڀٽو حڪومت
 کي خبردار ڪندي چيو ته وزيراعظم نواز شريف استعيفا نه ڏني ته ملڪ
 وڌيڪ بحران جو شڪار ٿي ويندو، ڪراچي ۾ ڳالهائيندي هن چيو
 ته فاروق لغاري، نواز شريف ۽ جسٽس سجاد علي
 شاهه گڏجي جمهوريت خلاف سازشون ڪيون.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي شهر ايوڌيا ۾ انتهاپسند هندن 
مشهور بابري مسجد تي حملو ڪري ڏنو، انتهاپسندن ۾ اپوزيشن
 جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جا هٿياربند وڏي تعداد ۾ هئا، 
بابري مسجد تي حملي بعد هنگاما شروع ٿي ويا
 ۽ اٽڪل 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي لياقت آباد ٿاڻي تي
 راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو ويو، جڏهن ته شهر ۾ قتلام 
به جاري رهيو، پوليس تي حملن ۾ 11 اهلڪار زخمي ٿي پيا،
 پوليس مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪري 29 دهشتگردن کي گرفتار
 ڪري ورتو، ٻئي پاسي گورنر معين الدين حيدر جو چوڻ هو ته
 ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ لاءِ ڪراچي پوليس اٿارٽي جو خاڪو تيار آهي.

No comments:

Post a Comment