Thursday 15 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th December) By: Dr. Pathan


** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر هندستاني 
سرڪار کي درخواست ڪئي ته هندستان مان ڪلي گهرائي ڏنا وڃن، 
هتي مزدورن جو مسئلو آهي، بمبئي سرڪار انهيءَ معاملي جو سختي
 سان نوٽيس ورتو، سرڪار جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سنڌ جا پورهيت 
ئي کڻڻ گهرجن، معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ميجر جان جيڪب کي
 هدايتون جاري ڪيون ويون، هن وري اها تجويز ڏني ته پورهيتن 
کان جبري پورهيو ڪرايو وڃي پر هندستاني سرڪار اها تجويز رد 
ڪندي چيو ته اها انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي،
 سنڌ جي ماڻهن کان پورهيو ڪرايو وڃي ته انهن کي معاوضا به ڏنا وڃن.
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪاميٽي
 آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي کان مطالبو ڪيو ته سنڌ لاءِ ڌار
 ڪاميٽي ٺاهي وڃي، سنڌ جا اڳواڻ بمبئي ڪانگريس ڪاميٽي 
کان الڳ رهڻ چاهين ٿا، واضح رهي ته 1916ع ۾ سنڌ ڪانگريس 
جي اڳواڻن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جي حمايت ڪئي پر پوءِ 
جڏهن سنڌي مسلمانن جي اپر ڪلاس سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ
 جي تحريڪ هلائي ته سنڌ ڪانگريس ۾ شامل ڪيترن ئي هندو اڳواڻن 
ان جي مخالفت ڪئي، هرچند راءِ پهريون سنڌي سياستدان هو، 
جنهن سنڌ کي ڌار ڪرڻ واري معاملي تي اسٽينڊ ورتو، سنڌ کي بمبئي
 کان ڌار ڪرڻ جي تجويز هندو اڳواڻن ڏني هئي پر اپرڪلاس جي
 مسلمان اڳواڻن ان تحريڪ کي هاءِ جيڪ ڪيو.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ وڌيارٿي سماگم طرفان ڊي جي 
سنڌ ڪاليج ۾ ادبي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت جي 
اين گوڪلي ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي انگ ۾ ليکڪن ۽
 شاعرن اين اي غلام علي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام،
 شيوارام ڦيرواڻي، جي ايم سيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي
 سنڌي ساهت سڀا نالي تنظيم قائم ڪئي وئي، جنهن جو صدر ڊي
 جي ڪاليج جي پرنسپال کي ڪيو ويو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل  پرويز مشرف جي حڪومت 
سمورن شعبن تي جنرل سيلز ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو.

No comments:

Post a Comment