Sunday 4 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (5th December) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز حڪومت طرفان اپر سنڌ لاءِ
 مقرر ڪيل پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ سنڌ جي ڪمشنر کي اها رپورٽ پيش ڪئي 
ته سرڪار جي سڀني کاتن ۾ سنڌي کي دفتري ٻولي طور لاڳو ڪيو ويو
 آهي ۽ هاڻي سڄو سرڪاري وهنوار سنڌي ٻولي ۾ ٿي رهيو آهي.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ بنگال جو اڳوڻو وڏو وزير ۽
 آزادي جو ويڙهاڪ حسين شهيد سهروردي لاڏاڻو ڪري ويو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پشاور ۾ پاڪستان ٽيليويزن اسٽيشن 
جي قيام بعد باقاعده نشريات شروع ڪئي وئي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مصر جي صدر انور سادات شام،
 لبيا، الجيريا ۽ ڏکڻ يمن سان لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا، هن ڄاڻايل عرب
 ملڪن مان پنهنجي سفيرن کي واپس گهرائي ورتو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ نواب محمد احمد 
قصوري قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 
کي اجازت ڏني ته هو عدالت ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي ۽ پنهنجو دفاع ڪري.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان آمريڪا کان 6 ايف 16
 جهاز خريد ڪرڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش وزيراعظم
 نواز شريف کي فون ڪيو ۽ صوماليا ۾ فوجي دستا موڪلڻ تي شڪريو ادا ڪيو.
**1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اقتدار تي قبضي بعد چيف ايگزيڪيوٽو
 بڻيل جنرل پرويز مشرف پنهنجي ايجنڊا جي مک نقطن تي عمل
 لاءِ هڪ سال جي ڊيڊ لائين ڏني، هن اليڪشن ڪميشن کي 
خودمختيار بڻائي سڌارا آڻڻ جو اعلان به ڪيو. جڏهن ته
 ساڳئي ڏينهن تي ڪراچي ۾ عدالت ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان 
ڳالهائيندي هٽايل وزيراعظم نواز شريف چيو ته سڄي فوج
 نه پر پرويز مشرف منهنجي خلاف آهي، مون کي ڦاسي جي
 سزا ڏياري سگهي ٿو، هن پنهنجي مرضي جا فيصلا حاصل
 ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائي آهي، ڪراچي
جي خاص عدالت جهاز سازش ڪيس ۾ نواز شريف ۽ ٻين
 جوابدارن خلاف چالان 8 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو.
 خاص عدالت جي جج رحمت حسين جعفري جي عدالت ۾ شهباز شريف کي به پيش ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment