Monday 12 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th December) By: Dr. Pathan



** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي 
ليٿو گرافڪ پريس مشين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني، 
جنهن ذريعي سنڌ سڌار اخبار شايع ڪئي وئي.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي سيٽن تي ٿيل
 چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا، مسلم ليگ کي 34 سيٽون مليون، 
سائين جي ايم سيد کي قاضي محمد اڪبر شڪست ڏني، جنهن تي سائين
 جي ايم سيد انهن چونڊ نتيجن کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٽنڊو ڄام ۾ ٻن ڏينهن واري هاري
 ڪانفرنس ختم ٿي، آخر ۾ هاري ڪاميٽي جا نوان عهديدار چونڊيا ويا، 
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، شان
 بخاري، عبدالقادر محمد خان، الهجڙيو ۽ محمد رمضان عهديدار چونڊيا ويا.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪاميٽي صدر 
بل ڪلنٽن جو مواخذو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،
 مونيڪا ليونسڪي اسڪينڊل ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ تي 
مواخذي جي منظوري ڏني وئي، ڪاميٽي جي ڪجهه ميمبرن صدر 
بل ڪلنٽن تي سخت تنقيد ڪئي، عدالتي ڪاميٽي جي منظوري بعد
 هاڻي ايوان نمائندگان ۾ صدر بل ڪلنٽن خلاف مواخذي تي 
ووٽنگ ڪرائي ويندي، مواخذي جي رٿ ڪامياب ٿي وئي ته ان کي
 بعد ۾ سينيٽ ۾ منظوري لاءِ موڪليو ويندو. هوڏانهن صدر بل ڪلنٽن قوم 
کي خطاب ڪري پنهنجي عمل تي معافي ورتي،
 هن چيو ته پنهنجي غلطي جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم سنڌ جي گورنر لاءِ
 عشرت العباد جو نالو ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽر عشرت العباد خلاف ڪيس 
به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٻئي طرف ايم ڪيو ايم کي حڪومت
 ۾ شامل ڪري ناڻي ۽ گهرو کاتي سميت اهم کاتا ڏيڻ جو به فيصلو
 ڪيو ويو. پرويز مشرف جي انهيءَ دور ۾ سنڌ جي وڏي وزير
 لاءِ سردار علي محمد مهر کي اميدوار بڻايو ويو.
** 2006ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اينٽي ٿل ڪئنال ڪاميٽي لاڙڪاڻي
 ۾ وڏي ريلي ڪڍي، جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر خالد محمد سومرو،
 رسول بخش پليجو، نثارکهڙو ۽ قادر مگسي ڪئي.

No comments:

Post a Comment