Tuesday 20 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th December) By: Dr. Pathan



** 1850ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي
 هدايت ڪئي ته ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ انگريز حڪومت خلاف 
خدمتون سرانجام ڏيندڙ انگريز شهري جوهن هوول بابت تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي،
 انگريزن خلاف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي کيس 1843ع ۾ قيد جي سزا به ڏني وئي هئي.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شاگرد، وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن
 مختلف شهرن ۾ ايوب شاهي خلاف روڊن تي نڪري آيا، جن جو 
مطالبو هو ته ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي وڃي. شاگردن ۽ وڪيلن 
جي احتجاج تي پنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ شيلنگ به ڪئي وئي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي صدر جي 
عهدي جو حلف کنيو، هو پهريون سويلين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پڻ هو،
 صدر ٿيڻ بعد هن نيپ تي لڳايل پابندي هٽائي ڇڏي، جڏهن ته ليفٽيننٽ
 جنرل گل حسن کي وقتي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو، 
غلام اسحاق خان کي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر بڻايو ويو.
**1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسپين جي وزيراعظم ايڊمرل لوئس ڪيريرو
 بلينڪو کي ميڊرڊ ۾ بم ڌماڪي ۾ ماريو ويو. هن سان گڏ ڊرائيور، 
محافظ ۽ ڪار ۾ سوار ڪجهه ٻيا ساٿي به مارجي ويا.
**1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمر جنرل ضياءُالحق طرفان ڪرايل
 ريفرنڊم مڪمل ٿيو، ضياءُالحق دعويٰ ڪئي ته کيس 97.71 سيڪڙو 
عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، انهيءَ ريفرنڊم ۾ عوام جي شرڪت جيتوڻيڪ
 گهٽ رهي پر پوءِ به ضياءُالحق ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي، 
جماعت اسلامي جنرل ضياءُالحق جي انهيءَ ريفرنڊم جي حمايت ڪئي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ تڪراري اٺين ترميم جي خاتمي
 لاءِ نواز ليگ جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت خلاف سازش ڪرڻ جي الزام
 ۾ چئن فوجي آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن جو ڪورٽ مارشل شروع ڪيو ويو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمهوري حڪومت کي برطرف
 ڪري اقتدار تي قابض ٿيل جنرل پرويز مشرف قومي اسيمبلي ۽ 
صوبائي اسيمبلين کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سياسي
 جماعتن جو مطالبو هو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي بحال ڪيو وڃي پر اهو مطالبو تسليم نه ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment