Sunday 11 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th December) By: Dr. Pathan



** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٺل ۾ جيڪب آباد جي جمعيت علماءِ
 جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت مولوي نبي بخش اودي ڪئي،
 جڏهن ته مولوي عبدالڪريم چشتي، مولوي ابو محمد عبدالله ۽ ٻين 
عالمن خطاب ڪندي سنڌ جي ان وقت جي صورتحال تي روشني وڌي،
 گڏجاڻي جي آخر ۾ ٻه ٺهراءُ منظور ڪيا ويا، جنهن ۾ حڪومت کان مطالبو 
ڪيو ويو ته ڪتاب ”فرياد سنڌ“ تي لڳل پابندي ختم ڪئي وڃي ۽
 صوبي ۾ پينو فقيرن تي پابندي لڳائي وئي.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جرمني ۽ اٽلي آمريڪا سان جنگ جو
 اعلان ڪيو، اهو اعلان هٽلر ۽ ميسوليني طرفان سامهون آيو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت مان وڌيڪ 65 هزار هندستاني
 مهاجر پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ پهتا.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان مردان 
۾ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي عوام کي چيو ته ملڪ کي 
وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن ڪير به ان کي
 نقصان پهچائڻ جي همٿ نه ڪري سگهي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڪارو ڏينهن آيو، 
جيڪي سياستدان ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي
 مخالفت ڪري رهيا هئا، اهي سياستدان سڄي سنڌ کي وفاق
 حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، ان حوالي سان حيدرآباد ۾
 سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جو اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ون
 يونٽ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، ٺهراءُ جي حق ۾
 98 ميمبرن ووٽ ڏنا، عبدالستار پيرزادو ۽ قاضي فضل الله
 انهي اجلاس مان غير حاضر رهيا، جڏهن ته غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي،
 عبدالحميد جتوئي، پير الاهي بخش ۽ شيخ خورشيد احمد ون يونٽ خلاف ووٽ ڏنو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم محمد علي
 چوڌري سوويت يونين جي قيادت طرفان ڪشمير کي ڀارت
 جو حصو قرار ڏيڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو،
 هن چيو ته هن ڌرتي تي موجود دنيا جي ڪابه طاقت
 پاڪستان کي ڪشميرين جي مدد کان روڪي نٿي سگهي، 
ڪشميرين کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان حڪومت ڊپٽي 
ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون ته سرڪاري زمينن جي نيلامي شروع ڪئي وڃي.
** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جي سربراهه 
ميان طفيل ۽ شوريٰ جنرل ضياءُالحق طرفان ڪوٺايل ريفرنڊم ۾ 
سندس حمايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

No comments:

Post a Comment