Tuesday 6 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (7th December) By: Dr. Pathan


** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سوشل سروس ليگ جي گڏجاڻي
 هردارام ميوارام جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بمبئي 
جي گورنر کي ٽيليگرام موڪلي درخواست ڪئي ويندي ته لوئر اسٽاف جي
 اسڪيل تي ٻيهر نظرثاني ڪري ۽ ڪراچي جي ملازمن لاءِ
 الائونس منظور ڪري، خاص طور تي اهي ملازم جيڪي ڪراچي ۾ ڪم 
ڪري رهيا آهن پر انهن جو تعلق ٻين شهرن سان آهي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت ڪاميٽي جي وڳڻ ۾ گڏجاڻي ٿي،
 جنهن جي صدارت مولوي مير محمد ڪئي، خلافتي اڳواڻن تقريرون ڪري
برطانيا جي ترڪي بابت پاليسي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙو کي.
 گورنر طرفان چيو ويو ته هو استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي .
ڀارت سان ڪيل سنڌ طاس معاهدي جو دفاع ڪندي چيو ته اهو معاهدو پاڪستان
 جي عظيم تر مفاد ۾ آهي، واضح رهي ته ان 
معاهدي تحت ڀارت کي 3 درياءَ وڪرو ڪيا ويا هئا.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راولپنڊي ۾ پي ڊي ايم طرفان ميان 
ممتاز دولتانا، سردار شوڪت حيات ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏو
 جلوس ڪڍيو ويو، انهن جو مطالبو  هو ته ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي وڃي،
 جڏهن ته ان جلوس جي جواب ۾ ايوب خان جو اهو جواب
 آيو ته اپوزيشن جي اهڙين ريلين سان حڪومت کي ڪوبه خطرو ناهي.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جي چونڊن 
جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا، جنهن ۾ 300 سيٽن مان 160 سيٽون مجيب 
الرحمان جي پارٽي عوامي ليگ حاصل ڪيون، 
جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلزپارٽي کي 81 سيٽون مليون، 
واضح رهي ته اڪثريت باوجود اقتدار عوامي ليگ جي حوالي نه ڪرڻ
 سبب حالتون خراب ٿيون ۽ بعد ۾ اوڀر پاڪستان جو سانحو پيش آيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  صدر يحيٰ خان اتحادي 
حڪومت جو اعلان ڪيو، جنهن جو وزيراعظم نورالامين کي بڻايو ويو.

No comments:

Post a Comment