Wednesday 21 December 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st December) By: Dr. Pathan



**1860ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان ۾ سياسي صورتحال خراب ٿيڻ
 شروع ٿي وئي، خان آف قلات مطالبو ڪيو ته پنجگور جو اڌ حصو سنڌ 
کان واپس وٺي ڏنو وڃي، ان حوالي سان سرحد تي تڪرار پيدا ٿي پيو،
 خان آف قلات ۽ خاران جي مير آزاد خان چيو ته اهو علائقو اسان جو آهي،
 اهڙي صورتحال کانپوءِ بمبئي جي انگريز سرڪار سنڌ جي ڪمشنر 
کي هدايتون جاري ڪيون ته سڀني معاملن تي گهري نظر رکي وڃي پر
 ڪنهن به ڌر جو پاسو نه ورتو وڃي. ”ڏسو ۽ انتظار
 ڪريو“ واري پاليسيءَ تي عمل ڪيو وڃي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر جنرل يحيٰ خان مارشل لا 
ريگيوليشن نمبر 60 جاري ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي نظرياتي
 ۽ قومي سلامتي جي تحفظ جو يقين ڏياريو ويو آهي پر هڪ
 سال اندر پاڪستان کي نقصان پهتو ۽ بنگال وارو علائقو ڌار ٿي ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
 ۽ صدر ذوالفقار علي ڀٽو لاهور ۾ ٽي وي اسٽيشن جو افتتاح ڪيو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  سنڌ ۾ اٽڪل 5 لک ايڪڙ سرڪاري
زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي وئي.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي وڏي وزير ميان نواز شريف
 پنجاب جي سينيئر ڪامورن کي بدلي ڪرڻ تي پيپلزپارٽي جي وفاقي
 سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته اها روايتن جي ڀڃڪڙي آهي، 
پنجاب ۾ جيڪي به ڪامورا مقرر ڪيا ويا آهن انهن کي اسان جي 
راءِ کانسواءِ هٽائي نٿو سگهجي. هن وزيراعظم بينظير ڀٽو کي به تنقيد جو نشانو بڻايو.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي  پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي
 جي مٽاسٽا جا ذخيرا 69 سيڪڙو گهٽجي ويا.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پشاور ۾ ٿيل ڪار بم ڌماڪي ۾
 40 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،
 اهو ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ماڻهو هڪ بازار ۾ خريداري
 ۾ مصروف هئا، واضح رهي ته ڊسمبر مهينو پشاور لاءِ سدائين خراب رهيو آهي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان روس طرفان ڀارت 
۽ چين سان اسٽريٽيجڪ لاڳاپا وڌائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو،
 پاڪستان چيو ته روس، ڀارت ۽ چين جي فوجي لاڳاپن ۾ 
واڌ سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي سگهي ٿو.

No comments:

Post a Comment