Saturday 6 January 2024

SINDH in history today (7th January). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پيار ۽ پاٻوه, ادب ۽ احترام سان دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري, هٿ ۾ تاريخ مان 7 جنورئ جو ورق کڻي اوهان کي واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ڏيڻ لاء حاضر ٿيو آھيان. پنهنجئ تاريخ کي پڙھڻ ۽ ٻڌڻ لاء وقت ڪڍو. اها قوميت جي ڪسوٽي ۽ تقاضا آھي. منھنجئ هن لکت جو ترجمو منھنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ڪيو آھي. *************** ڪي اهم واقعا *************** 7.1.1850: ممبئي حڪومت پنهنجي مراسلي نمبر 105 مطابق سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سنڌي ٻولئ کي سرڪاري دفترن ۾ نافذ/استعمال ڪيو وڃي. 7.1.1857: خيرپور جي والئ مير علي مراد خان کي ٻڌايو ويو ته توهان خلاف ويهاريل انڪواري ڪميشن جي تجويزن جي روشنئ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس فيصلو ڪيو آھي ته اوهان جو رتبو گهٽايو وڃي ۽ ڪجھ پرڳڻا واپس ورتا وڃن. ياد رهي ته مير علي مراد مشڪل وقت ۾ فرنگين جو ساٿ ڏنو. نيپيئر کيس تخت تي ويهارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان وقت مير رستم خان دانھون ڪندو رهيو ته هن سان زيادتي ڪري سندس ننڍي ڀاء مير علي مراد کي تخت تي ويهاريو ويو آھي. نيپيئر اهي دانهون نوٽ ته ڪندو رهيو, پر ورجايئين ڪونه. جڏهن مير علي مراد مان فرنگين مدد وارو ڪم ورتو ۽ فرنگي ڏکڻ سنڌ تي قابض ٿي ويا ته مير رستم علي خان جي شڪايتن تي پاڻ-هرتو نوٽيس وٺي, مير علي مراد خلاف انڪواري ڪرائي. 7.1.1953: عزت,فضيلت ۽ سهولت سان تعليم وٺڻ به هن ملڪ ۾ وڏو مسئلو رهيو آھي. اڄ ڪراچئ ۾ شاگردن "تعليمي مطالبن جو ڏينھن" ملهائڻ لاء جلوس ڪڍيو. پوليس فائير ڪري 8 شاگرد اڦٽ ماري وڌا. 7.1.1954: اڄ حيدرآباد/ڄام شوري ۾ "لياقت ميڊيڪل ڪاليج" جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو. 7.1.1963: سياستدانن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ ۽ نااهل ڪرڻ لاء ايوبي مارشل لا جي شروعاتي دور ۾ EBDO لڳايو ويو هو. اڄ آرڊيننس لڳائي متآثر سياستدانن کي پنهنجي ڪيس تي نظرثاني ڪرڻ جي درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو ويو. 7.1.1995: ڪراچئ جي حالتن ايڌئ کي ايترو مايوس ڪيو جو هو هڪ مهينو ملڪ ڇڏي ويو هو. اڄ هو واپس موٽي آيو. پڪيون شاهديون اهي پئي مليو ته سندس ايمبولنس گاڏين کي اسلحي ڊوئڻ لاء استمال ڪيو ٿي ويو. 7.1.1978: ولي خان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽي تي ڪيس هلائڻ لاء ”خاص ٽريبيونل" جوڙيو وڃي. ڀٽي هن ۽ سندس پارٽئ جي اڳواڻن تي ڪيس هلائڻ لاء ٽريبيونل جوڙيو هو. هئ ولي خان جي حسرت هئي ته ڀٽي لاء به ٽريبيونل جڙي. پر کيس اها خبر نه هئي ته ڀٽي لاء گهڻي ڪجھ پسائي وئي هئي. *************** { 7 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 7 جنوري 1886ع ڪراچي ميٽروپوليٽن جي اڳوڻي ميئر جمشيد مهتا جي پيدائش ٿي. 7 جنوري 1890ع شاعر نورل شاهه نورل جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1899ع ڊرامه آرٽسٽ خانچند درياڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1907ع سياستدان گوڪل داس ڀاڳيا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1913ع سياسي اڳواڻ غلام مصطفى ڀرڳڙئ جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1925ع شاعر سعدالله سپاهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسد(ڪنڊيارو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1939ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1940ع شاعر محب الله تبريز شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1949ع شاعر مسڪين چنا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1953ع ڪهاڻيڪاره، شاعره ۽ محققه ڊاڪٽر تهمينه مفتئ جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1983 لاڙڪاڻي جي شاعر فقير محمد سنڌئ جي جنم جي تاريخ آھي. 7 جنوري 1985ع شاعر نصر الله شاد گڏاڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 7 جنوري 1929ع ڪانگريس اڳواڻ ۽ شاعر راء بهادر سيٺ وشنداس ڀارواڻي ديهانت ڪري ويو. 7 جنوري 1933ع هالا جي شاعر پير ميان غلام حسين شيدا جي وفات ٿي. 7 جنوري 1953ع شاعر سردار گل محمد زيب مگسي (شهداد ڪوٽ) جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جنوري 1975ع سياستدان مير بنده علي خان ٽالپر(ٽنڊو محمد خان) جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جنوري 1986ع لاڙڪاڻي جو ليکڪ قربان بگٽي لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جنوري 1986ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ ليکڪ محبوب علي جوکيو وفات ڪري ويو. 7 جنوري 1988 عالم ۽ فريڊم فائيٽر مولانا محمد عظيم شيدا جي وفات جي تاريخ آھي. 7 جنوري 2007ع صحافي ۽ شاعر انور پيرزادو جي وفات جي تاريخ آھي. **** SINDH IN HISTORY TODAY (7th JANUARY) 7th January BIRTH DATES 7th January 1. Jamshed Mehta (Karachi/Freedom Fighter & Mayor of Karachi/ birth 7 January 1886), 2. Nooral Shah ‘Nooral’ (Mori manger/Poet/ birth 7 January 1890), 3. Khanchand Daryani (Hyderabad > Mobai / Dramatist/ birth 7 january 1899), 4. Gokaldas Bhagia(Politician/ birth 7 January 1907), 5. Ghulam Mustafa Bhurgri (Freedom Fighter/ birth 7 January 1913), 6. Saadullah ‘Sipahi’ (Nasrpur/Poet/ birth 7 january 1925), 7. Arjun Hasid (Karachi > Ahmadabad/Poet/ birth 7 January 1930) 8. Syed Dr. Wadal Shah (Scientist/ birth 7 january 1939), 9. Muhibullah ‘Tabrez’(Sujawal Tunio/Poet/ birth 7 january 1940), 10. ‘Miskeen’ Channo (Mado/poet/ birth 7 january 1949), 11. Ali Raza Laghari Khesanwi (Ghulam Muhammad Laghari/Journalist/ birth 7 January 1960), 12. Raja B.H.Kalhoro/Khairpur Nathan Shah/Writer/ birth 7 January 1973), 13. Raza Kalhoro (Sanghar/Poet/ birth 7 January 1974), 14. Ibrahim Malah (Ghulam Muhammad Malah/Writer/ birth 7 January 1982), 15. Muhammad Bachal Kalhoro (Paat/Writer/ birth 7 January 1984), 16. Nasrullah ‘Shad’ Gadani (Gadani Gabol/Poet/ birth 7 January 1985). 7th January DEATH DATES 1. Rai Bahadur Seth Vishindas (Manjho/Politician/ death 7th January 1929), 2. Kumari Sarsvati Advani (Hyderabad/Educationist/ death 7th January 1930) 3. Pir Ghulam Hussain ‘Sheda’ (Hala/Poet/ death 7th January 1933), 4. Sardar Gul Muhammad ‘zaib’ (Shahdadkot/Poet/ death 7th January 1953), 5. Qurban Bugti (Larkano/Critic/ death 7th January 1986), 6. Mahboob Ali Jokhio (Writer/ death 7th January 1986), 7. Moulana Muhammad Azim ‘Sheda’(Gul Buriro/Freedom Fighter, Religious Scholar & Poet/ death 7th January 1988). 7th January EVENT 1850: The Bombay Government directs Sindh Commissioner that Sindhi language be introduced as the ‘language of official business’ in Sindh and for that Captain Stack’s suggested Arabic character be adopted for its script. 1857: His Highness Mir Ali Murad Khan of Khairpur is informed that the British Government of India has to minimized his rank and some territory will be taken back from him. 1953: A procession is taken out by students in Karachi to observe the ‘Educational Day’ and demand for educational reforms. Eight students are killed in police firing. 1954: The Governor – General lays the foundation stone of the Liaquat Medical College at Hyderabad. 1963: Now EBDO affected politicians can apply for review of their disqualification orders/decisions. The new Ordinance is promulgated in this regard. 1965: an agreement is signed between Pakistan and West Germany for establishing Tractor – Operations School at Multan. 1972: Former President Yahya Khan is shifted from Rawalpindi House to undisclosed place so as to protect and keep him safe accordingly. 1980: Soviet Union issues stern warning to Pakistan on Afghanistan matter. 1989: Court decision on restoration of Balochistan Assembly and Government will be honoured and implemented in letter and spirit, says Prime Minister Benazir Bhutto. 1990: Combined opposition parties threaten direct action if the government fails to retract its steps from giving tough time to the non – PPP governments in Punjab and Baluchistan.

No comments:

Post a Comment