Sunday 28 January 2024

Sindh in history today (29th January). By. Dr.Pathan

January SINDH IN HISTORY TODAY & My Good Wish اڪٽر در محمد پٺاڻ سلامن, دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان تاريخ مان 29 جنورئ جي هڪ ورق جي مختصر جهلڪ ڏيکارڻ آيو آھيان. ان ۾ ذھن جنجهوڙيندڙ ڪجھ واقعا به آھن ته ولادتن وفاتن بابت معلومات به آھي. هئ اوهان ۽ اسان جي تاريخ آھي. پڙھو ۽ دوستن کي پڙھايو. *************** [ڪجھ اهم واقعا] *************** 29.1.1839: هي اهو وقت آھي جڏهن انگريزن جي خشڪي فوج بهاولپور/پنجاب رستي روهڙي پهتي ۽ ان جو ڪمانڊر ان چيف به گڏ هين. هن طرف بحري فوج پنهنجي ڪمانڊر ان چيف ذريعي ڏکڻ سنڌ ۾ پهچي چڪو هو. انھئ صورتحال ۾ روهڙئ منجهان اليگزينڊر برنس اڄ گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ کي لکي ٿو ته 1). ڪمانڊر ان چيف, سر ڪاٽن ۽ فوجي جٿا هت پهچي ويا آھن. انھن جو آڌرڀاء ميرن جي وزيرن ۽ حڪمران جي پٽ ڪيو, 2). ڪمانڊر ان چيف حڪم ڪيو آھي ته ٻيڙن والي پل جلدي تيار ڪجي ته جيئن فوج شڪارپور طرف رواني ڪجي ۽ فوج جا ڪجھ دستا ھتان حيدرآباد موڪليا وڃن, 3).جيسيتائين حيدرآبادي ميرن سان ٺاه نه ٿو ٿئي, ان وقت تائين نيول ڪمانڊر ان چيف سر جان ڪين ڏکڻ سنڌ ۾ ئي رهندو, 4). هتي مير رستم خان, مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان جي ڪمانڊر ان چيف سان ملاقات ٿي ۽ بکر بابت ٺاه ٿي ويو, 5). پاٽينجر حيدرآباد معاهدي ۾ دير ٿيڻ تي ڪاوڙيل آھي. هو چئي ٿو ته ميرن جي ڪي فوي دستا سنڌوندي پار ڪري اسان طرف اچڻ چاهن ٿا. مير نه مڙيا ۽ آڏو آيا ته سندن مقابلو ڪبو. هو چئي ٿو ته بنگالي فوج جا دستا وقت تي پهچي ويا ته اسان حيدرآباد قلعي تي حملو ڪنداسين. 29.1.1849: شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکيو ته مير علي مراد چئي ٿو ته جانيديري ۾ سندس زمين فرنگي سرڪار پنهنجي هٿ ۾ رکي آھي, ان لاء ھدايتون ڏيو ته اهو مسئلو ڪيئن حل ڪجي. 29.1.1956: پاڪستان ٺهيئي کان نو سال پوء آئين ساز اسيمبلئ اڄ پاڪستان جو پهريون آئين پاس ڪيو. 29.1.1969: پاڪستان جي ننڍئ ڄمار عوام کي آمرن مان جند ڇڏائڻ ۽ آزادي وٺڻ جا ٻه وڏا درس ڏنا. شروعات ايوب-شاهئ مان جان ڇڏائڻ سان ٿي. اڄ ايوب مخالف جلسا جلوس ته جتي ڪٿي ٿيا پر گجرانوالا ۾ پوليس فائرنگ ۾ ٽي ماڻھون اڦٽ مري ويا. بنگالين آمر مان جان ڇڏائڻ ۽ پنهنجي لاء آزاد ملڪ واري تحريڪ ۾ عزتن, مال ۽ جانين جي وڏي قرباني ڏئي منزل ماڻي. هنن ڳالهيون نه ڪيون, پر ڪري ڏيکاريو. 29.1.1973: بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاء منھنجي حڪومت اوڏانھن فوج پئي موڪلي- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. ياد رکڻ جي ڳاله هئ آھي ته هن دور کان وٺي بلوچستان فوج موڪلڻ ۽ بلوچستان اسيمبلي ڊاهڻ جي روايت پئي. 29.1.1978: پي.اين.اي جي اڳواڻن مفتي محمود جي اڳواڻئ ۾ ڀٽي جو تختو اونڌو ڪندڙ جنرل ضياء الحق سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي بدعنوان ڪامورن جي نالن جي لسٽ به سندس حوالي ڪئي ته جيئن اهڙن سنڌي ڪامورن جي ڪن-مهٽ ڪئي وڃي, جن پي.اي.اي وارن کي ڀٽي جي حڪومت دوران ناراض ڪيو هو. *************** {29 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 29 جنوري 1919ع شاعر شيخ عبدالرزاق راز (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1923ع شاعر سڳن آهوجا جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1929ع ليکڪ ڪمال پياسي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1935ع گلوڪار ۽ شاعر موهن لال اداسي (ٽنڊو آدم / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1948ع سگهڙ رحيم بخش جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1950ع ليکڪ ستار پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1950ع ليکڪ، شاعر، نعت گو ۽ ثنا خوان جوهر بروهئ جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1951ع اداڪاره سنگيتا ڊنگرا (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جنوري 1969ع سياستدان نصرت سحر عباسي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 29 جنوري 1919ع سماج سڌارڪ ڪندن مل شڌاساڻي جي وفات ٿي. 29 جنوري 1925ع مذهبي اسڪالر مولانا ڄام سومرو لاڏاڻو ڪري ويو. 29 جنوري 1935ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد مهر لاڏاڻو ڪري ويو. 29 جنوري 1975ع شاعر پير زين العابدين شاهه زينل لاڏاڻو ڪري ويو ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [In spite of having hundred senses to listen & understand, you are depriving me of knocking door of your heart for justice and justifying my love & respect. In spite of that I am erecting palace for you in my heart with sincerity & trust and am beautifying it with your beauty. Dear! Can't you minimize differences and differences?] ڪنھن در ڏجي دانھن؟ تون جي بندین دل-دروازو، رانول ! مان بٹجي رازو، جوڙیان محل سونھن سلام جا.

No comments:

Post a Comment