Monday 22 January 2024

SINDH in history today (23rd January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{ ورچي ويهڻ ۽ ٿڪجي پوڻ وارو آئون به ڪونه آھيان. بس اوهان قرب ڪري پنهنجئ تاريخ کي پڙھو. تاريخ جو مطالعو اوهان کي سوچن ۽ لوچن جي قبلن درست ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. 23 جنورئ جي واقعاتي تاريخ مون (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) لکي آھي ۽ منهنجي پٽ ممتاز علئ ان جو ترجمو ڪيو آھي. اڳ ۾ سنڌئ ۾ آھي ۽ پوء انگريزئ ۾ ڏنل آھي} *** 23rd January SINDH in history today & my Good Day Wish. اوهان لاء سنڌ جي تاريخ جو پيغام. مان هن پوسٽ ذريعي اوهان جو ڪو قيمتي وقت نه وڃائيندو آھيان. پر اوهان جي تاريخ بابت ڄاڻ ۾ اضافو ئي ڪندو آھيان. هئ حڪمران جي واکاڻ جي ڪهاڻي ڪانھي. هن ۾ انتهائئ غيرجانبدارئ سان سنڌ جي عوام, سنڌ جي حڪمرانن ۽ سنڌ-دشمن قوتن جون سچيون ڳالهيون آھن. انھئ پڙھڻ مان اوهان کي پتو پوندو ته ماضئ ۾ ڪهڙي پوک پوکي وئي جيڪا هاڻي اسان لڻي رهيا آھيون. *************** [ اسان جي دور جا ڪجھ واقعا] ************** 23.1.1988: جلال آباد ۾ خان غفار خان کي دفنائڻ وقت بم ڌماڪو ٿيو, جنهن ۾ 15 ماڻھون مري ويا. 23.1.1989: اڄ بلوچستان هاء ڪورٽ فيصلو ٻڌايو ته بلوچستان اسيمبلي غير آئيني طور ٽوڙي وئي هئي. 23.1.1992: عملدار ۽ سياستدان ڪرسئ تي هوندا آھن ته اڪثر ڪري رعيت آزار هوندا آھن. مٿان مصيبت پوندي اٿن ته سنڌ ۽ سنڌي ياد ايندا اٿن. صفا سنڌوديشي لڳندا آھن. اڄ بينظير ڀٽو بيان ڏيندي چيو ته پاڪستان جو صدر سنڌ کي علحدگئ طرف ڌڪيلي رهيو آھي. 23.1.1992: آء.ايس.آء جي اڳوڻي چيف لفٽيننٽ جنرل کي زورئ نوڪرئ تان رٽائير ڪيو ويو. 23.1.1993: حيدرآباد ۾ ٻه بم ڌماڪا ٿيا, جن ۾ 24 ماڻھون اڦٽ مري ويا ۽ 50 کان مٿي سخت ڦٽي ٿيا. *************** {23 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 23 جنوري 1905ع تعليمدان موهن داس ماتائي (ٺارو شاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1911ع سماج سڌارڪ ماسٽر گنگا رام جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1921ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير مراد علي ٽالپر جي پيدائش ٿي. 23 جنوري 1923ع شاعر ۽ گلوڪار ديال عاجز (حيدرآباد / بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1957ع اداڪار مهندر رام پنجواڻي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1982ع صحافي محمد قاسم چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 23 جنوري 1986ع شاعر احمد خان گڏاڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 جنوري 1918 شاعر قاضي محمد بخش عاجز (روهڙي) جي وفات ٿي. 23 جنوري 1928ع تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ديوان پريمچند ديهانت ڪري ويو. 23 جنوري 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عثمان بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو. ************** 1.Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever is in complex that he/she is an angel, will treat and term others as sinful souls. He/ She will be promoter of hatred & discrimination, will be high-risk for beauty & love and peace & progress. Dear! None of us is Supper natural. But, we all are equal in all respects. We can make mistakes and we can set trends in sincerity, sacrifice, and selfless love. Dear! Trust, accept and respect everybody, you will get love and peace in return ] جو جو فرشتو سمجھي پاڻ کي، سو سمجھي باقي سڀ حيوان، سندس عقل علم ساڃھ صورت تي جيڏو بہ ڪجي سو گهٽ ارمان، اھو اصلي ناھي ڪو خانئ خان, پر نقصان سرت سونهن سلام لاء *************** HISTORY (23rd JANUARY) 1857: differences between John Jacob and Major Goldsmith took a such turn Sindh Commissioner, Bartle Frere, started sporting Major Goldsmith and that brings John Jacob in bad books of the Governor – General. John Jacob, though rendered valuable services in Jacobabad for his Government, but most of actions, decision and proposal were not appreciated by Sindh and India Governments. 1965: Telex service is established between Pakistan and USSR via Rome. 1972; Z.A.Bhutto indicates that there will be three – tire local Government to replace Basic Democracy system. The President announces steps to restore democracy in the Pakistan. 1977: PPP wins 40 seats in provincial assemblies unopposed. 1986: speaker reserves ruling on the Motion regarding General Zia as coast. 1988: Fifteen people are killed in bomb blast during Ghaffar Khan;s burial in Jalalabad. 1989: The Balochistan High Court declares the dissolution ob provincial assembly in December as unconstitutional. 1990: Benazir Bhutto, Prime Minister of Pakistan gives away 2243 acres of developed agriculture land to Haris in Makran. 1992: President is forcing Sindh to separation, says Benazir Bhutto. Crops Commander Lt. Gen.Hamid Gul former Chief of ISI is compulsorily retired. 1993: Turkey and Pakistan call on Saddam Hussain for immediate withdrawal of his forces from Kuwait in the interest of peace. 24 people are killed and 50 are injured as a two bomb go off in Hyderabad.

No comments:

Post a Comment