Saturday 27 January 2024

SINDH in history today (29th January). By.Dr.Pathan

جنورئ جي سنڌئ ۾ ”واقعاتي تاريخ“ منهنجي سلام سميت {ڊاڪٽر در محممد پٺاڻ} ************* *** ڪي اهم واقعا *************** 28.1.1836: سنڌ جي عام ماڻھوء جي وطن دوستي ۽ ڌارين سان نفرت شروع کان رهي آھي. فرنگين جي نمائندن سنڌ ۾ ناپاڪ قدم رکڻ شروع ڪيا ته ماڻھن انھن جون بي عزتون ڪيون ۽ بڇڙو ڪيو. حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر هيڊل نالي انگريز کي ماڻھن ڪٽڪو ڪڍو ۽ بي عزتو ڪيو. اڄ پاٽينجر انھئ واقعي بابت پنهنجئ سرڪار کي اطلاع ڏنو ۽ ميرن کي به هٿ جوڙ ڪئي ته جيئن اڳتي اهڙا واقعا نه ٿين. 28.1.1839: ريئر ايڊمرل سر فريڊرڪ مئٽلينڊ, فرنگين جي بحري فوج جو ڪمانڊر ان چيف منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ لاء پهتو ته جهرڪن مان پاٽينجر کيس خط لکي سيٺ نائونمل جي خاندان جي جان ۽ مال جي حفاظت لاء گذارش ڪئي. نائونمل ان وقت پاٽينجر سان گڏ جهرڪن ۾ هو. پاٽينجر پنهنجي خط ۾ گهڻو ڪجه لکيو آھي. ان مان ٻه ٽي سٽون جيئن جو تيئن هت ڏجن ٿيون: There is on point to which I solicit your kind attention. I allude to protection, under all circumstance, of house, family and property of Naumal Seth of Karachi. The bahamas individual is now with force at Jherk. He has most zealously and indefaitgably assisted us, and I cannot convey my deep anxiety regarding him better than by saying that they ought to be guarded as those of the Governor-General of India. 28.1.1921: ڪراچئ ۾ مس شاهاڻئ جي صدارت ۾ ”انڊين وومينس ائسوسيئشن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 80 عورتن کان مٿي عورتن شرڪت ڪئي. فيصلو ڪيو ويو ته ائسوسيئيشن جو نالو بدلائي "هندي استري منڊل" رکجي ٿو ۽ هن منڊل ذريعي عورتن کي آزادئ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي ترغيب ڏبي. 28.1.1923: سکر جي ٽائون هال ۾ مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ ضلعي سکر جي "جميعت العلماء سنڌ" جي گڏجاڻي ٿي. شرڪت ڪندڙن ۾ مولانا احمد علي, مولانا فاروق احمد, مولانا علي شير, مولانا حمادالله, سيد اسدالله ۽ مولانا دين محمد وفائئ جا نالا ذڪر لائق آھن. گڏجاڻئ ۾ فيصلو ڪري مولانا عبدالڪريم چشتئ جي جاء تي مولانا محمد هاشم کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. 28.1.1940: ڪراچئ ۾ سيٺ عبدالله هارون جي صدارت ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ" جي جنرل باڊئ جو اجلاس ٿيو. 28.1.1956: ملڪ جڙيئي کان 9 سال پوء پاڪستان جو آئين جڙيو ۽ اڄ گورنر جنرل ان جي منظوري ڏني. 28.1.1973: پيپلز پارٽئ جي حڪومت بلوچستان فوج موڪلي جواز ڏنو ته اها اتي امن امان جي صورتحال سڌاريندي. 28.1.1978: پي.اين.اي جا اڳواڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياء الحق سان مليا ۽ سنڌ جي بدعنوان عملدارن جا نالا سندس حوالي ڪيائون ته جيئن انھن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. *************** جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 28 جنوري 1920ع شاعر مولوي محمد بخش خيالي جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1939ع شاعر قمر الدين مجذوب جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1953ع ليکڪا عذرا چنا جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1963ع شاعر رزاق مستوئي جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1971ع شاعر محمد يوسف پنهور جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1973ع شاعر وفا بهادر چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1977ع شاعر عبد الشڪور شاڪر جمالي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 جنوري 1917ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد هالائي جي وفات ٿي. 28 جنوري 1927ع سماج سڌارڪ ڪيسوداس شاهاڻي (حيدر آباد) جي وفات ٿي. 28 جنوري 1935ع سياستدان مکي ايسرداس (حيدر آباد) جي وفات ٿي. 28 جنوري 1942ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي لاڏاڻو ڪري ويو. 28 جنوري 1978ع شاعر عبدالڪريم گدائي لاڏاڻو ڪري ويو. 28 جنوري 1982ع صحافي حافظ خير محمد اوڌي جو انتقال ٿيو. 28 جنوري 1986ع شاعر امان الله مفلح جو انتقال ٿيو. 28 جنوري 2000ع مذهبي شخصيت امام بخش امام زرداري ايران ۾ روڊ حادثي سبب شهيد ٿي ويو Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Never share your sorrows & longings with everybody. However, don't hesitate to tell your love and pray & cry before him/her for help and protection. Everybody is in trouble,trouble, hence, can't help you, help them, because, they need your halp. If you intend to share something with people, tell them loudly that you love and deserve beauty and peace.] لڪ نہ سهڻا هن لوڪ کان باقي ان کان دک درد لڪاء, پر پنهنجي پرين کي روئي رڙي بيشڪ تون کڻي ٻڌاء, سر ڏئي سچو ٿجان ايئن پنهنجو تون تان بره بچاء, دنيا کي تون ٻڌاء, تہ آھين عاشق سونهن سلام جو.

No comments:

Post a Comment