Monday 15 January 2024

SINDH in history today (16th January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

16 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ" اوهان لاء پيار ۽ پاٻوه مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو ممتاز علي پٺاڻ ڪيو. هئ اوهان کي هڪ ئي پوسٽ ۾ پهريون سنڌئ ۽ پوء انگريزئ ۾ گڏ و گڏ ڏجي ٿي ته جيئن سنڌي نه سمجهندڙ انگريزئ ۾ اها پڙھي سگهن.] SINDH (including Pakistan) in history today [16th January] & Good Day Wish *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ شخصيتن جا پوڄاري آدرشن جي پوئواري ڪونه ڪندا آھن. حال جي حالتن کان داغدار ٿيل چهرا ماضئ جو آئينو ڪو ڏسندا آھن. آئيني ڏسڻ وارا داغ مٽائي سگهندا آھن ۽ آدرشن/نظرين/قدرن جا پوئلڳ پنهنجا گم ٿيل رستا ڳولهي وٺندا آھن. اسان به جيڪڏهن چڪڻ مان چڙھڻ گهرون ٿا ته پوء ماضئ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. انھئ مطالعي لاء مان تاريخ مان 16 جنورئ جو ورق کڻي آيو آھيان. انھن ۾ واقعن, ولادتن ۽ وفاتن جو ذڪر آھي. *************** [ڪجھ واقعا] *************** 16.1.1841: هن کان اڳ سنڌوندئ ۾ ڪاٺ مان جوڙيل آگبوٽ ھلايا ويندا هئا. هاڻي فيصلو ٿيو ته لوه مان ٺاهيل آگبوٽ به سنڌ ۾ هلائجن. 16.1.1854: هن کان اڳ 1850 ۾ حيدرآباد ميونسپالٽئ سان ايڪٽ ته لاڳو ڪيو هو. پر ان لاء قائدا قانون ڪونه جوڙيا ويا هئا. اهي حيدرآباد جي ڪليڪٽر اڄ سرڪاري منظورئ لاء ڪمشنر کي موڪلي ڏنا. 16.1.1909: ممبئئ صوبي جي گورنر سر جارج سيڊنھام ڪليرڪ سنڌ مدرسي ۾ ”حسن علي هائوس" [هاسٽل] جي عمارت جي پيڙھ جو پٿر رکيو. هن عمارت تي آيل خرچ جو اڌ سنڌ جي عوام ڀريو ۽ اڌ سرڪار ڏنو. هئ جاء فيبروري 1910 ۾ ٺھي راس ٿي. 16.1.1920: تعلقي ميروخان جي ڳوٺ محبوب تنيئي ۾ خلافت جو جلسو ٿيو. ان جي صدارت مولانا محمد اسماعيل ڪئي. آزادئ جو مال ملالا کائي ويا. باقي سنڌ تحريڪ آزادئ دوارن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ تحريڪون هلائي انگريز حڪومت کي نڪ ۾ دم ڏنو. سنڌ ۽ سنڌين جي عظمت کي سلام آھي. 16.1.1921: نواب شاه ۾ وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيو. تقرير ڪندڙن پوليس جي ڏاڍ جي مذمت ڪئي ۽ سياسي ڪارڪنن جي بيجاء وٺ پڪڙ تي پنهنجي بي چينئ جو اظھار ڪيو. 16.1.1931: سنڌ جاڳي پئي. هڪ ئي ڏينھن ۽ ساڳئ تاريخ تي هي جلسا ٿيا: * مولوي عبدالعزيز جي صدارت ۾ امروٽ ۾ خلافت جو جلسو ٿيو, * جمعيت نظام المسلين طرفان ڪراچئ ۾ جلسو ٿيو, * قمبر ۾ مولانا مير محمد نورنگئ, مولوي محمد سليمان واعظ, مولوي محمد صديق ۽ ٻين عالمن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ "انجمن اصلاح المسلمين" نالي تنظيم ٺاهي وئي. ان لاء مولانا نورنگئ کي صدر, مولانا محمد عظيم شيدا کي نائب صدر, مولانا غلام صديق کي ناظم, حاجي فتح محمد کي نائب ناظم مقرر ڪيو ويو * بٺئ ۾ خلافت جو جلسو ٿيو. 16.1.1937: حيدرآباد جي "ينگ مسلم سوشل سروس ليگ" جو ششماهي اجلاس ٿيو. خاڪسار وليداد ۽ عبدالڪريم آيل ميمبرن جي چانه پاڻئ جو اهتمام ڪيو. 16.1.1941: ڏوڪري مسلم ليگ جي جنرل ميٽنگ ٿي, جنهن ۾ ٽي ٺھراء پاس ڪيا ويا, ڪجي ڪي آھن: 1). سنڌ اسيمبلي لوڪلبورڊ ۾ گڏيل چونڊن وارو بل پاس نه ڪري, 2). ڊاڪٽر دائود پوٽي کي پڪو ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن ڪري مقرر ڪجي, 3). مير بنده علئ جو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي آجيان. 16.1.1948: لاڙڪاڻي ۾ ”ھاري ورڪنگ ڪميٽئ" جو اجلاس ٿيو, جنھن ۾ هارين بابت ڏنل "راجرس ٽامس رپورٽ“ کي هارين جي مفادن خلاف ڄاڻائيندي رد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ھارين جي مطالبن کي آخري شڪل ڏيڻ لاء حيدر بخش جتوئئ, عبدالقادر کوکر ۽ جان محمد پلئ تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي. 16.1.1960: پاڪستان کي 22 ملين ڊالر قرض ڏيڻ لاء اڄ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٺاه ٿيو. پر منھنجي ۽ سنڌ جي اقتصادي ماهرن وچ ۾ ٺاه ڪونه ٿيندو. ڇو ته اهي ٻڌائن ئي نه ٿا ته پاڪستان کي مليل سموري قرض ۽ امداد مان سنڌ تي ڪيترو خرچ ٿيو. 16.1.1991: سنڌ سرڪار جي ايم.سيد تي مڙھيل غدارئ جو ڪيس واپس ورتو. 16.1.1994: مير مرتضا ڀٽي اڄ ”شھيد ڀٽو پيپلز پارٽئ" قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ****************************** {16 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 16 جنوري 1910ع گلوڪار، شاعر ۽ صحافي هوند راج ڏکايل (لاڙڪاڻو/اديپور) جو جنم ڏينهن آهي. 16 جنوري 1913ع شاعر ۽ صحافي لکمي چند لاهوتي جو جنم ڏينهن آهي. 16 جنوري 1916ع شاعر امان الله مهرجو جنم ڏينهن آهي. 16 جنوري 1926ع ليکڪ گوپي موٽواڻي (نوشهرو فيروز / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 جنوري 1930ع مشهور شاعر استاد بخارئ جو جنم ڏينهن آهي. 16 جنوري 1947ع ليکڪ محمد اسحاق شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 16 جنوري 1964ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 16 جنوري 1984ع ليکڪ آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آھي. [وڇوڙو:] 16 جنوري 1918ع شاعر آخوند فقير محمد عاجزجو انتقال ٿيو. 16 جنوري 1935ع صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙجي وفات ٿي. 16 جنوري 1937ع مذهبي اسڪالر مولانا فتح علي جتوئي جي وفات ٿي. 16 جنوري 1966ع فلاسافر، اسڪالر، شاعر، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ساڌو واسواڻئ ديهانت ڪري ويو. 16 جنوري 1976ع شاعر زين العابدين شاهه زينل جي وفات ٿي. 16 جنوري 1980ع شاعر حاجي الهه بچايو وفا لاڏاڻو ڪري ويو. 16 جنوري 2006ع اردو ۽ سنڌي زبان جو ناليوارو شاعر ۽ اديب الياس عشقئ گذاري ويو. 16 جنوري 2014ع تعليمدان ۽ صحافي استاد لائق ٿيٻي وفات ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! I respect every body. But, accept and love my ideal, who is lover of people & Motherland. He/she is man/woman of vision & wisdom. His/her life is of cause, by cause and for noble cause] ‏تن لاء ھئ جسو جگر جاء پناھ، ‏جي سارن سدا سرت ۽ سونھن، ‏انھن سان ئي آھي ورونھن،‏ ‏رشتو ناتو دل ۽ دعا سلام جو.‏‎ ‎ *************** 2. Events from history: (16th JANUARY) 1850: First ever Church is built in Karachi. 1909: The Governor of the Bombay Presidency lays foundation stone of ‘Hassan Ali House’ in Sindh Madrasah, Karachi. The building took one tear in its completion. 1920: The local branch of Khilafat Committee holds public meeting at Goth Mahboob of taluka Mirokhan. It is presided over by Moulana Muhammad Ismail. Speakers apprise people of the high handedness of the Government and mishandling of Khilafat issue. They are asked to take active part in politics so as to save country. 1921: Nawabshah Khilafat Committee holds public meeting that is attended by large number of people. Speakers condemned the negative and anti – people role of police. People are asked and advised to face any kind of difficulty in the greater interest of country. 1931: The day provides wonderful evidence about political vision & wisdom of Sindh. Today, my country is politically active in her length and breath. Jamiat Nizam –ul- Muslimeen holds public meeting at Karachi, Local branch of Khilafat Committees holds public meeting at Amrot, Buthi of taluka Mirokhan and other so many places. Anluman Islah al- Muslimeen is formed at Kambar, and Moulana Naurangi (President), Moulana Muhammad Azim ‘Sheda’ Solangi (Vice President), Moulana Ghulam Siddique (Secretary) and Haji Fatih Muhammad (Treasurer) are selected its founder office – bearers. Today, condolence meetings on the death of Moulana Muhammad Ali ‘Johar’ are held in almost all cities of Sindh. 1948: Sindh Hari Committee rejects Rojor Toms’ Report on improving conditions of peasants. The party constitutes it Committee on the subject that consists of Hyder Bux Jatoi, Abdul Qadir Khokhar and Jan Muhammad Pali. The meeting is held at Larkano. 1957: Pakistan makes a strong plea for immediate stationing of U.N troops in Kashmir. 1965: Combined Opposition Parties (COP) Conference opens at Karachi with aim to prepare political line of action regarding elections. The Central Working Committee of the Council Muslim League decides to support boycott of the assembly elections. 1979: Another White Paper is released by the Government so as make people believe that Z.A.Bhutto disregarded law and tried to build an authoritarian state. 1991: Benazir leaves for London. Sindh Government takes back sedation case against G.M.Syed. 1992: PDA and ANP in NWFP are busy blaming and counter blaming each other on the issue of Kalabagh Dam. Federal Minister, Jam Yousif is determined to resolve the issue politically.

No comments:

Post a Comment