Saturday 13 January 2024

SINDH in history today (14th January). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

[ اڄ 14 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس وڏي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو. هي قلمي پورهيو اوهان اڳيان سنڌئ ۽ انگريزئ ۾ لکيل حاضر آھي] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [14th January) ************** . واقعاتي تاريخ: چوڏهين جنوري *************** 14.1.1840: سنڌ ۾ حڪمراني ته ٽالپورن جي هئي, پر فرنگين هر ڪم ايئن ڪيو, جيئن سنڌ سندن ابن ڏاڏن جي جاگير هئي. هن وقت تائين اهي سنڌوندئ کي پنهنجي فوجي ۽ واپاري آمدرفت جو ذريعو بڻائي چڪا هئا ۽ انهن جا ڪيترا آگبوٽ ھلندا ھئا. ممبئئ سرڪار ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت کان اجازت گهري ته جيئن سنڌ ۾ آبي آمدرفت لاء هڪ ادارو قائم ڪجي. ڪمپني حڪومت ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مقيم راس بيل ۽ ڪئپٽن آئوٽرام کان رايو طلب ڪيو. 14.1.1848: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪيو ته ميرن جي حڪومت ۾ ڪهڙن ماڻھن ۽ ادارن جي سرڪار مالي مدد ڪندي هئي 14.1.1857: سنڌ ۾ قائم ڪيل آڳاٽين ميونسپالٽين مان منجهند به هڪ ميونسپالٽي هئي. اڄ انھئ جا رولس ٺاهي ممبئي حڪومت ڏانھن منظورئ لاء موڪليا ويا. 14.1.1951: سنڌ هاري ڪميٽئ جي حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻئ ۾ ٺھراء پاس ڪري مسلم ليگ جي اره زورائئ سان جاگيرداري نظام جي حمايت ڪرڻ تي مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو سنڌ مان جاگيردارانه نظام ختم ڪيو وڃي. 14.1.1978: جنرل ضياء الحق اڄ پنهنجئ حڪومت لاء ھڪ صلاحڪار ڪميٽي جوڙي, جنھن ۾ سنڌ مان اي.ڪي. بروھئ, مولابخش سومري, اي.جي. اين قاضئ کي به ميمبر طور کنيو ويو. 14.1.1992: آمريڪا جي سينيٽر پريسلر اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيسيتائين پاڪستان نيوڪلر پروگرام تان هٿ نه کڻندو, ان وقت تائين کيس آمريڪي امداد نه ڏني ويندي. *************** 14 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 14 جنوري 1900ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌريجو جنم ڏينهن آهي. 14 جنوري 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عبدالرحيم جو جنم ڏينهن آهي. 14 جنوري 1928ع صحافي ڪرنتي ڪمار (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جنوري 1940ع سنڌ جي مشهور راڳي استاد محمد يوسفجو جنم ڏينهن آهي. 14 جنوري 1955ع صحافي نور محمد ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي. 14 جنوري 1962ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي سليم اختر ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي. 14 جنوري 1966ع شاعر منظور مولائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 14 جنوري 1935ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ آزادي پسند اچاريا گدواڻي ديهانت ڪري ويو. 14 جنوري 1961ع آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جو انتقال ٿيو. 14 جنوري 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا عزيز الله ساند جي وفات ٿي. 14 جنوري 1974ع شاعر غلام شاهه مست جو انتقال ٿيو. 14 جنوري 1987ع ڪهاڻيڪاره نيلوفر جويوجو انتقال ٿيو. 14 جنوري 2011ع ناليواري چترڪار اي آر ناگورئ جي وفات ٿي. 14 جنوري 2012ع دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر (9 سال) جي مائڪرو سافٽ سند يافته ارفع ڪريم لاهور جي اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي 1. GOOD WISH: Dr. Pathan wishes you Good Day. [Let mind-made and so-called any ideology Or philosophy must not underestimates and Exploits worth and status of anybody. Let our ego-oriented actions and reactions Must not become high-risk for human Love & beauty and peace & tranquility Let us be, what we are]. آھي اھم ۽ اتم آدمي، ڪوڙن قدرن نظرین کان، لائق عزت محبت جو، ھر ڪو ساڳئ حیثیت سان، جي من ۾ انا ۽ 'مان'، تہ نفرت آدم سرت سلام سان. *************** 2. EVENTS from history (14th January): 1840: Karachi is under military control of the East India Company Government and the Bombay Government, keeping in view of the bright future of British rule in Sindh, requests for employment of the Superintendent of Steam Navigation of Indus. But, the Government of India refers this case to their Political officers working in Sindh. Hence, Ross Bell and Captain Outram are asked to offer their views on the subject. 1848: Sindh Commissioner is asked by the Bombay Government to prepare and furnish the statement about stipends, pensions and charitable allowances given by the present and previous governments of Sindh. 1857: Manjhand Municipality rules are prepared and submitted by the Sindh Commissioner to the Government of Bombay for approval. 1951: The meeting of the Working Committee of the Sindh Hari Committee is held at Hyderabad in which the stand of Sindh Muslim League on the abolition of Jageerdari system is condemned and it is demanded that this system be abolished without fail. 1967: A private nuclear plant manufacturing agency of the U.S.A offers to finance the installation of 150 –MW enriched uranium reactor to Pakistan. 1971: President Yahya Khan declares in Dhaka that Shaikh Mujeeb is the future Prime Minister of Pakistan and talks between both will bring better results. 1972: An official Indian list with names of 55,000 POWs is handed over to Pakistan. 1978: Chief Martial Law Administrator, Gen. Zia constitutes Advisory Committee consisting of 16 members. A.K.Brohi, A.G.N.Kazi, Haji Moula Bux Soomro and Sharifuddin Pirzado are included. 1992: Senator Pressler tells newsmen in Islamabad that no aid by U.S.A unless Pakistan rolls back its nuclear program.

No comments:

Post a Comment