Friday 19 January 2024

SINDH in history today (20th January). Authour Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{ جگ جگ جيئو ۽ سدا آباد رهو. اوهان لاء روز ”واقعاتي تاريخ“ لکڻ, وري ان جو پنهنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ کان ترجمو ڪرائڻ, تاريخ تي لڳ ڀڳ پندرنهن سلائيڊو ٺاھڻ ۽ ان کان پوء اڌ ڪلاڪ کن جو وڊيو ٽاڪ رڪارڻ ڪرڻ وڏي جاکوڙ وارو وقت وٺندڙ ڪم آھي ۽ اهو ڪم آئون روز ڪريان ٿو ته جيئن مختلف طريقن سان اوهان کي تاريخ ٻڌايان. وقت ملي ته منهنجئ محنت, اوهان پاڻ کي ۽ تاريخ کي سمجهڻ لاء منهنجي هئ پوسٽ ضرور پڙھو. 20th January Sindh (including Pakistan) in history today & Good Day Wish 20.1.1844: ميرن پنهنجي وس پڳي سنڌ جي زراعت کي ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. مير نصير خان "علي بهار ڪئنال" کوٽائڻ شروع ڪيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي سنڌ ۾ توسيع پسندئ وارئ شيطان گيرئ ڪئنال جي کوٽائئ وارو ڪم رولڙي ۾ وجهي ڇڏيو. وري جڏهن فرنگين جي حڪومت قائم ٿي ته ميرن جي اڌوري ڪم کي مڪمل ڪرڻ ضرور ڄاتو ويو. اڄ سنڌ سرڪار گورنر جنرل کان اجازت گهري ۽ ايل. ميڪلوڊ نالي سرويئر کي سرڪار چيو ته تفصيلي رپورٽ ٺاهي انھئ ڪئنال جا زراعت ۽ معيشت تي پوندڙ اثرن جي نشاندهي ڪر. 20.1.1948: اقوام متحده جي سيڪوريٽي ڪائونسل اڄ هڪ ڪميشن ٺاهي ته جيئن ڪشمير جي مسئلي بابت حقيقتون گڏ ڪري ۽ اهو به ڏسي ته يو.اين.او انھئ مسئلي جي حل جي سلسلي ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. 20.1.1962: اڄ پاڪستان سرڪار منگلا ڊيم ٺاهڻ جو ٺيڪو "ڪنسورشيم آف سائوٿ آمريڪن فرمس" کي ڏنو. 20.1.1966: پاڪستان اڄ اندرا گانڌئ کي انڊيا جي وزير اعظم ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. ڪنهن کي ڪل ئي نه هئي ته اها مائي اڳتي هلي پاڪستان کي ٽوڙيندي. 20.1.1969: اصغر خان حيدرآباد جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ئي اهڙو واحد ليڊر آھي جيڪو مخالف ڌر کي ساڻ کڻي ملڪ کي بچائي سگهي ٿو. ياد رهي ته اصغر خان ئي اهو واحد سياستدان هئو, جنھن ڀٽي جي حڪومت خلاف باه ٻاري ۽ هن جي تختي اونڌي ڪرڻ لاء فوجين کي خط لکيا. 20.1.1977: ڀٽو ۽ سمورا صوبائي وڏا وزير اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊن کان اڳ بنا مقابلي چونڊيل قرار ڏنا ويا. پر اهو چونڊن کان ڌاڌلئ جو آغاز ثابت ٿيو. ڀٽي لاڙڪاڻي جي چونڊ حلقي مان فارم ڀريو ۽ سندس مخالف مولانا جان محمد عباسئ کي ڏاڍ سان فارم ڀرڻ کان پري رکيو ويو. اهو ڪيس ئي ڀٽي جي ڳچئ ۾ پيو ۽ تخت تان لهي تختي تي چڙھيو. 20.1.1990: پرائيم منسٽر بي نظير ڀٽو, صدر اسحاق ۽ آرمي چيف اسلم بيگ وچ ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن اهو رنگ لاتو ته چند مهينن کان پوء بي نظير حڪومت جي تڏا ويڙھ ٿي وئي. *************** ڏينهن 20 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 20 جنوري 1926ع اسڪالر سنت داس جهانگياڻي (حيدرآباد / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1926ع اردو جي مشهور شاعر، نقاد ۽ ڪالم نگار جميل الدين عاليجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 جنوري 1928ع شاعر ٺاڪر داس ٺاڪرجو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1928ع اردو جي نامياري ناول نگار ۽ افسانه نگار قرت العين حيدرجو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1928ع شاعر خادم حسين خادم جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1930 سگهڙ غلام قادر ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1937ع ليکڪ شاڪر ابڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1942ع شاعر گيانچند ڄيٺانند گيان (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1956ع شاعر پروانو سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1957ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر مولا بخش منظور ظفر جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1957ع ليکڪا ديپا راڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1967ع ليکڪ بخت ٻرڙو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1969ع ليکڪ عبدالمجيد مگسي جي پيدائش ٿي. 20 جنوري 1968ع سياستدان سيده نفيسا شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1970ع شاعر محمد ايوب منتظر جو جنم ڏينهن آهي. 20 جنوري 1971ع شاعر گلزار علي گل جو جنم ڏينهن آهي۔ 20 جنوري 1977ع شاعر ملهار چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 20 جنوري 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا حافظ فضل احمد جي وفات ٿي. 20 جنوري 1988ع پختون سياستدان خان عبدالغفار خان جو انتقال ٿيو. 20 جنوري 2005ع شاعر ۽ سياستدان محسن لاڙڪاڻوي جو انتقال ٿيو. *************** 1. Good Day Wish: Dr.Pathan Wishes you Good Day تو جو ھن سان ٿي ڳالھایو، مون کي ان تي ڏک نہ ٿیو ھو . ڇو جو راٹي ساھ سیباٹي ، تون ڪا منجھي باندي ناھین‎ ‎‏،‎ ‎گولي ناھین . جڏھن تہ منھنجي پنھنجي دل ڀي ، منھنجي ھوندي منھنجي ناھي . سا پنھنجيءَ مرضيءَ موجب نینھن لڳائي. تنھن کي ڪڏھین پلي نہ سگھیس ، تنھن کي ڪڏھین جھلي نہ سگھیس. پوءِ او راٹي ساھ - سیباٹي ! تو تي ڇا لاءِ مٽ سجایان ؟ تو کي ڇا لاءِ ڏانوڻ پایان ؟ تو کي پڻ آزادي آھي. تو کي پڻ آزادي آھي. [ No Doubt, I am In love with you. you are my beloved, but not slave. I respect your freedom and I love you unconditionally. It will not be fair to curb your freedom and chain you. When my heart is not following me and loves & Likes any body as desired by it . When I can't stop it. How and why I should stop you? You are free, though, you are my dear beloved. I love you unconditionally.] *************** 2. Events from history (20th January): 1844: Mir Naseer Khan had ordered work on ‘Ali Bahar Canal’. But, due to critical conditions created by the East India Co. Government in Sindh, the work on canal was left UN finished. Today, the Government of Sindh requests the Governor – General of India for permission to restart work on Ali Bahar Canal. L. Macleod, Surveyor, is asked to prepare short report on the advantages of the canal. 1948: The U.N Security Council sets up a commission with a dual function: to investigate the facts about Kashmir issue and to exercise any mediatory influence. 1962: The contract of the construction of the Mangla dam is awarded to a consortium of South American firms. 1965: Foreign Minister, Z.A.Bhutto criticizes Anglo – American nuclear umbrella for India and British new politico – military posture east of suez. Addresses Press Conference soon after meeting with the British Prime Minister, in London. 1966: Pakistan facilitated Mrs. Indra Gandhi on assuming the office of the Prime Minister of India. In 1971, she paved way for the disintegration of Pakistan. 1969: Asghar Khan visits Hyderabad and while talking to the press he says that ‘only Z.A.Bhutto can bring unity among the opposition ranks’. When Bhutto came into power, Asghar Khan desired and asked to get rid of Bhutto government. 1977: Prime Minister Z.A.Bhutto and nine other PPP nominees including provincial Chief Ministers are declared unopposed by the Election Commission and it beginning of the fall of Bhutto power. In Larkana, District administer made blunder to keep Moulana Jan Muhammad Abbasi away from filling nomination paper. In this way and for pleasing Z.A.Bhutto, administration put him in darkness and paved way for his political end. 1990: A meeting of trio: President Ishaq, Prime Minister Benazir Bhutto and Army Chief Aslam Beg is held in Islamabad. Later on it took a few months to dismiss PPP Government

No comments:

Post a Comment