Tuesday 23 January 2024

SINDH in history today (24th January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{سنڌ جي سونهن جي جيڪا ستي ملي آھي, ان جي معاضي ڏيڻ لاء ھئ هڪ حياتي ڪافي ناهي. پوء به زندگئ مان قيمتي وقت ڪڍي سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندو آھيان. 24 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ مون لکي ۽ ان جو ترجمو منهنجي وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو. پيش ڪريان ٿو قبول پئي. اها سنڌئ سان شروع ٿئي ٿي ۽ ان کان پوء انگريزئ ۾ به ڏني وئي آھي. 24th January SINDH in history today & my Good Day Wish. ************** *************** 24.1.1939: سر جان ڪين ۽ سر هينري فين ٻه وڏا ۽ بااختيار فوجي ڪمانڊر هئا, جيڪي پنهنجي فوج کي افغانستان تي چڙھائي ڪرڻ لاء سنڌ مان موڪلڻ جو ڪم ڪري رهيا هئا. اڄ سر جان ڪين سونڍن مان سر هينري فين کي خط ٿو لکي ته حيدرآباد مير حڪمران سهڪار ڪرڻ بدران رستي ۾ ڪنڊا اڇلائي رهيا آھن. افغانستان تي چڙھائي ڪرڻ کان اڳ اسان کي سنڌ تي قبضو ڪرڻ گهربو هو. ميرن طرفان مونجهارا ته گهڻا ٿا پيدا ڪيا وڃن, پوء به اميد آھي ته هنن سان لاڀائتو معاهدو ٿي ويندو. سر هينري وري سر جان ڪين کي اڄ خط ۾ لکي ٿو ته مون خيرپور جي ميرن کي اکيون ڏيکاريون آھن. هو پنهنجي خرچ تي اسان جي فوج جي لنگھ لاء رستا ٺھرائيندا. 24.1.1849: مسٽر انويئرورٽي Inevrority کي سنڌ جي ڪمشنر جو اسسٽنٽ ڪري مقرر ڪيو ويو. هي ڏهن سالن کان پوء سنڌ جو ڪمشنر بڻجي ويو. 24.1.1950: سنڌ ۾ سکر بئراج ٺھڻ کان پوء ھاري پارٽيون قائم ٿيو. مسلم ليگ کان سواء ڪانگريس ۽ ٻين پارٽين به "هاري پارٽيون/ذيلي شعبو" قائم ڪيا. ان کان سواء "سنڌ پراونشل هاري ڪميٽي" ۽ " سنڌ هاري ڪميٽي" نالي ٻه الڳ الڳ پارٽيون به هيون. اڄ انھن ٻنھي پارٽين کي ملائي هڪ پارٽي قائم ڪئي وئي. حيدر بخش جتوئئ ۽ عبدالقادر کوکر کي آرگنائيزر بڻايو ويو. 24.1.1951: مولانا سيد سليمان ندوئ جي صدارت ۾ 31 مشهور ديني عالمن جي ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. ان ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان کي مذھبي رياست بڻايو وڃي. 24.1.1959: مغربي پاڪستان حڪومت اڄ ”زرعي سڌارا" آندا. انھن سڌارن جي روشنئ ۾ زمين رکڻ جي حد 1000 هزار ايڪڙ آبپاشئ واري زمين ۽ 500 ايڪڙ بارانئ واري مقرر ڪئي وئي. 24.1.1963: ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي پرڏيهي وزير طور قسم کنيو. 24.1.1969: ايوب-شاهئ خلاف تحريڪ ۾ شدت آئي. ڍاڪا ۾ صوبائي سيڪريٽريٽ کي باه ڏني وئي ۽ ڪراچئ ۾ سياسي ڪارڪنن مٿان لاٺي چارج ڪئي وئي. 24.1.1978: ڀٽي جي ظاهري سياسي معتقد ساٿي مولانا ڪوثر نيازئ بينظير کي پارٽئ جي واڳ ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته جيڪڏهن نصرت ڀٽو پنهنجئ ڌئ کي پارٽئ جي اڳواڻي ڏيندي ته ان جي سختئ سان مخالفت ڪبي. 24.1.1979: ضياء الحق جي مارشل لائي حڪومت ڀٽي خلاف "وائيٽ پيپر" ڇپرائي پڌرو ڪيو ته ڀٽي رياستي ادارن جي ڀينگ ڪئي. *************** ڏينهن 24 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 24 جنوري 1874ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن ويرونل بيگراج جو جنم ڏينهن آهي. 24 جنوري 1929ع ليکڪ معمور يوسفاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 24 جنوري 1933ع اداڪار هيرو چائولا (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 جنوري 1936ع موسيقار استاد نياز حسين جي ڪراچيءَ ۾ پيدائش ٿي. 24 جنوري 1976ع ليکڪ گلشير چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 جنوري 1905ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالعزيز لغاري جي وفات ٿي. 24 جنوري 1907ع خيرپور رياست جو اڳوڻو وزير سردار محمد يعقوب لاڏاڻو ڪري ويو. 24 جنوري 1983ع شاعر مولوي ثناء الله بدر (نوابشاهه) لاڏاڻو ڪري ويو. 24 جنوري 1990ع موسيقار ۽ راڳي استاد محمد جمن لاڏاڻو ڪري ويو. 24 جنوري 2000ع نواب احمد سلطان چانڊيو(غيبي ديرو) جو انتقال ٿيو. 24 جنوري 2007ع شاعر احسن الهاشمي جي وفات ٿي. 24 جنوري 2010ع ڪالم نگار ۽ صحافي ارشاد احمد حقاني جو انتقال ٿيو. 1. Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day.‎ ‎[Keep an eye on situation & conditions. See your own mistakes and faults. Listen everybody, including your self. But, do not be voice of any Master. Speak about to promote love & beauty, peace & respect of your Motherland and her people‏. Speak against ego, hatred & discrimination. Be voice of human values, your heart and soul] ڪن ٿجي قرب، قھر، شھر بر ۽ بحر ۽ سفر ۾، پر پرائي ٿجي نہ ڪڏھن ڪنهن صورت ۾ زبان، ڳائجن ٻڌائجن ڌرتئ ڌرتئ-ڈٹین سندا احسان، ھو جي انسان جي سورن جا مذڪور ۽ ارمان، ٻڌاء تہ ماٹھون مھان، رھن سرت ۽ سلام سان. *************** 2. Events from history : 1849: Mr. Inferiority is appointed as Assistant to Sindh Commissioner. After ten years he became Commissioner of Sindh. 1948: Pakistan and India agree to draft plan for holding plebiscite in Kashmir. 1950: Two separate and independent parties ‘Sindh Provincial Hari Committee’ and ‘Sindh Hari Committee”, stand merged. Hyder Bux Jatoi and Abdul Qadir Khokhar are appointed organizers. 1951: In a conference held in Karachi headed by Moulana syed Suleman Nadvi and attended by Moulana Moududi and 31 leading religious scholars unite at 22 – point agenda for an Islamic state. 1959: Land Reforms are announced in West Pakistan and land holdings are limited in irrigated area to 1000 acres and in barani area to 500 acres. 1963: Z.A.Bhutoo is sworn in as the Foreign Minister of Pakistan. 1965: CENTO and RCD will extend cooperation to each other. SENTO Secretary General reaches Pakistan after visiting Iran. 1969: People are not ready to afford President Ayub more. Dhaka Secretariat is set on fire. Demonstrators are lathi charged in Karachi. 1971: India expels a Pakistani diplomat on charges of active involvement in high – risk activities. 1977: PPP announces election Manifesto. 1978: ‘I will oppose Nusrat Bhutto to impose her daughter Benazir Bhutto on the party’, says Moulana Kausar Niazi, one of most obedient friends of Z.A.Bhutto. 1979: Z.A.Bhutto underestimated state institutions. Government issues yet another White Paper.

No comments:

Post a Comment