Wednesday 3 January 2024

SINDH in history today (4th January). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ سنڌ جي تاريخ جا عاشقو! مون ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اوهان لاء 4 جنورئ جي "واقعاتي تاريخ“ لکي آھي ۽ منهنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو آھي. منھنجي محبت ۽ اسان جي محنت قبول پئي. پر اول سلام, دعا ۽ صلاح: ***** Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are not accepted and owned, so what? Accept and respect all others without discrimination. Be useful, purposeful and more kind to those, who cannot accept and own you. Be for the love, beauty & peace. Be of the beauty, peace & love. Because, you are Beauty, Love & peace. Don't hunt for it. But, share it. ] جي گذري تنهنجي حیاتي ٿي هن ھوت سواء، تون ڪوہ نہ ڪرین سا ئي حياتي ھوتن لاء؟ دکن سکن ۽ عیب ثوابن دورين مجبورين جا، ڏینھن ۽ رات جا تون کڻي فرضي فرق مٽاء، نینھن-نیاپو سرت-سندیشو، سي گیت سٹاء، ڇیر ڇمڪاء وک وڌاء, دوستن در سلام سان. ******** SINDH IN HISTORY TODAY (4th JANUARY) EVENT 1910: Newly elected Sindh member attend first session of the Bombay Legislative Councl. They are seth Harchandrai Vishndas (elected by Municipalties), Syed Allahando Shah (elected by Local Boards), Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (elected by Jageerdars and Landlords). بامبي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ اڄ سنڌ مان چونڊجي ويل هنن ميمبرن شرڪت ڪئي: هرچندراء وشنداس (سنڌ جي ميونسپالٽين واري تڪ مان چونڊجي آيل), سيد الهندو شاه (سنڌ جي لوڪلبورڊن جي تڪ مان چونڊيل) ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن جي تڪ مان چونڊجي آيل) 1920: A big public meeting is held at Hyerabad by the Sindh Khilafat Committe. It is presided over by Moulana Ghulam Ahmad Makani. مولانا غلام احمد ملڪاڻئ جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس جو پهريون ۽ وڏو اجلاس ٿيو. ان ۾ مسلمانن کان علاوه هندن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. هي سنڌ ۾ پهريون وڏو سياسي اجلاس هو. 1921: The editor of the Al - Waheed is produced before the Court of the City Magistrate, Karachi. He is facing case under Indian Penal Code sections 153 and 124 - A. مسلمانن جي اخبار ”الوحيد" تحريڪ آزادئ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن اخبار جا لڳ ڀڳ سمورا ايڊيٽر گرفتار ٿيا ۽ جيل ياترا ڪيائون. اڄ به اخبار جي ايڊيٽر کي بغاوت جي قلمن هيٺ گرفتار ڪرڻ کان پوء ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. 1923: It is the first time in recent political history that nearly 200 Muslim ladies attend public meeting. It happens at village Mado of taluka Kakar. The function is arranged by local branch of the Sindh Khilafat . تعلقي ڪڪڙ جي ڳوٺ ماڏوء اڄ آزادئ جي تحريڪ وارئ تاريخ ۾ پهرين نمبر جو ڪارنامو سرانجام ڏنو. 200 کان وڌيڪ سنڌي عورتن ”خلافت تحريڪ“ طرفان سڏايل جلسي ۾ شرڪت ڪئي. اهي غير سنڌي ماڻھون جيڪي ڊاڙون ٿا هڻن ته هنن آزادئ جي تحريڪ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون, اهي هڪ به مثال اهڙو پيش نه ٿا ڪري سگهن ته سندن عورتن ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪنهن هڪ به جلسي ۾ شرڪت ڪئي هجي. 1950: Pakistan recognizes the People's Repulic of China. پاڪستان اڄ ”پيپلز ريپبلڪ آف چائنا“ کي هڪ خودمختار ۽ آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو. 1954: Governor - General, Ghulam Muhammad inaugurates Latifabad Colony to rehabitilate Indian Muslim migrants. پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد اڄ حيدرآباد ۾ پناهگيرن جي بستئ ”لطيف آباد“ ڪالونئ جي افتتاح ڪيو. 1965: The Victory Prade for Ayub Khan and by Ayub Khan's Muslim League creates violence and brings the death toll to 23 in Karachi. The Army takes control of the city. ايوب خان ڌانڌلي سان فاطمه جناح کي شڪست ڏئي صدر ٿيو ته ان لاء ڪراچئ ۾ سندس حامين فتح جو جشن ملهايو. ان موقعي تي وڏو وڳوڙ ٿيو ۽ 23 ماڻھون مري ويا. ان ڪري متآثر هنڌ فوج حوالي ڪيا ويا ته جيئن امن امان قائم ٿي سگهي. 1966: Shaikh Mujeeb is arrested for hedging conspiracy, known as 'Agartala Sazish'. شيخ مجيب تي ”اگرتلا سازش“ جو ڏوه مڙھي گرفتار ڪيو ويو. 1990: MQM & ANP decide to work together for establishment of peace in Sindh and hold talks with Prime Minister Benazir Bhutto in this regard. ايم.ڪيو.ايم ۽ نئشنل عوامي پارٽئ فيصلو ڪيو ته ٻئي پارٽيون ڪراچئ ۾ سياست ڪرڻ ۽ امن امان قائم رکڻ لاء گڏجي ڪم ڪنديون. 1996: Nawaz Sharif and Altaf Hussain agree on change of Benazir Govt, to get the country out of mess. نواز شريف ۽ الطاف حسين پاڻ ۾ سياسي ٻڌي ڪري بينظير حڪومت ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو. **** اڄوڪي ڏينهن 4 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 4 جنوري 1895ع شاعر حاجي محمود خادم جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1902ع سياستدان امام بخش ڳاهو جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1912ع سياستدان الهه اوڀايو ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1913ع خيرپور رياست جي والي مير فيض محمد ثاني جوجنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1914ع شاعر سيد هدايت الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1919ع مارئي رسالي جي باني ايڊيٽر بيگم زينت چنا جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1919ع شاعر امير بخش شاهه امير جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1926ع اڳوڻي وزير عبدالقادر سنجراڻي (شاهپور چاڪر) جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1930ع صحافي عبدالقادر انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1940ع سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1947ع صحافي انور سيال جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1949ع سگهڙ حميد الله عباسيجو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1956ع سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد صديق مڱيو جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1958ع ناليواري ليکڪ، شاعر ۽ محقق عزيز ڪنگراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1965ع صحافي قاضي آصف جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1973ع صحافي دانش جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 4 جنوري 1974ع صحافي ۽ ليکڪ شوڪت نوناري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 جنوري 1931ع آزادي جي لاء پاڻ پتوڙيندڙ مولانا محمد علي جوهر جي وفات ٿي. 4 جنوري 1952ع روهڙي سان تعلق رکندڙ تعليمدان رسول بخش آخوند جي وفات ٿي. 4 جنوري 1986ع سياستدان غلام رسول ڪيهر جي وفات ٿي. 4 جنوري 1994ع برصغير جي ناليواري موسيقار آر ڊي برمن جي وفات ٿي. 4 جنوري 1999ع مولانا عبدالڪريم قريشي آف ٻير شريف جو لاڏاڻو ٿيو. 4 جنوري 2011ع سياستدان ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب سلمان تاثير کي سندس ئي گارڊ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment