Friday 5 January 2024

SINDH in history today (6th January). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

سنڌ جي تاريخ جي ساگر مان ڇهين جنورئ جا موتي ميڙي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اوهان لاء ”واقعاتي تاريخ“ لکي ۽ سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو. 6th January. Sindh (including Pakistan) in History today. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انسان کي ٻالپڻو ۽ پنهنجو گذريل زمانو ڏاڍو وڻندو آھي ۽ اهي ڳالهيون ٻين سان وڏي فخر سان ڪندو آھي. اها انساني نفسيات آھي. پر اسان سنڌين جي گهڻائئ جي شايد اهڙي نفسيات ڪانهي. ان ڪري اجتماعي گذريل زماني/ماضي/تاريخ سان دل ئي ڪانه ٿي لڳي. تاريخ "اجتماعي حافظو" برابر آھي. فرد واحد جو حافظو ختم ٿي ويندو آھي ته ان کي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويندو. چريا به هونء اسان جهڙا, پر ويٺي ويٺي ھنن جو حافظو ختم ٿي ويندو ته الائي ڇا مان ڇا ڪري ويهندو. اها قوم جيڪا "اجتماعي حافظو" نه ٿي رکي, ان جا سياڻا به چريا ٿيندا آھن ۽ ماڻھون حالتن جي گدو بندر اسپتال ۾ داخل ٿي ويندا آھن. اڄ اسان اجتماعي حافظي/تاريخ مان 6 جنورئ جو ورق کڻي آيو آھيان. پنهنجي تاريخ پڙهو, ٻڌو ۽ سنگت ۾ ونڊيو. *************** اهم واقعا *************** 6.1.1839: پاٽينجر ٺٽي مان اڄ ممبئي سرڪار ۽ گورنر جنرل کي الڳ الڳ خط لکي ٿو, جنھن جون خاص ڳالهيون آهن: 1). برنس شاه شجاع سان ڳالهيون ڪرڻ لاء شڪارپور ڏانھن روانو ٿي ويو آھي, 2). حيدرآبادي مير راضي ٿيا آھن ته اسان ڪجھ فوجي ٺٽي ۾ رکون, 3). اسان جي فوج حيدرآباد ويجهو پهچندي ته مان ميرن سان معاهدي بابت ڳالهائيندس ۽ هو اسان جي فوج جي ويجهي هجڻ ڪري داٻي اچي ڳالهين ۾ نرمي اختيار ڪندا. 6.1.1843: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ خط لکي نيپيئر کي چئي ٿو ته: 1). جيڪڏهن ضرورت محسوس ڪري ته ڪراچئ ۾ موجود پنهنجي فوج جو ڪجھ حصو حيدرآباد طرف روانو ڪيان. اتر کان تون ۽ ڏکڻ کان هئ فوج ميرن کي پريشان ڪرڻ لاء ضروري آھن, 2). مير علي مراد تي مان گهٽ ڀروسو ڪريان ٿو. هن پنهنجي اقتدار بچائڻ لاء مير رستم علئ کي تنھنجو ڊپ ڏئي ڀڄايو. جيڪو پنهنجي ڀاء سان ٺيڪ نه ٿو هلي, اهو اسان سان ڪهڙي نڀائيندو 6.1.1849: Inverarity انورارٽئ کي اڄ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪري رکيو ويو. ڏهن سالن کان پوء ھو ترقي ڪري سنڌ جو ڪمشنر ٿيو. هن جي ڏهاڙن ۾ ”ڪراچي چيمبر آف ڪامرس" قائم ٿيو. ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريل/ٽرين هلائي وئي ۽ ڪوٽڙئ کان ملتان تائين آگبوٽ ھلايا ويا. 6.1.1964: جماعت اسلامئ تي پابندي مڙھي وئي ۽ مولانا مودودئ کان سواء پارٽئ جا وڌيڪ 16 سرڪرده گرفتار ڪيا ويا. 6.1.1966: تاشقند ۾ ايوب-شاسترئ جي ڳالهين جو دور هليو, جنھن ۾ ڪشمير جي جٽادار حل ۽ ٻنھي ملڪن جي لاڳاپن بهتر بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. 6.1.1968: اوڀر پاڪستان ۾ ٻن سي ايس پي آفيسرن, ٻن عوامي ليگ جي ڪارڪنن ۽ ٻاويه ماڻھن کي ملڪ ٽوڙڻ وارين سرگرميون ڪرڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو. 6.1.1977: ذوالفقار علي ڀٽي لينڊ رفارمس آندا. انھن مطابق هڪ سو ايڪڙ زمين پاڻ وٽ رکي, باقي زمين تان هٿ کڻي سرڪار حوالي ڪرڻ جي لاء چيو ويو. 6.1.1987: سنڌ ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر سياستدان, باقي فوجي يا واپاري گورنر مقرر ٿيا. اڄ اشرف تابانئ نالي تاجر سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن کان ليفٽيننٽ جنرل رٽائيرڊ جهانداد خان گورنر هو. 6.1.1988: سيد جي نامياري سياستدان رئيس غلام مصطفا جتوئئ بيان ڏنو ته ملڪي ترقئ لاء ڪالاباغ ڊيم تمام ضروري آھي ۽ اهو ٺاهيو وڃي. *************** { 6 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 6 جنوري 1923ع اسٽيج اداڪار ۽ ليکڪ موتي گل راجاڻي (حيدرآباد/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 جنوري 1934ع اسڪالر ڊاڪٽر حامد علي خانائي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جنوري 1935ع ليکڪ هيرو ٽيڪم داس شيوڪاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جنوري 1941 شڪارپور جي شاعر زيب سومري جي جنم جي تاريخ آھي 6 جنوري 1942ع صحافي امير بخش ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جنوري 1944ع شاعر لال پياسا جو جنم ڏينهن آهي. 6 جنوري 1947ع سياستدان منير احمد چنا (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 6 جنوري 1952ع شاعر راهي چنا جو جنم ڏينهن آهي. 6 جنوري 1965ع ليکڪ مشتاق ڪلوڙ جو جنم ڏينهن آهي. 6 جنوري 1966ع مشهور موسيقار اي آر رحمان جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 6 جنوري 1775ع صوفي شاعر خواجه محمد زمان لنواري واري جي وفات ٿي. 6 جنوري 1960ع شاعر حاجي محمود خادم جي وفات ٿي. 6 جنوري 1989ع شاعر صوفي بهاول خان لغاري جو لاڏاڻو ٿيو. 6 جنوري 1997ع ڪمپيئر، ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر ممتاز مرزا وفات ڪري ويو 1. GOOD DAY WISH: Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! Me, and my society are passing through 'non - responding' period. We can not listen requests & cries. We do not believe in entity and existence of others, and terrible end is waiting for us. Come on improve situation to save us] ‏ تو ساجن جو سندرو 'نفئ' تي, ‏اسان چاھیون عشق سان 'اثبات'; ‏جیئن محبت کي نہ ملي مات، ‏جیئن سرھا رھون سلام سان. *************** 2. EVENTS From history: 1847: The Collector of Karachi recommends to the Government of Sindh that Jageer of Mir Muhammad Ali Talpur be re- granted to his son Mir Jan Muhammad. 1849: The Bombay Government appoints Mr. Inveracity as Assistant to Commissioner in Sindh vice Mr.Brown deceased. Mr. Inveracity became Commissioner of Sindh after ten years. In these days, powers of Lieutenant Governor were conferred upon him. In his tenure the Karachi Chamber of Commerce came into existence in 1860 and following year 108 – mile railway connecting Karachi with Kotri was opened and in the same year river transport steamer was introduced between Kotri and Multan. 1954: General amnesty is declared by the NWFP Government to all political prisoners in the province, including removal of restrictions on exiles. 1964: Jamait –i- Islami is declared as illegal organization and all its activities are banned. Moulana Moudoodi and other 16 members of its Executive Council are arrested. 1966: Talks are held between the President of Pakistan, Ayub Khan and Lal Bahadur Shastri, Premier of India to reach a formula for better relations in future and resolving of Kashmir dispute. 1968: Two CSPs, two Awami league leaders and others 24 persons are arrested for working on secession of East Pakistan. In this way Agartala Conspiracy case takes birth. 1969: PDM Executive Committee decides conditional participation in the elections. Demands lifting of Emergency, release of political prisoners and direct elections under adult franchise. 1972: Sindh Industrial Estate (SITE), Karachi, comes to a standstill. Worker lay seize of the bosses for fulfillment of demands. 1977: Z.A.Bhutto announces Land – Reforms. Minimum allowable holdings will be 100 irrigated acres. 1980: ‘Soviet occupation of Afghanistan is a threat to Pakistan,& Iran’, says U.S President Jimmy Carter. 1987: Ashraf Tabani is sworn in as the Sindh Governor. He replaces Lt. General (R) Jahandad Khan.. 1992: U.S asks Pakistan to furnish accounts since 1985, a suspicion of misuse of funds for anti – narcotics programme. 1988: ‘Kalabagh Dam is in the greater interests of the development of the country and it should be constructed as soon as possible’, says NPP’s founder, Rais Ghulam Mustafa Jatoi.

No comments:

Post a Comment