Tuesday 9 January 2024

SINDH in history today (10th January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

[ سٻاجهئ سنڌ جي تاريخ جو اڄوڪو ورق اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکيو ۽ سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو. ”تاريخ-فهمئ” جي هن تحريڪ ۾ اوهان به شامل ٿيو. بس پنھنجي تاريخ غور سان پڙھو ۽ ان پيغام هنئين سان هنڊايو] 10th January. Sindh (including Pakistan) in History today. ************* [ڪجھ واقعا] *************** 10.1.1839: 24 ڊسمبر 1838 تي مير رستم علي خان ۽ اليگزينڊر برنس وچ ۾ معاهدي تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ متن تيار ڪيو ويو. اڄ فرنگي گورنر جنرل ان جي توثيق ڪئي. ان کان پوء ھن تي عمل شروع ٿيو. ٺاه جون ڪي شقون هي آھن: 1). مير رستم علي, سندس وارث ۽ ويجها ڪنهن رياست يا حاڪم سان رابطو نه رکندا, 2). پر جيڪڏهن اهڙو رابطو رکندا ته ان جي اجازت ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کان وٺندا ۽ ان رابطي جو سبب/جواز ٻڌائيندا, 3). مير رستم علي خان فرنگين کي اجازت ٿو ڏئي ته هو سنڌوندئ کي واپاري, دفاعي ۽ فوجي مقصدن لاء ڪم آڻين. 10.1.1841: حيدرآبادي حڪمرانن کي فرنگي ايجنٽ لکيو ته منشي ڄيٺانند ٻنھي ڌرين/حڪومتن سان غداري ڪئي. اسان تفصيلي جاچ ڪري هن مان هٿ پٽيا آھن. هن کي ان وقت تائين قيد ۾ رکو جيسيتائين ڦٻايل رقم واپس نه ٿو ڪري. 10.1.1843: اڄ نيپيئر خيرپور حڪومت جي حدن ۾ امام ڳڙھ جي قلعي کي بارود سان اڏائي ڇڏيو. ڪنھن به فوجي يا سياسي مزاحمت نه ڪئي. مير علي مراد کان سواء باقي مير پاڻ بچائڻ لاء ٿر ڏي ڀڄي ويا هئا. مير علي مراد امام ڳڙھ ڊاهڻ ۾ نيپيئر سان هم خيال هئو. 10.1.1857: سنڌ ۾ فرنگين روڊن رستن ۽ پلين ۽ ريلوي لائين تي ڪم شروع ڪيو ته مزدورن جي اڻاٺ منهن ڪڍيو. سنڌي ماڻھن حسب معمول پنهنجئ سوچ مطابق مزدورئ ڪرڻ کي عيب ڄاتو. ان ڪري صوبائي حڪومت کان ٻاهران غير سنڌي مزدور سنڌ ۾ آڻجن. پر اها ڳالھ صوبائي حڪومت ان ڪري منظور نه ڪئي ته مزدورئ جو حق مقامي ماڻھن کي ملڻ گهرجي. سنڌ جي عملدارن تجويز ڏني ته سنڌي مزدورن کي زورئ ۽ مفت ۾ ڀرتي ڪجي. پر ان تي وڏي سرڪار اهو اعتراض ڪيو ته زبردستي نه ڪئي وڃي ۽ مزدورن کي معاوضو ڏنو وڃي ۽ انھن کي ڀرتي ڪرڻ جا کين پسند ايندڙ اپاء ورتا وڃن. 10.1.1966: روس جي ٽياڪڙئ ۾ نيٺ اڄ تاشقند ۾ صدر ايوب ۽ شاسترئ وچ ۾ "تاشقند ٺاه" ٿي ويو. 10.1.1989: پيپلز پارٽئ جي حڪومت جي وفاقي وزير فاروق لغارئ بيان ڏنو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ تان پيپلز پارٽئ هٿ نه کنيو آھي. ڊيم ضرور ٺھرائينداسين. 10.1.1992: غلام محمد بلور پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت ملڪي مفادن ۽ استحڪام خلاف آھي. جنهن کي ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي, ان سان مان بحث ڪري پنهنجي ڳالھ ثابت ڪري ڏيکاريندس. 10.1.1993: ڪوٽڙئ ۾ بم ڌماڪي ۾ ١٣ ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا ۽ ڪيترا ڦٽجي پيا. 10.1.2007: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيئي جي ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽئ ۾ ”شيخ اياز انٽرنئشنل ڪانفرنس" ٿي, جنهن جو افتتاح ڪراچي يونيورسٽئ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر قاسم رضا ڪيو. شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيڻ لاء ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿيون آھن ۽ ميلا مچايا ويا آھن. انھن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو. پر اهڙن ڪمن جي سهيڙ, ترتيب ۽ اشاعت اسان جو ادبي ڪلچر ڪونهي. *************** {10 جنورئ تي ولادت وٺندڙن يا وفات ڪندڙن مان ڪي شخصيتون. آئون جن جون تاريخون ڏئي رهيو آھيان, اهي ڪي منهنجا عزيز يا پڳ مٽ يار ڪونھن. هن سنڌ جي خدمت ڪئي. اوهان پنهنجي عزيزن, ڳوٺ يا تر جي قلم-ڌڻين, عالمن, صحافين, اداڪارن, گلوڪارن جون تاريخون گڏ ڪري, اخبارن,رسالن ۽ ادارن کي ڏياري موڪليو. هي قومي ڪم آھي.} [جنم ڏينهن:] 10 جنوري 1886ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ميان غلام سرور قادري جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1904ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر خدا بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1907ع شاعر محمد رمضان آزاد جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1910ع سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1911ع گلوڪار ۽ شاعر مانو تولارام گدواڻي (بوبڪ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1924ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر شمس عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1924ع ليکڪ ديو ناٿاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1924ع شاعر ۽ سياستدان عبدالواحد اعجاز ڀيو جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1941ع سگهڙ حاجن سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1942ع شاعر آس محمد صالح جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1945ع اداڪار ۽ شاعر رشيد صابرجو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1948ع شاعر علي محمد ساقي جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1954ع ليکڪ ۽ شاعر مظفر منگي جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1955ع ليکڪ محمد قاسم حيدر جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1971ع گلوڪار اميد علي ڀٽ جو جنم ڏينهن آهي. 10 جنوري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالجبار عاجز جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 جنوري 1981 شاعر زهيب زردارئ جي جنم جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 10 جنوري 1979ع ڪلاسيڪيل راڳي استاد اميد علي خان جو انتقال ٿيو. 10 جنوري 1989ع مشهور شاعر نارائڻ شيام ديهانت ڪري ويو. 10 جنوري 2003ع يڪتاري ۽ چپڙي جي بي تاج بادشاهه عوامي فنڪار جلال چانڊيوجو لاڏاڻو ٿيو. 10 جنوري 2004ع قومپرست سياستدان عبدالحميد خان جتوئي جو انتقال ٿيو. 10 جنوري 2005ع مشهور شاعر وفا ناٿن شاهئ جو لاڏاڻو ٿيو. 10 جنوري 2012ع سيد علي مردان شاهه پير صاحب پاڳاري جو لاڏاڻو ٿيو 1. GOODd DAY WISH: Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are man of vision & wisdom, servant of society and follower of human love & respect, you have to experience tough time and have to face the music of the hatred and by the discrimination. It is price to be paid by you so as to save your soul, serve your people and promote love & beauty] جگمڳ جگمڳ ۽ سندر سچ، سو تو مون لاء ڪوڙو ڪچ، محبت ۽ ماٹھپی-وند آھین؟ ٻرندڙ ٽانڊن تي پیو پو نچ، انا نفرت لالچ کان تون بچ، صدقي سرت ۽ سلام جي *************** 2. EVENTS From history: 10th January ****** 1948: The Nazim of Hyderabad Dakhan Govt. transfer to the Pakistan Govt. securities of the value of Rs.200 million. 1951: The first National Planning Commission is appointed by the Pakistan Govt. It took two and quarter years to take an important step. 1955: An Ordinance is promulgated providing for establishment of Pakistan Airlines (P.I.A) Corporation. 1966: The nine - point Tashkant Declaration is signed by Ayub and Shastri. It envisages military disinterment along boarders and discussions on matters of direct concern. 1971: Wali Khan calls upon President Bhutto to lift martial law immediately and promulgation of an interim constitution. 1977: National Assembly is dissolved and Election schedule is announced. Opposition parties for PNA. 1978: Opposition parties demand accountability by the Martial law authorities. 1989: PPP Govt. has not given up Kalabagh Dam Project, says Farooq Laghari, Federal Minister. 1990: We are ready to face mid - term polls. If, the opposition requests to call for early elections, says Prime Minister, Benazir Bhutto. 1991: Bye - elections to 9 national and 19 provincial seats are held. IJI wins 7 National and 11 Provincial seats. 1992: Supreme Court sets asides Federal Shariat Court verdict declaring the Prize Bonds Scheme repugnant to Islamic injunctions. 1993: Thirteen persons are killed and 14 hurt in a bomb blast at Kotri.

No comments:

Post a Comment