Tuesday 30 January 2024

SINDH in history today (31st January). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

SINDH (including Pakistan) in history today [31th January). Research By. Dr.Pathan. 31.1.1832: پاٽينجر خط لکي پنهنجي گورنر جنرل کي ٻڌائي ٿو ته هن حيدرآباد ۾ مير مراد علئ سان ڳالهيون مڪمل ڪري ورتيون آھن, هو شڪ ٿو ڪري ته مان خيرپور ڳالهيون ڪرڻ ڇو ٿو وڃان. 31.1.1835: مير رستم خان پنھنجو پٽ خيرپور مان حيدرآباد ڏياري موڪليو ته جيئن مير نور محمد کي ٻڌائي ۽ مڃائي ته شاه شجاع گنڌاوا پهچي چڪو آھي ۽ کيس سنڌ اچڻ نه ڏجي. مير نور محمد کيس جواب ڏنو ته شاه شجاع کي روڪڻ بدران سندس شاهاڻو استقبال ڪبو ۽ هن کي رضا خوشئ سان راهداري ڏبي ته هو هندوستان هليو وڃي. 31.1.1839: جان ڪين اڄ حيدرآباد ۾ درياه جي ٻئي پاسي پهچڻ کان پوء اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته ڪي ٻروچ اسان جي اچڻ جو ٻڌي, تلوارون کڻي ايئن گهمن ٿا ڄڻ اسان سان جنگ ڪندا. پر جي مان درياه ٽپي مٿن حملو ڪريان ته هنن کي به شڪست ڏيان ۽ حيدرآباد تي به قبضو ڪريان 31.1.1920: لاڙڪاڻي جي خلافيتن اعلان ڪيو ته فيبرورئ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ”خلافت تحريڪ ڪانفرنس" ڪوٺائي ويندي, جنهن ٽڪيٽ وٺي شريڪ ٿي سگهبو, باقي ديني عالمن کي ڪا ٽڪيٽ وٺڻي نه پوندي. نوٽ ڪريو ته 15000 ماڻھون ٽڪيٽ وٺي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا هئا. 31.1.1932: ڪانگريس سرڪار خلاف "عدم تعاون تحريڪ" جو آغاز ڪيو. اها تحريڪ ڪيترائي ڏينهن هلي ۽ سنڌ ان ۾ ايترو ته ڀرپور حصو ورتو جو ان تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. 31.1.1967: آمريڪا جي وزير دفاع الزام هنيو ته چين پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ بدنيتئ سان ڇڪتاڻ وڌائي رهيو آھي. 31.1.1972: برطانيه, نيوزي لينڊ ۽ آسٽريليا جڏهن بنگلاديش کي هڪ آزاد ۽ خودمختار ملڪ طور تسليم ڪيو ته پاڪستان ڪاوڙجي "ڪامن ويلٿ" اتحاد مان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو. *************** 31 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 31 جنوري 1917ع سياستدان غلام محمد لغاري (ميرپور خاص) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1918ع صحافي شفيع محمد آخوند (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1931ع ليکڪ ۽ اداڪار بيبر سنڌو (سکر / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1933ع سماجي ورڪر نارائڻ داس مرچنداڻي (روهڙي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1938ع ليکڪ ۽ اسٽيج اداڪار بچارام ليلارام سنڌو(سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1939ع ليکڪ شوڪت سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1945ع ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1955ع اداڪاره جيا نرجن ايسراڻي (الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1961ع شاعر ۽ اديب شاهه محمد پيرزاديجو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1963ع اديب ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻجو جنم ڏينهن آهي. 31 جنوري 1975ع باليووڊ اداڪاره پريٽي زنٽاجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 31 جنوري 1976ع شاعر مولوي نور محمد مسرور جو انتقال ٿيو. 31 جنوري 1988ع شاعر ساگر سيتائي جو لاڏاڻو ٿيو. 31 جنوري 1999ع شاعر سڪايل ملاح گوزائي انتقال ڪري ويو. 31 جنوري 2004ع اداڪاره ۽ گلوڪاره ثرياجي وفات ٿي. 31 جنوري 2007ع صحافت سان تعلق رکندڙ قاضي سعيد اڪبر جو انتقال ٿيو. 31 جنوري 2008ع شاعر ميرل جويو انتقال ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Let no any fear my dear block your way. No any doubt or proud put you away from your status and destination. Open eyes and see your own beauty. Let the love enters in your heart. They are missing their proper place and palace. Dear! Tell your mind and make the world believe that you are Beauty and Love, and there will be no peace & progress without your presence & participation. Play your role and beautify hearts, minds and society, please] در نہ بند پنھنجئ دل جا دلبر، کول اکیون دل جا دروازا کول، پنھنجو ڪنھنجو روح نہ رول، سچ جون ڳالھیون ٻھڳڻ ٻول،‏ شاھاٹو ھئ شان نہ تون ڇاڇول، ‏‎ ‎ پاڻ تہ ٽاٽول، سونھن سلام تون. SINDH IN HISTORY TODAY (31st January) BIRTH: DATES (31st OF JANUARY) BIRTHS: 1. Ghulam Muhammad Laghari (Mirpur Khas/Politician & Journalist/1917), 2. Shafi Muhammad Akhud (Dadu/Journalist/1918 ), 3. Bacharam Sindhu (Sukkur - Mombai/Writer & Stage Actor/1931), 4. Jea Narjan Asrani (Ulhasnagar/Actress/1955). Dr. Waheed Jatoi (Scholar, 1977) DEATHS: 1. Mulla Usman (Forefather of Esanis/1906), 2. Moulvi Noor Muhammad 'Masroor' (Poet/1976), 3. 'Saghar' Sitai (Poet/1988 ), 4. 'Sikayal' Malah Gozai (Poet/1999), 5. Kazi Saeed Akbar (Hyderabad/Journalist/2007), 6. Miral Joyo (Belo Patan/Poet/2008). EVENTS: 1835: On receiving information that Shah Shuja has reached at Bagh in Cutch Gandava, son and nephew of Mir Rustom Khan are visiting Mir Noor Muhammad Khan at Hyderabad with request not to allow Shah Shuja in Sindh. But, they are told that Shah Shuja willbe given respect and will be give passage, and will be not allowed to stay in Sindh more than one day. 1920: No participation in Larkana Khilafat Conference without ticket. 15 thousand tickets has been purchased by people up to 30th January. The Conference will be held next month. 1932: Sindh participates in the Civil Disobedience Movement launched by the Congress. It lasted up to 7.4.1934, with break from 9.5.1933 to 1.8.1933. 1962: The Security Council of the U.N.O asks Dr. Garham to continue for two months his efforts for the setllement of the Kashmir dispute. 1967: U.S Defence Secretary says that China wants to exploit differences between India and Pakistan to weaken and divide Sub - Continent. 1971: PPP Chairman Z. A. Bhutto meets hijackers of the Indian aeroplane. Maqbool Butt, president of Jammu & Kashmir Plebiscite Front, ask Indian Govt. to release his Front members to avoid any drastic action by hijackers of aeroplane. 1978: To avoid any disturbance by Z. A. Bhutto supporters, further trial proceedings of Nawab Muhammad Ahmad murder case to be held in Camera. 1986: MRD rejects registration of Political Parties Scheme.

No comments:

Post a Comment