Thursday 4 January 2024

SINDH in history today (5th January). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ ۾ صبح ٿئي ته آئون به دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري ۽ هٿ ۾ تاريخ جو ورق کڻي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي ذھن جو در کڙڪايان ٿو. ڪو اٿي مون کي ٻڌي ٿو ته ڪو ڪنن ۾ ڪپه وجهي ستو رهي ٿو. 5 جنورئ جي حوالي سان اڄ واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ٻڌائڻي آھي. *************** ڪي اهم واقعا *************** 5.1.1843: اڄ نيپئر پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکيو ته مان ڪوٽ ڏيجئ کان ٿر رستي امام ڳڙه وڃي رهيو آهيان. جڏهن خيرپور پهتو هئس ته ڄڻ شھر ۾ راڪاس گهمي ويو هو. مير علي مراد کان سواء سڀ مير ٿر ڀڄي ويا هئا. مان رستي ۾ آھيان آئوٽرام مون سان گڏ آھي. مير رستم علئ کيس نياپن مٿان نياپا پيو ڪري ته نيپيئر جي ڏمر کان بچائجان. هن جو پٽ ملڻ آيو. کيس يقين ڏياريو اٿم ته سندس پئ جي جان بخشي ويندي, باقي وڌيڪ اميد نه رکي. هن کي نه ملڪ ملندو ۽ نه اها حيثيت جيڪا هن وڃائي آھي. 5.1.1920: حيدرآباد ۾ ”انجمن علماء سنڌ" جو جلسو ٿيو, جنهن ۾ 86 مولوين ۽ پيرن شرڪت ڪئي. انھئ گڏجاڻئ ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته خلافيتن تي ظلم بند ڪري ۽ مٿائن مڙھيل ڪيس واپس وٺي. هن گڏجاڻئ ”قطع ٿعلقات تحريڪ" جي ڀرپور حمايت ڪئي. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته فيبرورئ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. 5.1.1922: شڪارپور جي "مدرسه محموديه" ۾ مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ جلسو ٿيو, جنهن ۾ حڪومت خلاف هلايل "قطع تعلقات" وارئ تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي. 5.1.1923: ڳڙھي ياسين ۾ وڏيرن جي مخالفت باوجود خلافت جو پر هجوم جلسو ٿيو جنهن ۾ ٽن ھزار ماڻھن شرڪت ڪئي. انھئ عوامي ميڙاڪي جي صدارت مولانا تاج محمود امرٽئ ڪئي. جلسي جو بندوبست حافظ نور محمد ۽ حبيب الله خان ڪيو هو. فيصلو ڪيو ويو ته ولايتي ڪپڙو استعمال نه ڪبو ۽ ترڪن جي مدد ۽ تائيد ڪئي ويندي. 5.1.1931: سرڪار ڪانگريس ۽ ان جي ذيلي ڪميٽين, جهڙوڪ ضلعي ڪميٽيون, سٽي ڪميٽيون, نوجوان ڀارت سڀا ۽ بائڪاٽ ڪميٽئ تي پابندي مڙھي ۽ وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون. 5.1.1939: جي.ايم سيد سنڌ اسيمبلئ ۾ وڏي وزير خلاف بي اعتمادئ واري رٿ پيش ڪئي. 5.1.1951: جنرل ايوب کي پاڪستان فوج جو ڪمانڊر ان چيف بڻايو ويو. 5.1.1953: راولپنڊي سازش ڪيس جي فتوا جاري ڪئي وئي ۽ ان مطابق فيض احمد فيض, سجاد ظھير, سابق ميجر جنرل اڪبر کي ڏوهي قرار ڏنو ويو. 5.1.1989: انڊيا جي وزير اعظم راجيو گانڌئ انھئ الزام جي ترديد ڪئي ته ڪو انڊيا سنڌي علحدگي پسدن جي مدد پيو ڪري. حقيقت اها هئي ته انڊيا ايم.ڪيو.ايم جي ڏوهي ڪارڪنن جي فوجي تربيت پيو ڪري ۽ انھئ ڳالھ تان ڌيان هٽائڻ لاء ڳالھ سنڌين جي ڪئي وئي. *************** { 5 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 5 جنوري 1592ع تاج محل جي تعمير ڪرائيندڙ مغل بادشاهه شاهجهان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جنوري 1918ع مزاحمتي ۽ قومي شاعر محمد خان مجيدي جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1919ع شاعر ڪريم بخش گهايل جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1920ع شاعر احمد بخش احمد مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1927ع ليکڪ مقبول ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1928ع قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1937ع اداڪار ۽ ليکڪ ميول نيوند رام آهوجا(لاڙڪاڻو/ بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1942ع شاعر سارنگ لطيف (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1944ع سماجي ورڪر ديوان تلواڻي (حيدر اباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1939ع اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ عبدالڪريم بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1945ع شاعر سندر مجرم (ڀريا / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1947ع ليکڪ ضياء الحق مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1949ع ليکڪ خادم عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1950ع شاعره مهرالنساء لاڙڪ جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1956ع صحافي ۽ ڪالم نگار ابراهيم صالح محمد هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1962ع ليکڪ حافظ محمد عيسى چني جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1968ع شاعر احمد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1969ع شاعر جميل سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1971ع سماجي ورڪر انور علي دايو جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1971ع شاعر فياض ڏاهري جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1971ع ليکڪ ۽ محقق اشرف علي سمون جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1974ع ميهڙ جي سماجي ورڪر ۽ جج روشن علي ٻگهيو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1974ع ليکڪ محبوب جانوري جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1980 شاعر منور ملاح جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1981ع شاعر ۽ ليکڪ خالد چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1981ع شاعر سميع پارس جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1982ع شاعره صبا شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 5 جنوري 1991 اڳڙا جي شاعر اسلم ٻڌ جو جنم ڏينھن آھي. [وڇوڙو:] 5 جنوري 1921ع شاعر مرزا غلام حيدر بيگ قنمبر جي وفات ٿي. 5 جنوري 1978ع استاد اڳواڻ ماسٽر حبيب الله جمالي جي وفات ٿي. 5 جنوري 2010ع شاعر سيف ٻنوي ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. SINDH IN HISTORY TODAY (5th JANUARY) 5th January BIRTH DATES Muhammad Khan ‘Majeedi’ (Poet/ birth 5th January 1918), Karim Bux ‘Ghayal’ (Naudero/Poet/ birth 5th January 1919), Abdul Karim Baloch, Maqbool Bhatti (Journalist & Writer/ birth 5th January 1927), zulfkar Ali Bhutto ( Ex -First civilian Chief Martial law administer, President & Prime Minister/ birth 5 January 1928), Meval Ahuja (Larkano > Baroda/Writer & Actor/ birth 5 January 1937), (Karachi/ Artist & writer/ birth 5 January 1939), Sarang Latifi (Karachi/Poet/ birth 5 January 1942), Diwan Tilwani (Hyderabad > Ajmir/ Social Worker/ birth 5 January 1944), Sundar ‘Mujrm’ (Bhirya > Ahmadabad /Poet/ birth 5 January 1945), Zia _ul_ Haq Mahessar (Rahro/Writer/ birth 5 January 1947), Khadim Abbasi (Faqir Nanik Yousif/Writer/ birth 5 January 1949), Mahir –u-Nisa Larik (Bhit Shah/Writer/ birth 5 January 1950), Abdul Sattar Bhatti (Larkano/ Writer & Social Worker/ birth 5 January 1952), Hafiz Muhammad Esa Channo (Ibrahim Channo/Writer/ birth 5 January 1962), Ahmad Solangi (poet/ birth 5 January 1968), Anwar Ali Dayo (Khairpur/ Social Worker/ birth 5 January 1971), Roshan Ali Bughio (Mehar/ Writer, social worker & Judge/ birth 5 January 1974), Manzoor Ujan (Mushtaq Ujan/Poet/ birth 5 January 1975). Mahboob Janwri (Kandi war/Writer/ birth 5 January 1974), Sami Paras (Sukkur/Poet/ birth 5 January 1981), Saba Shah (Poetess/ birth 5 January 1982). DEATH DATES Mirza Ghulam Hyder Beg ‘Qambar’ (Hyderabad/Poet/ death 5th January 1921) EVENTS 1921: The Annual Report of the Sindh Khilafat Committee is published. It carries details about Branches, Political prisoners, Income and Expenditure of party and other subjects. 1922: A public meeting is arranged in Madressah Mahmoodiah of Shikarpur and is presided over by Moulana Taj Mahmood Amroti. The Non - Co - Movement launched against the Govt. remained dominating agenda of the event. 1923: It was difficult to collect and gather hundred people as the pressure of upper class was in the way, but more than three thousand people are attending the Khilafat meeting presided over by Hazarat Amroti. It is advocated in speeches to boycott foreign made goods and face high handedness of the Govt. and its loyal Sindh upper class. 1931: Action against Congress: all night raids, locking of offices and arrests at large scale in Sindh start. 1939: No - Confidence motion against Sindh Premier, K.B. Allah Bux Soomro is moved in Sindh Assembly by G.M.Syed. 1951: General Ayub is appointed Commander - in - Chief of Pakistan Army. 1953: Judgment in the Rawalpindi conspiracy case is announced: Sajjad Zaheer, Faiz Ahmad Faiz are convicted. Ex - Major General Akbar Khan is also declared guilty. 1989: Indian Premier Rajiv Gandhi denies helping Sindh Separationists. 1994: Larkana witnesses bloodshed on the eve of Z.A.Bhutto's death anniversary. One is killed many injured. Mir Murtaza Bhutto and Sister Benazir Bhutto opt for separate political line of action.

No comments:

Post a Comment