Friday 26 January 2024

SINDH in history today (27th January)

{ ڌڻي, ڌرتي ۽ ڌرتئ-ڌڻين سان محبت کان وڌيڪ ٻيو ماڻھپو ٿئي ئي ڪونه. انهئ ماڻھپي واري ڳڻ ۾ خدمت جي ڪري خوشبوء پيدا ٿيندي آھي. شڪر آھي جو خدمت ۽ محبت جو ونڊ پاڻ کي مليو. انهئ ونڊ جي اثر هيٺ مون تاريخ-شناسئ جي جيڪا تحريڪ هلائي آھي, روز ”واقعاتي تاريخ“ ان جو هڪ مثال آھي. هن اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ“ جو ترجمو منهنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ڪيو آھي. SINDH (including Pakistan) in history today & My Good Day Wish ************* **** 27.1.1848: جڏهن خيرپور جي والئ کي خبر پئي ته فرنگي سرڪار ڪنڌڪوٽ ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهي رهي آھي ان ڪري اتي "غلامو بازار" به ڊھرائي رهي آهي ته هن فرنگي سرڪار کي لکيو ته ان سان عوام جي مفادن کي نقصان رسندو. ان ڪري ڇانوڻي نه ٺھرايو. 27.1.1853: مير علي مراد خان پنهنجن سان ڦٽائي به انگريزن سان ياري رکي ۽ نڀائي. پر ڪم ڪڍڻ کان پوء اهي انگريز سندس ڳچئ ۾ پئجي ويا. هن تي الزام هڻي انڪواري ڪرايائون ته مير علي مراد پنهنجي ڀاء رستم علئ سان ڪيل "نئونھار معاهدي"۾ ڦيرگهير ڪئي آھي. هن کان ڪجھ پرڳڻا کسيا ويا ۽ ڪمپني حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته انھن پرڳڻن جي روينيو آمدني لکي موڪليو ته جيئن جيترو وقت اهي پرڳڻا مير علي مراد وٽ هئا ته اوترن سالن جي هن کان روينيو آمدني وصول ڪجي. [ڌارين ۽ غيرن جي دوستي ڪوئلي جو واپار آھي. هٿ لاء ته هٿ ڪارو ۽ جي پير لاء ته پير ڪارو] 27.1.1961: واسڪ ڊيم پراجيڪٽ جو افتتاح ڪيو ويو. 27.1. 1961: شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي صدارت ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ نوابزادي نصرالله, ولي خان, سردار بهادر خان, ميان طفيل, پروفيسر غفور ۽ عبدالستار نيازئ شرڪت ڪئي ۽ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو طريقو طئي ڪيو ويو. [ اڳي سنڌي سياستدان ملڪي سطح جي اجلاسن جون صدارتون ڪندا هئا. اڄ جا سنڌي سياستدان اهڙو خواب به ڏسي نه ٿا سگهن] 27.1.1969: ايوب شاهئ خلاف عوام روڊن ۽ رستن تي نڪري آيو. حالتون خراب ٿي ويون ۽ ڪن شھرن ۾ فوج گهرائي وئي, ڪراچئ ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. 27.1.1973: بلوچستان جي گورنر غوث بخش بزنجي اڄ احتجاجي بيان ڏنو ته وفاقي وزير خان عبدالقيوم خان لسٻيلي ۾ بغاوت کي هٿي ڏئي رهيو آھي. 27.1.1991: آمريڪي صدر ڪاوڙجي پيو ته پاڪستان ۾ صدر صدام جي حق ۾ ماڻھن رستن تي ڇو ٿا نڪرن. 27.1.1993: وفاقي وزير راجا پرويز بيان ڏنو ته ڪنهن به قيمت تي ڪالاباغ ڊيم ٺاهينداسين. ************* 27 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************* جنم ڏينهن: 27 جنوري 1940ع شاعر خانصاحب عبدالڪريم پليجو جنم ڏينهن آهي. 27 جنوري 1967ع باليووڊ اداڪار بوبي ديول جو جنم ڏينهن آهي. 27 جنوري 1969ع شاعر عابد عباس ڪاظمي(مديجي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 جنوري 1970ع ليکڪ سومرو شبير جو جنم ڏينهن آهي. 27 جنوري 1982ع شاعر قادر سيال جهُڏائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 جنوري 1899ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد سيوستاني جي وفات ٿي. 27 جنوري 1919ع صحافي خدن مل ديپچند ديهانت ڪري ويو. 27 جنوري 1948ع سياستدان ۽ سماج سڌارڪ آدم جي حاجي دائودجو انتقال ٿيو. 27 جنوري 1961ع حڪيم سيد غلام مرتض شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 27 جنوري 1962ع سماج سڌارڪ وليرام هنڱوراڻي ديهانت ڪري ويو. 27 جنوري 1970ع شاعر ۽ اديب قاضي علي احمد علي (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو. 27 جنوري 2011ع سنڌي فلمن جي هدايتڪار اي ڪيو پيرزادو جي وفات

No comments:

Post a Comment