Tuesday 31 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (31st May) By: Dr. Pathan

** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي قدرتي وسيلن
جي تاريخ بابت ڄاڻ جي حوالي سان سنڌ نيچلر هسٽري
 سوسائٽي جي نالي سان ڪراچي ۾ هڪ تنظيم جو
 بنياد وڌو ويو، جنهن ۾ شروعاتي طور 38 ميمبر
 شامل ڪيا ويا، ان سوسائٽي اڳتي هلي سنڌ
جي قدرتي وسيلن جي تاريخ بابت ڄاڻ تي
 ٻڌل معلومات کي ڪتابي شڪل ۾ پڌرو ڪيو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي
 جي ايڊيٽرشپ هيٺ هفتيوار اخبار الامين شروع
ڪئي وئي، جنهن ۾ خصوصي طور تي
 جيڪب آباد ۾ خلافت تحريڪ جي سرگرمين
 کي نمايان ڪري ڇاپيو ويو، جنهن ۾ پهريون
 ڀيرو اها رپورٽ پڻ شايع ڪئي وئي ته سردار
 رسول بخش کي 12 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي
 آهي ۽ سپاهي محمد دائود کي ايس پي جيڪب آباد مارڪٽ ڪئي آهي.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس پاران
 پنهنجي انهن ڪارڪنن جي لسٽ جاري ڪئي
 وئي آهي، جيڪي مختلف قسم جي اخلاقي
 ڏوهن جي حوالي سان شڪي طور ملوث ڄاڻايا
 ويا آهن، جاري ڪيل لسٽ مطابق انهن جو
تعداد جنوري مهيني دوران 14800، فيبروري
 ۾ 17800، مارچ ۾ 6900، اپريل ۾
5200 ۽ مئي مهيني ۾ 1932 آهي، جڏهن ته
3800 اهڙا ڪارڪن آهن، جيڪي ڪنهن نه
 ڪنهن حوالي سان ڏوهن ۾ ملوث قرار ڏنا ويا آهن.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانستان
 ۾ شديد زلزلي ۾ 6 هزارن کان وڌيڪ
ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ هزارين گهر تباهه ٿي
ويا.ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 7 رڪارڊ ڪئي وئي.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شهدادڪوٽ جي
 اغوا ٿيل نينگر صدام حسين جي هٿ اچڻ جي خبر
 سامهون اچڻ بعد سڄي شهر ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي
 وئي، شهدادڪوٽ شهر مان اغوا ٿيل صدام
 ابوظهبي ۾ موجود هجڻ جا اطلاع مليا، جنهن
 بعد کيس واپس ڏيهه آندو پئي ويو، سندس
امڙ بلقيس بيگم به خوشي ۾ لڙڪ لاڙي
 ويٺي، ابوظهبي ۾ موجود پاڪستاني
 سفارتڪار چيو ته صدام جي پڪ ٿي وئي آهي.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڇهين قومي مالياتي
 ايوارڊ جو اعلان هڪ سال لاءِ ملتوي ڪيو ويو،
 وسيلن جي ورڇ 1981ع جي آدمشماري موجب
 جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پرويز مشرف
 جي حڪومت صوبن کي اهو پيغام ڏنو ته ڇهين
 مالياتي ايوارڊ جي فارمولا تي صوبن ۾ اتفاق
 ناهي، ان ڪري مالياتي ايوارڊ کي هڪ
سال لاءِ ملتوي ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي
 سنڌ حڪومت مخالف ڪئي پر سنڌ حڪومت جا اعتراض رد ڪيا ويا.






No comments:

Post a Comment