Wednesday 25 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th May) By: Dr. Pathan

** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر بمبئي حڪومت کي خط لکي محمد رحيم شيرازي کي سنڌو درياءَ ذريعي واپار شروع ڪرڻ بابت لکيل خط جي ڪاپي بابت آگاهه ڪيو، هن ڄاڻايو ته سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙا هلائڻ جو سٺو وقت فيبروري، مارچ ۽ اپريل مهيني جو آهي، انهن مهينن ۾ ڏکڻ جون هوائون لڳنديون آهن. انهيءَ تجويز تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر حيدرآباد ۾ لڳايل درٻار بابت وڌيڪ تفصيل پنهنجي حڪومت کي موڪليا، هن ڄاڻايو ته سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي رهندڙ جاگيردار ۽ وڏيرا پڻ کاٻي ڪپ تي رهندڙ وڏيرن وانگر اسان جي حڪومت جا فرمانبردار آهن.
** 1895ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار اخبار ”آفتاب سنڌ“ شروع ڪئي وئي، جنهن جا باني ايڊيٽر حاجي عبدالرحمان ميمڻ ۽ شمس الدين بلبل هئا، انهيءَ اخبار سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن تائين اسلامي مقصدن جو دفاع ڪيو.
** 1900ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪوٽڙي پُل کي کوليو ويو، اهو پُل وارو رستو نه رڳو سنڌ جي شهرن لاءِ اهم هو پر پنجاب لاءِ به اهم ثابت ٿيو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ڀارت بارٽر سسٽم تحت واپار شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ورتو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سڄي ملڪ ۾ مختلف صحافتي تنظيمن طرفان سيڪيورٽي ايڪٽ خلاف احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واشنگٽن ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن تحت پاڪستان اهو چيو هو ته آمريڪي مفادن کي پنهنجي ملڪ ۾ تحفظ فراهم ڪندو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان جي بحران تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سڄي صورتحال کي غور هيٺ آندو ويو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدارتي ڪابينا ملڪ جي نئين گادي واري شهر اسلام آباد لاءِ ماسٽر پلان جي منظوري ڏني.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جي ايم سيد ۽ ممتاز دولتانه وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ون يونٽ واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ڀارت سان ڀارتي وزيراعظم طرفان ڏنل تڪراري بيان تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان وقت جي ڀارتي وزيراعظم پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي جو بيان ڏنو هو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سنڌ جي سمورن داخلي رستن جي ناڪابندي ڪندي وڏي پئماني تي آپريشن ڪيو ويو.
 

No comments:

Post a Comment