Monday 30 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th May) By: Dr. Pathan

** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي
 برطانوي سرڪار سنڌ جي گورنر کي صوبي
 ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر بمبئي
حڪومت کي رپورٽ موڪليندي ڄاڻايو ته جيڪي به
هندستاني سپاهي شڪارپور ڪينٽونمينٽ جي حدن
 کان ٻاهر ڪو ڏوهه ڪندا ته سندن خلاف پوليس
ڪارروائي ڪندي ۽ ڪيس هلائيندي.
ان تي ڪوبه اعتراض نه ڪيو ويندو.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ۾ مولانا عبدالماجد
 بدايوني جي سربراهي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس
 شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ مان ناليوارن خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رتوديرو ۾ ٻن
 ڏينهن واري هاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،
 جنهن ۾ نوان عهديدار پڻ چونڊيا ويا، هاري
 ڪاميٽي جو صدر حيدر بخش جتوئي،
 نائب صدر ون مولوي محمد معاذ، نائب صدر
 ٽو عبدالواحد سومرو، نائب صدر ٿري عبدالغفور
 جان سرهندي، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر
 محمد خان ۽ جوائنٽ سيڪريٽري مولوي عزيز
الله جروار کي چونڊيو ويو، جڏهن ته ورڪنگ
 ڪاميٽي ۾ غلام دستگير ۽ حڪيم دين محمد کي
لاڙڪاڻي مان کنيو ويو، دادو مان جي ايم سيد
۽ شوڪت علي مئنيجنگ ڪاميٽي جا ميمبر
 ٿيا، اهڙي طرح رئيس بروهي، خداداد ڀٽي،
 سيد محمد شاهه امروٽي، مولوي تاج محمد کوسو،
مولوي شير محمد، سواني ناگديو، جان محمد پلي،
 غلام محمد لغاري، مير محمد ٽالپر ۽ ٻيا پڻ ميمبر طور شامل ڪيا ويا.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راولپنڊي سازش
 ڪيس جي مک جوابدار رٽائرڊ ميجر جنرل
 اڪبر کي جسٽس محمد شريف جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان چيو ته
 پاڪستان کانسواءِ ڪوبه ٻيو ملڪ
ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهي.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت
 25 هزار بهارين کي پاڪستان اچڻ جي
 اجازت ڏني ۽ انهن مان اڪثريت
 ڪراچي ۾ رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش جي
صدر ضياءَ رحمان کي چٽاگانگ ۾ گوليون هڻي قتل
ڪيو ويو، گهر ٻاهران فائرنگ جو آواز ٻڌي
هن گهر جو دروازو کوليو ته مٿس سب مشين گن
سان فائرنگ ڪئي وئي، جاچ بعد معلوم ٿيو ته
 فوج جي هڪ گروپ سان تعلق رکندڙ اهلڪارن
 صدر کي گوليون هڻي ماريو، جنهن جو حڪم
ميجر جنرل منظور ڏنو هو، ميجر منظور بعد
 ۾ ماريو ويو، جڏهن ته فوجي عدالت 31 آفيسرن
 خلاف ڪيس هلايو، 12 آفيسرن کي موت جي
 سزا ٻڌائي وئي. صدر ضياءَ رحمان جي تدفين
ٻن ڏينهن بعد ٿي، آخري رسمن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ
 اسيمبلي ۾ وڏي وزير سيد مظفر شاهه
خلاف پي ڊي اي جي 37 ميمبرن
عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي.


No comments:

Post a Comment