Thursday 26 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th May) By: Dr. Pathan


* 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل
 سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر کي هدايتون جاري ڪيون
 ته سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ ڪراچي کي بڻايو وڃي،
جڏهن ته ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ گذري
 جي پهاڙين مان پاڻي حاصل ڪيو وڃي، ان سان گڏ ڪراچي
 ۽ حيدرآباد ۾ رابطو بحال رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد ايوب کهڙي
 ”سنڌ جا ڏک“ جي عنوان سان هڪ پمفليٽ لکي ورتو،
 جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته سنڌ هڪ آزاد ملڪ
 رهي آهي، جنهن جون تاريخي شاهديون موجود آهن،
 سنڌ جو پنهنجو ڪلچر ۽ سڃاڻپ رهي آهي، ان ڪري سنڌ
 کي گهڻي عرصي تائين بمبئي پريزيڊنسي جي ماتحت نٿو رکي سگهجي.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان مطالبو ڪيو
 ته حيدرآباد دکن رياست جي ماڻهن کي اهو حق ڏنو وڃي
 ته اهي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪن.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صحافتي تنظيم پي اين
 اي سي جي صدر پير علي محمد شاهه راشدي خلاف لاهور
 ۾ صحافين طرفان جلوس ڪڍيو ويو، صحافت
۾ صوبائيت جي اها شروعات هئي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم محمد علي بوگرا
 چيو ته برطانيا جي ڪشمير بابت ڀارت جي حمايت واري
 پاليسي تي پاڪستان کي شديد اعتراض آهن،
 جيڪڏهن برطانيا پنهنجي پاليسي تي نظرثاني نه
 ڪئي ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپن تي نظرثاني شروع ڪندو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ميجر جنرل
اسڪندر مرزا ايسٽ پاڪستان ۾ صدارتي راڄ لاڳو ڪري ڇڏيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي جي صدر
پير پاڳاري پاليسي بيان جاري ڪندي چيو ته پي اين اي
 حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر شرط اهو آهي ته مطالبا منظور ڪيا وڃن.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بيگم نصرت ڀٽو کي
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن چونڊيو ويو.
** 1981ع ۾اڄوڪي تاريخ تي اٽلي ۾ اسڪينڊل ظاهر
 ٿيڻ بعد وزيراعظم آرنلڊو فورلاني جي سڄي ڪابينا
استعيفا ڏئي ڇڏي، جنهن ڪري اتي بحران پيدا ٿي ويو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حزب الله طرفان فتح
 جو جشن ملهايو ويو، حزب الله جي سربراهه شيخ حسن نصرالله
جي سربراهي ۾ هزارين ماڻهن جي هڪ ريلي به ڪڍي وئي،
 جنهن ۾ لبنان جي هزارين ماڻهن کيس مبارڪون ڏنيون،
 ڇوته حزب الله جي جدوجهد سبب اسرائيل ڏکڻ لبنان تان
 هٿ کنيو، اسرائيل اهو واعدو ڪيو ته هو تڪراري زمين ۽ قيدي به لبنان جي حوالي ڪندو.




No comments:

Post a Comment