Saturday 28 May 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th May) By: Dr. Pathan

* 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سٽيزن ايسوسيئيشن
 حيدرآباد رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي صدر چونڊي
 ورتو، جڏهن ته مکي ڄيٺانند کي نائب صدر،
گوپال داس جهمٽ مل کي اعزازي سيڪريٽري،
 سرنانند کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڌرم داس
 بيلارام کي خزانچي چونڊيو ويو.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر ۾ مولانا تاج
 محمود امروٽي ۽ ويرومل بيگراج جي صدارت ۾ عدم
تعاون تحريڪ جي اهم اڳواڻن جي گڏجاڻي ڀائي نانومل
 جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ انگريزن خلاف
 هلندڙ تحريڪ جي حوالي سان فيصلا ڪيا
 ويا، سندن مخالفن اها گڏجاڻي متاثر ڪرڻ جي
 ڪوشش ڪئي هئي، جنهن ڪري ڪنهن کليل
 ميدان تي گڏجاڻي ڪرڻ بدران بند عمارت ۾گڏجاڻي ڪئي وئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولوي سر محمد يعقوب
سنڌ ۾ مسلم ليگ ڱي آرگنائيز ڪرڻ لاءِ سنڌي اڳواڻن
 سان رابطو ڪيو، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي
سيڪريٽري پير علي محمد راشدي سندس اپيل کي
 قبول ڪيو ۽ گڏ ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب ۾ ميان
ممتاز دولتانه ۽ شوڪت حيات جي استعيفائن سان
 ڪيترن ڏينهن کان جاري سياسي بحران ختم ٿي ويو.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪشمير بابت تڪراري
 تقرير ڪرڻ تي گرفتار ڪيل جماعت اسلامي جي
 اڳواڻ مولانا مودودي کي آزاد ڪيو ويو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ
سڪندر خان، پير غلام رسول شاهه، شفقت حسين شاهه
 ۽ مير احمد خان ٽالپر کي وڏي وزير پيرزاده عبدالستار
 طرفان پارلياماني سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آئين ساز اسيمبلي
 جون چونڊون 21 جون تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو
 ويو، جنهن ۾ پنجاب جون 21، ايسٽ پاڪستان
جون 40، سنڌ جون 5، اين ڊبليو ايف پي
 (خيبر پختونخواهه) جون 4، ڪراچي، خيرپور
 ۽ بلوچستان جي هڪ هڪ سيٽ رکي وئي.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غلام محمد بيراج
 (ڪوٽڙي بيراج) جون اٽڪل 5 هزار ايڪڙ
 زمينون ورهائڻ لاءِ اختيار حڪومت کي ڏنو ويو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا پاڪستان
 ۾ تربيلا ڊيم ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار
علي ڀٽو ڀارتي وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهرو جي آخري
 رسمن ۾ شرڪت لاءِ نئين دهلي پهتو، واضح رهي
 ته ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي ڪيترن ئي اڳواڻن جي
 وفات تي سندن آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي پر
 جڏهن ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي ته ڪنهن به اڳواڻ
 سندس آخري رسمن ۾ شرڪت نه ڪئي.







No comments:

Post a Comment