Wednesday 25 May 2016

BIRTHDAY WISH (1)

MY SON MUMTAZ WISHES ME BIRTHDAY


25 مئي 1945 ۾ حاجي گل محمد پٺاڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ گل حيات اداري جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.جنهن پنهنجي ابتدائي تعليم ادي اشرف،ادي زينب،ادي جنت۽ ادي شريفان جھڙنبهترين استادياڻين کان حاصل ڪئي.جنهن ايم اي جي ڊگري ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪري پنهنجي ڏاھپ جو ثبوت ڏنو.پوءِ پاڻ اسلاميہ ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيا.جتي پاڻ کي شوق ٿيو تہ ڪراچي ضلعي جي ادبي تاريخ تي ڪم ڪجي.جنهن تي اڳتي ھلي ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رھنمائي ۾ ” ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب ۾ حصو“ جي موضوع تي سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري مڪمل ڪيائون.ان بعد پاڻ 1985 کان 1990 تائين سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر طور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنائون.جتي پاڻ سنڌ جي 900 اديبن،عالمن،شاعرن ۽ سياسي سماجي ادارن جا فائل ترتيب ڏنائون پاڻ سنڌالاجي جي سلور جوبلي ۽ علامہ آ آ قاضي سيمينار ڪوٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيائون.پاڻ مختلف سبجيڪٽس ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ اڳواڻ آھن سندن سڀ کان وڏو ڪارنامو اھو آھي تہ دنيا جا پھريان اڳواڻ آھن جنهنجي رھنمائي ۾ پروفيسر امداد سھتي ڌاڙيلن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي.ان بعد اڪيلي سر پنهنجي مدد پاڻ گل حيات اداري جو بنياد وڌائون جيڪو ھاڻي وڏو علمي ادارو بڻجي چڪو آھي.ان سان گڏوگڏ پاڻ لاڙڪاڻالاجي جي عنوان ھيٺ ڀرپور ڪم ڪيو اٿن.پاڻ ڪيترائي ڪتاب بہ تصنيف ڪيا آھن جن ۾ آئينو ۽ اولڙو،مولاناعبيداللہ سنڌي،ادب۽ ماحول،آدرش رنگ،موتي مور ملوڪ جا،موتين مٺ ملوڪ،انگريز دور جي سياسي چرپر ۽ حاجي غلام حسين جي شخصيت شامل آھن.ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جيترو مواد ڪالاباغ ڊيم تي گڏ ڪيو آھي شايد اوترو مواد ڪنهن ٻئي وٽ نہ ملي .پاڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ڏاڍي محبت ڪندا آھن جنهنجو ثبوت اھو آھي کين کي ھر شخصيت جي ڄمڻ ۽ مرڻ جي تاريخ ياد آھي اوھان ڪاوش اخبار ۾ روز لکيل تاريخ جي دري پڙھندا ھوندا.اڄ سندن جنم ڏينھن آھي پاڻ جنم ڏينهن ملھائڻ بدران اڄ بہ سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌ جي ماڻھن لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن.بابا سائين اوھان اسان جو شان ۽ مان آھيو خدا پاڪ اوھان کي وڏي عمر عطا ڪري اوھان جي شانو اسان جي مٿان قائم ۽ دائم رھي.(ممتاز پٺاڻ)

No comments:

Post a Comment